سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.(شاھہ)
لطيف سائينءَ جو مٿيون بيت سنڌ جي سپوت سيد صبغت الله شاهه راشدي جي نالي ڪجي ٿو، جنهن کي سورهيه بادشاهه جي نالي سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. اڄ 20 مارچ ان عظيم اڳواڻ جي شھادت جو ڏينهن آهي، جنهن ڌرتيءَ خاطر ھر سوديبازي کي ٿڏي، سوليءَ کي قبوليو. ھُو حقيقي طور تي آزاديءَ جو وڏي ۾ وڏو اڳواڻ ھو، جنھن نظرياتي، شعوري ۽ ھٿياربند جدوجھد ڪئي. اھڙي جدوجهد ڪنھن نہ ڪئي، جنهن جي تاريخ گواھہ آھي ۽ جنھن جي دليريءَ کي پاڻ انگريزن مڃيو آهي.
ھُو جڏهن اڃان مس 14 ورهين جي ڄمار جو ٿيو تہ 1921ع ۾ کيس گادي نشين بڻايو ويو. اها سندس صلاحيت هئي جو گهٽ ڄمار هوندي ھُن وڏا ۽ اهم فيصلا ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو اڳتي هلي انقلابي اڳواڻ بڻجي ويو. سنڌ ۾ تڏھن انگريزن جو راڄ هو، ھنن پنهنجي مطلب ۽ مفاد وارا قانون ٺاهي رکيا هئا. کين اهو اندازو ڪونه هئو ته سنڌ ۾ ظلم خلاف صدين کان وٺي مزاحمتون هلنديون رهيون آهن ۽ سنڌي قوم اهڙا سگهارا اڳواڻ هميشه هر دؤر ۾ پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي ڌرتي تي ٿيندڙ جبر خلاف وڙهيا آهن. انگريزن کي پنھنجي دؤر ۾ ئي سنڌ ۾ ٿيندڙ بغاوت ۽ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو پئي.
پير صبغت الله شاهه راشدي انگريزن جي دؤر ۾ ٻين سڀني ڪردارن کان وڌيڪَ سگھارو ۽ جرئتمند اڳواڻ ھو. اھڙا اڳواڻ صدين ۾ جنم وٺندا آهن. هن سنڌ کي انگريزن جي غلاميءَ کان آجپو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. سندس جدوجهد ايتري ته سگهاري هئي جو انگريزن کيس خاموش ڪرڻ لاءِ لوڀ ۽ لالچ ڏئي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيا. انگريزن پير صبغت الله کي به لقب نوازڻ جي آڇ ڪئي ۽ انعام طور برطانوي بندوق موڪلي، جنهن تي پير صاحب چيو ته: ”سر“ جي لقب کان ”پير پاڳاري“ جو مليل لقب عزت وارو اٿم ۽ هٿيار اسان وٽ به گهڻا آهن.“
انگريزن جي حڪمت عملي ناڪام ٿي ته هنن پنهنجي پاليل گروهه کي سورهيه بادشاهه ڏانهن الڳ الڳ انداز ۾ موڪليو. خانبهادر، سر، نواب ۽ ٻين لقبن واريون اهم شخصيتون انگريزن پاران صبغت الله راشدي وٽ ويون پر سندس هڪ ئي مطالبو هو ته: ”انگريز سنڌ ڇڏين.“ جڏهن هر طرح جو حربو نه هليو، سهڪار نه ٿي سگهيو ته انگريزن حُر تحريڪ خلاف اُپاءَ سخت ڪيا. حُر مجاهدن کي چوکنڀو ڪرڻ لاءِ انعام اڪرام رکي سندن خلاف ڪم ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو ويو. صاف شفاف ڪردار رکندڙ صبغت الله راشدي کي انگريزن ھٿ ٺوڪئي، مضحڪہ خيز الزام ۾ گرفتار ڪيو، جيڪو اھو ھئو تہ پير صاحب ابراهيم نالي ڇوڪرو پيتيءَ ۾ بند ڪري رکيو آهي ۽ وٽانئس ٻارنهن رائفلون، ٽي عدد بندوقون، ٻه عدد پستول ۽ 25 هزار گوليون هٿ آيون آهن. اھا ھڪ سٽيل سازش ھئي، جيڪا 28 آگسٽ 1930ع تي عمل ۾ آئي، جنھن تي عدالت کيس 8 ورهيه سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي.
