ٿورا ڏينهن اڳي ھڪڙي دوست فيس بڪ تي پوسٽ رکي ته: “حيدرآباد شهر سٺ، ستر ۽ اسي جي ڏهاڪن ۾ سنڌين لاءِ اوپرو شھر ھو.“ پوسٽ رکندڙ دوست جيڪو تاثر ڏنو آھي اُھو اُن جو پنھنجو مشاھدو، تجربو يا تبصرو ٿي سگھي ٿو، پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ رھي آھي. مونکي حيدرآباد سنڌين لاءِ ڪڏهن به اوپرو ناھي لڳو، بلڪه سدائين سنڌين جو مرڪز نظر ايندو رھيو آھي، خاص طور تي ادب ۽ سنڌي صحافت جي لحاظ کان حيدرآباد سنڌ جو وڏو ۽ اهم شھر بڻيل رھيو آھي، جتي سڀ کان وڌيڪَ اخبارن توڙي ڪتابن جي اشاعت رھي. اھڙيءَ ريت تعليمي ادارن جي حوالي سان به سڄي سنڌ ۾ شاگردن جي پھرين ترجيح حيدرآباد رھي آهي. جيتوڻيڪ سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي ۽ ايل ايم سي (لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز) ڄامشوري جي حدن ۾ تعليمي آھن، پر انھن مادرِ علمين جا شاگردَ، استادَ توڙي ٻيو عملو 90 سيڪڙو حيدرآباد ۾ رھائش اختيار ڪندو آيو آھي. اھڙيءَ ريت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پڻ هميشه کان سنڌي تهذيب جو مرڪز رهيو آهي، اها اسٽيشن سنڌي پروگرامنگ لاءِ سڀ کان وڌيڪَ اھم رھي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو قيام 1955ع ۾ عمل ۾ آيو. جنهن جو افتتاح ، تڏهوڪي تعليم جي وزير پير علي محمد راشديءَ ڪيو هو. ريڊيو حيدرآباد جي ابتدائي عمارت ھومسٽيڊ ھال ھو، جتان اهو 1962ع ۾ پنھنجي موجوده عمارت ان ۾ منتقل ٿيو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌي نشريات جو بنيادي مرڪز رهيو. هن اداري نه رڳو پراڻين روايتن کي سنڀالي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو، پر ان دؤر جي گهرجن تحت سنڌي سنگيت، ثقافت توڙي ادب جي خدمت جو اهم ڪم پڻ انجام ڏنو. گڏوگڏ هي نشرگاهه نئين نسل لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اھم سکيا مرڪز پڻ رهيو. ڪيترائي نامور صداڪارَ، ميزبان، ليکڪ، ڊراما نويس، گيت نگارَ، پروڊيوسر ۽ موسيقار هتي متعارف ٿي اڳتي وڌيا، جنھن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي ادارو صرف نشرياتي مرڪز نه پر سنڌي فڪر ۽ تخليق جو مرڪز رهيو.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ابتدائي دؤر ۾ سنڌي نشريات محدود وقت لاءِ هلندي هئي، پر ان سان سنڌي ٻڌندڙن ۾ ريڊيو جو اثر غير معمولي وڌندو ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ خبرون، فيچر، تقريرون، زراعت، تعليم ۽ سماجي شعور بابت پروگرامن نه صرف ماڻھن کي آگاهي ڏني، پر انھن جي ٻولِيءَ ۽ ثقافت کي محفوظ رکڻ ۾ به اهم ڪردار نڀايو. هي اهو ئي دؤر هو، جڏهن ڪيترائي سنڌي ليکڪ، شاعـر، دانشور ۽ فنڪار ريڊيو سان لاڳاپجي ويا. ريڊيو حيدرآباد خاص طور تي سنڌي سنگيت جي حوالي سان هڪ اهم اڪيڊميءَ جو روپ اختيار ڪيو. ڪيترن ئي فنڪارن جو راڳ ۽ لوڪ ادب جو اظھار سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ريڊيو وسيلي پهتو. لوڪ رس، داستان، لطيفا ۽ به هوا جي ريڊيائي لھرن رستي هر گهر ۾ رسڻ لڳا، جنهن سنڌي سماج جي زباني ادب کي زنده ڪيو.حيدرآباد شھر جي قديم پاڙن ۾ پيشيور سڃاڻپ رکندڙ علائقا به اڄ تائين شامل آهن، جيئن: ڪوري، کٽي، کنڀاٽي، رنگريز، زري دوز، پاٽولي، زرگر، ميراثي، ميربحر، دايا، مڱڻھار، وينجَهر، چوڙيگر، ڦڻي گر، سراز، ڪمانگر يا نقاش، لوهار، ٺاٺارا ۽ ڪاسائي وغيره، جيڪي پنھنجو اصل وجود قائم رکيو اچن. اھڙيءَ ريت ڪلھوڙن ۽ ميرن جي دؤر جي مشيرن، اميرن ۽ خدمتگارن جي نالن پويان به پاڙا ٻڌجي ويا، مثال طور: ٽالپرن جي خدمتگار فقير جوڻيجي پنھنجو خاندان جتي آباد ڪيو، اھو علائقو ھن وقت ‘فقيرَ جو پِڙ’ سڏجي ٿو. نواب محمّد خان ٺوڙهي جي نالي پويان ڦليليءَ جي اوڀر طرف “ٽنڊو ٺوڙهو” آباد ٿيو، جيڪو شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جي جنم ڀومي هجڻ ڪري مشھور آهي. ڪلھوڙن جي شاھي حڪيم ۽ وزير آغا اسماعيل شاهه جي آباد ڪيل پاڙي جي نالي پويان ‘ٽنڊو آغا’ قائم ٿيو. ميرن جي خدمتگار محمّد يوسف جي نالي پٺيان ٽنڊو يوسف ٻڌو. اھي سڀ قديم وسنديون حيدرآباد کي اسان جو پنھنجو ٿيون بڻائين.
