سنڌ جو ناميارو دانشور يوسف شاهين گھڻ پاسائين شخصيت آهي، جنھن ھڪ ئي وقت ۾ شاعر، اديب، مؤرخ، صحافي، پبلشر، سياستدان ۽ ڪاروباري شخصيت طور سڃاڻپ ٺاھي. سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ شاھين صاحب جو نالو ان ڪري بہ وڏو اعزاز وارو آھي جو نوبل پرائيز لاءِ کين بار بار نامزد ڪيو ويو آھي. اڄ تائين ڪنھن به سنڌيءَ کي اھو اعزاز ناھي ملي سگھيو، جنھن تي سنڌ کي سدائين ناز رھندو. يوسف شاهين سنڌ سرزمين جو اھو تاريخدان آھي، جنھن سنڌي قوم جو تاريخ ۾ تشخص ۽ رتبو، ڏاھپ ۽ امن وارو ڏيکاريو آهي. پاڻ ڊگھي عرصي کان وٺي عالمي تاريخ تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. شاھين صاحب جيڪا تاريخ لکي آهي ان ۾ سنڌي قوم کي دنيا جي تھذيب يافتہ ھجڻ جا پختا دليل ڏنا آهن، جيڪي پڻ تاريخ مان ئي ثبوت کڻي پيش ڪيا اٿائين. ھُو جيترو بهترين شاعر آهي، اوترو ئي بهترين نثر نويس پڻ آهي، سندس سنڌي، انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ ٽيھن کان وڌيڪ ڪتاب لکيل آهن، جن مان ڪي ڪتاب عالمي سطح تي پڻ مڃتا ماڻي چڪا آهن. ھُن پنھنجي ھڪڙي ڪتاب ۾ دنيا جي ظالم حڪمرانن جي انسانيت سوز سزائن تي لکيو آهي، جيڪو پڙھي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. شاھين صاحب پنھنجن انگريزي ڪتابن جا موضوع مزاحمتي ملندا. پاڻ سڄي دنيا جي قومن، مذھبن ۽ تهذيبن جي تاريخ جو تمام ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ ۾ ھر وقت محنت ۾ رڌل آهن.
اڄ سنڌ جي ھن سپوت جو 87ھون جنم ڏينهن آهي. شاھين صاحب 3 اپريل 1939ع تي سنڌ جي قديم شھر نصرپور جي ھڪ پورھيت عبدالله دائود پوٽي جي گھر ۾ جنم ورتو. شاھين صاحب نصرپور مان ئي ٽي درجا انگريزي پڙهيو ۽ پوءِ ٽنڊو الهيار مان مئٽرڪ ڪيائين، جيڪا تنھن زماني ۾ ستن درجن تائين ٿيندي ھئي.
يوسف شاهين جيئن ته غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ ھو، تنھنڪري ٻاراڻي وهيءَ کان وٺي محنت ڪري اڳتي وڌڻ لڳو. ھُو پڙھڻ کان پوءِ پورھيو ڪندو ھو ۽ پنھنجو توڙي گھر وارن جو خرچ ھلائڻ لڳي ويو ھو. مئٽرڪ ڪرڻ کان ستت ئي پوءِ ٽنڊو الهيار ڪورٽ ۾ ڪاپيسٽ طور ڪم به ڪيائين ۽ 1957ع ڌاري خوراڪ کاتي ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿيو. ھُن جي جدوجھد تي ھڪ نظر وجھبي ته ساھي پٽڻ بغير زندگيءَ ۾ اڳتي وڌندو رھيو آھي.
شاھين صاحب 1961ع ۾ نوڪريءَ خاطر ڪراچي آيو ۽ ناليواري سياستدان ڄام صادق علي، جيڪو ان وقت فارين افيئرس فار رشيا جو پارلياماني سيڪريٽري هو، ڪجهہ مهينا ان جي سيڪريٽري طور ذميواريون سنڀاليائين. ڪجھه عرصي کان پوءِ ڪراچيءَ جي ڪينٽ اسٽيشن جي علائقي ۾ هڪ هوٽل تي رسيپشنسٽ طور نوڪري به ڪيائين، ھڪڙي سال کان پوءِ ياسين هوٽل تي مينيجر رهيو. ان کان پوءِ شاهراهه فيصل تي ھڪڙو گيسٽ هائوس مسواڙ تي وٺي ان کي 6 مهينن تائين هلايائين.
شاھين صاحب انھيءَ دور ۾ پنھنجو ڪاروبار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ڪامياب وئي. ھُن سپر هاءِ وي تي پنهنجي هوٽل کولي، ان مان کيس تمام گھڻو فائدو رسيو. بعد ۾ مختلف ڪاروبارن ۾ سيڙپ ڪيائين، جيئن حيدرآباد ۾ ڪتاب گهر به کوليائين، نوري آباد ۾ آئيس فيڪٽري لڳايائين، پولٽري فارم کوليائين ۽ بجليءَ جا پول ٺاهڻ جو ڪارخانو به هنيائين. يوسف شاهين اڻٿڪ محنت ڪري اھو ثابت ڪيو ته اھا محنت ڪڏهن به رائيگان نه ويندي آھي، ان سان گڏ ھُن پاڻ کي ڪاروباري شخص طور پڻ مڃرايو.