حيدرآباد منھنجي جنم ڀومي آهي. مون حيدرآباد کي 60ع واري ڏهاڪي ۾ ته ڪونه ڏٺو، پر 70ع، 80ع ۽ 90ع وارن ڏھاڪن ۾ ڏٺو. اسان جا قديم پاڙا شھر جي وچ ۾ توڙي ھر پاسي کان آباد آھن، جن سان لڳو لڳ اردو ڳالھائيندڙن جا علائقا به مليل آھن. جيتوڻيڪ ٻنھي لساني آبادين جُون بيشڪ ڌار ڌار ريتون رسمون آھن، پر حيدرآباد جي سمورن رهواسين جو مزاج ھڪجھڙو آھي. گهڻو ڪري سنڌي سماج جو اثر اردو ڳالھائيندڙن مٿان پيل نظر آيو آھي. حيدرآباد ۾ ٻنھي آبادين وچ ۾ سياسي مسئلن تي ڇڪتاڻ رھندي آئي آهي. منجهن اختلاف ۽ تڪرار به وڏي پئماني تي رھيا آھن، بدامنيءَ سبب حالتون به خراب رھيون آھن، پر پوءِ به حيدرآباد جي سنڌين کي اوپرائپ وارو احساس ڪڏهن به ڪونهي ٿيو، بلڪه اھڙي وقت ۾ ھُو پنھنجي وڌيڪ مالڪيءَ جا دعويدار ٿي اڳتي وڌيا آهن.1960ع واري ڏهاڪي ۾ ايوبي آمريت ۽ ون يونٽ خلاف مزاحمتي سرگرمين جو محور حيدرآباد شهر رھيو. چوٿين مارچ وارو تاريخي واقعو حيدرآباد ۾ ئي ٿيو ھو، جنھن ۾ راجپوتانه اسپتال ڀرسان شاگردن جي ريليءَ مٿان لٺبازي ڪري کين زخمي ڪري گرفتار ڪيو ويو. ان جي ردِعمل ۾ تحريڪ وڌيڪ سگھاري ٿي ۽ ايوبي آمريت کي پير پٺتي ڪرڻا پيا. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ گاڏي کاتي واري مُک چوڪ کي باباءِ سنڌ ــ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي نالي سان سرڪاري طور منسوب ڪري “حيدر چوڪ” جو نالو ڏنو ويو. 1986ع ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم نئين نئين ٺھي ھئي، ته ان جي ڪارڪنن حيدر چوڪ تي اردو ٻوليءَ جي اديبن شاعرن جا پوسٽر لڳائي قبضو ڪيو، جنھن جي ردعمل ۾ سنڌي نؤجوانن انھن پوسٽرن کي چوڪ تان ھٽائي ساڙي ڇڏيو. انھن وڳوڙن جو سلسلو ڊگھو ٿي ويو ۽ 1988ع کان وٺي 1992/93 تائين حيدرآباد ۾ رت جي راند جاري رھي. ڪيترائي ڀيرا شھر ۾ ڪرفيو لاڳو ٿيو. ان سڄي دؤر ۾ حيدرآباد جي اصلوڪن سنڌي پاڙن دليريءَ سان مقابلو ڪيو، بلڪه حيدرآباد ۾ ڦاسي پيل ويجهن توڙي ڏُورانھن شھرن جي سنڌين کي به حفاظت سان پاڻ وٽ رھايو ۽ سندن مھمان نوازي ڪئي.
اڄ به حيدرآباد جا قديم پاڙا اصلوڪن رهواسين سان قائم دائم آھن. باقي جن ماڻھن وڳوڙن دوران قاسم آباد ۽ شھر جي ڪنارن واريون آباديون عارضي طور تي وسايون، تن ماڻھن مان وڏو تعداد حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ڪونه ھو، پنھنجا گھر ۽ پراڻا پاڙا ڇڏي ويندڙ ڪٽنبَ ٿوري وقت کانپوءِ واپس موٽي آيا ۽ اڄ به انھن پاڙن کي وسايو ويٺا آهن. ڳالهه ڪرڻ جو مقصد ته حيدرآباد ڪالهه به سنڌين لاءِ اوپرو شھر نه ھو ۽ اڄ به ناھي.