بحيثيت شاعر، شاهين صاحب جي شاعريءَ ۾ صوفي ازم، امن پسندي، قومي ولولو ۽ جذبو آهي. مون کي ياد آهي، ضيائي آمريت جا ڏينهن ھئا. لطيف سائينءَ جو ميلو ھو. موسيقي جي محفل پنھنجي رمز سان ھلندي رھي پر راڳ جي رونق پنھنجي پوري جوڀن تي ان وقت پھتي، جڏهن اڌ رات جو محفل جي آخري ۽ مکيه گلوڪاره عابده پروين، يوسف شاهين صاحب جو لکيل ڪلام ڳائڻ شروع ڪيو:
“متان ڏرو ڏاڍ کان، ڏاڍي ناھي ساھہ،
گھڙي پئو گھاڻي ۾، ٽوڙي ساھ پساھہ.”
تڏهن ڀٽ شاھہ جو ايڪسيلينسي آڊيٽوريم، اوپن ايئر ھو. آڊيٽوريم هال کان وٺي ٻاھرئين ميدان تائين، محفل کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارن جو انگ ھزارين ھو. ھن ڪلام جي دوران سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران جوشيلا نعرا به لڳڻ شروع ٿي ويا هئا. عابده پروين جي ڳائڻ جو انداز بي انتها عاليشان ھو پر ھن ماحول کي چوٽ تي چاڙھڻ وارو اصل ڪم ڪلام جي سٽن ڪيو ھو، جيڪي قومي جذبي ۾ ٻڏل ھيون. پنھنجي وقت ۾ ھي ڪلام تمام گھڻي مقبوليت ماڻي چڪو ھو، ھن ڪلام جي ڌن غلام حسين شيخ جي ٺاھيل ھئي. شاھين صاحب، سنڌ جي سرتاج شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي کان بيحد متاثر آهي، اھوئي سبب آھي جو سندن شاعريءَ جو انداز به لطيف سائينءَ جي ڪلام جھڙو نظر اچي ٿو. سندن ڪيترائي بيت لطيف سائينءَ جي ڪلام جو اولڙو ڀانئبا. جيئن ھن بيت کي ڏسو:
ڏنءُ لهي هن ڏيههَ تان، ڏُکَ پُون ڏري
هر هر اها هانءَ تي، اچي ڳالهه تري
ته ويڙهيچا وري، شل سکيا ڏسن ڏينهڙا.
اھو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناھي ته سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ يوسف شاهين جو شمار ٿئي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي تاريخ جي عڪاسي ٿئي ٿي. جڏهن ته تاريخ کان وٺي اڄ تائين سنڌ سان ٿيل ظلم ۽ زيادتي تي مزاحمت به ملي ٿي.
يوسف شاهين جو خيال سنڌي قوم جي نمائندگي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جو مطالعو ملي ٿو، ڄڻ ڪو تاريخي واقعو يا ڪردار ذهن ۾ فلمي پردي جيان نظر ايندو هجي جيئن تاريخ جي عاليشان ڪردار مخدوم بلاول کي ساريندي چوي ٿو:
“متان ڏرو ڏاڍ کان، ڏاڍي ناهه جھل،
کڻو صليب سر تي، مرڻ هيءَ مهل،
ڇڏيو سڌ ساهه جي، ڪنڌ رهي مَ ڪلَ،
هڻي هام هڪل، ڀر جھليو بلال جو.”
يوسف شاهين جي ڪلام ۾ سنڌ جو آواز آهي. هن هر سُر ۽ سِٽ ۾ جيترو ميٺاج ۽ رومانس نظر اچي ٿو، سنڌ جي ويرين خلاف اوترو ئي سخت ۽ مزاحمتي بڻجي بيٺل پڻ ملي ٿو. هيءُ حساس شاعر پنهنجي نج سنڌي لهجي ۾ عاليشان پيرائي ۾ موضوعن جي چونڊ ڪري ٿو. هن کي سنڌ جي مستقبل جو اونو آهي.
يوسف شاهين جي شاعري سنڌ لاءِ اتساهه ڏيندڙ اهڙو پيغام آهي جنهن سان مايوس بڻجي ۽ ڏاڍن جي ڦرلٽ جو شڪار بڻجي ويلن ۾ به همت ۽ طاقت جي آڪسيجن ملڻ لڳي ٿي. يوسف شاهين جي مزاحمتي انداز ۾، سنڌ تي ميري اک وجھڻ واري لاءِ لفظ مرچن جيان ٿا اکين ۾ لڳن. هو جديد دور ۾ به شاهه لطيف جي انداز ۾ ٿو ڪلام چوي، ڄڻ شاهين صاحب جي ذهن ۽ گمان ۾ لطيف سائين حاوي آهي:
“سُوري سڏ ڪري، سانگو ڇڏ ساهه جو
موٽڻ اٿئي مهڻو، وڃ نه پي پري
گھڙ ته ٿيئين گھوٽ، منجھان سِڪ سري
پنڌ وٺ پتنگ جي، منجھين مچ ٻري
لاهي اچ لاڳاپا، پرين پير ڀري.”
يوسف شاهين جي شاعري جديد زماني ۾ به سنڌ جي قومي امنگن موجب آهي. هن پنهنجي ذات لاءِ گل و بلبل ۽ حسينه جي زلفن تي ڪلام چوڻ کان بهتر ڄاتو ته مسئلن ۽ قوم بابت ڳالهه ڪيئن ڪئي وڃي. هن اهم موضوعن تي قلم کنيو آهي. مخدوم بلاول، شاهه عنايت، دودو، مارئي، مومل، وتايو فقير، منصور، ڀٽائي کان ويندي اڄوڪي دور جي ليڊرن، رهبرن، جمهوريت ۽ آمريت جا موضوع ملن ٿا. ھن جديد دور ۾ سنڌ کي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي زيور سان آراسته ڪيو، ڄڻ لطيف سرڪار جي انداز کي جيئارڻ جي ڪوشش ڪيائين.