انگريزن سمجهيو هو ته صبغت الله راشدي جي گرفتاريءَ بعد ماحول ۾ ماٺار ٿي ويندي پر ”وطن يا ڪفن“ جو نعرو هڻندڙ حُر تحريڪ تيز ٿي وئي. انگريزن بہ پنهنجي پوري طاقت ڏيکاري ماڻهن کي گرفتار ڪيو. هڪ طرف اها صورتحال هئي ته ٻئي طرف صبغت الله راشدي ننڍي کنڊ جي نامياري وڪيل محمد علي جناح کي ڪيس وڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو. جنهن نهايت ذهانت سان ڪيس وڙهيو ۽ انگريزن کي قائل به ڪيو پر تنهن هوندي به هنن سورهيه بادشاهه کي سنڌ کان ٻاهر کڻي وڃي هندستان جي رتناگري جيل ۾ قيد ڪيو. جيل ۾ رهڻ دوران هن مطالعو ڪيو ۽ پنهنجن مريدن لاءِ ويڙهه جي حڪمت عملي تحريري انداز ۾ تيار ڪئي. اها ئي تحرير ”تنبيهه الفقراء“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ مشعل راهه بڻجي وئي. هن ڪتاب ۾ قرآن پاڪ جون سورتون، حديثون، بزرگن جا قول، جھاد ۽ ذاتي حڪمن تي ٻڌل مواد هو. قيد ۾ رهندي سورهيه بادشاهه جو رويو ۽ انداز اهڙو هو جو دشمن جا ماڻهو به سندس مريد بڻجي ويا. طبيعت ۾ نرمي ۽ قرب هر ملڻ واري کي سندس ويجهو ڪري ڇڏيندو هو. جيل ۾ رهڻ دوران محمد علي جناح سميت سر شاهنواز ڀٽو، سر غلام حسين هدايت الله، عبيد الله سنڌي سميت سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن سان سندن خط و ڪتاب ذريعي رابطو پڻ رهندو پئي آيو. انگريزن جيل ۾ ڪارڪردگيءَ جو سٺو رڪارڊ ڏسندي صبغت الله راشدي کي سزا مان ٻه ورهيه رعايت ڏيندي، 25 نومبر 1936ع تي آزاد ڪيو. هو انگريز سپاهين سان خيرپور ريلوي اسٽيشن تي پهتو، جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو.
صبغت الله راشدي جي آزادي کان پوءِ حُر تحريڪ اڳي کان وڌيڪ سگهاري ٿي اڀري. حُرن ”آزادي يا موت“ جو نعرو هنيو ته انگريزن کي ”آزادي“ ۾ سنڌ ۽ ”موت“ ۾ پنهنجو وجود ڏسڻ ۾ آيو. هنن حُرن جي تحريڪ کي چيڀاٽڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر ان جي رد عمل ۾ ريلون روڪيون ويون. سرڪاري دفترن کي هلڻ نه ڏنو ويو. گوريلا جنگ جي تربيت لاءِ مرڪز کوليا ويا. حُر فورس ۾ ھنگامي بنيادن تي ڀرتي شروع ڪئي وئي. ريل جون پٽڙيون اکيڙيون ويون، اوٻاوڙو، جيڪب آباد، روهڙي، شڪارپور، صادق آباد، رحيم يار خان ۽ بهاولپور تائين شدت سان هلچل مچي وئي. انگريزن به ڇاپا هڻي ڪارڪنن سميت عام شهرين ۽ ڳوٺاڻن کي به گرفتار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڪيترائي جيل ڀرجي ويا ۽ بعد ۾ خطري سبب قيدين کي پري پري وارن شهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. حُر مجاهد ۽ فقير پنهنجي سرواڻ جي حڪم تي شاهه لطيف جي
ھن بيت جيان جانثار بڻيل هئا:
سر جدا، ڌڙ ڌار، دوڳ جنين جا ديڳ ۾،
سي مَر ڪن پچار، حاضر جن جي هٿ ۾.
ڪيترن ئي حُرن کي ڦاهيون ڏنيون ويون، سرعام گوليون هنيون ويون، سورهيه بادشاهه جي پٽن شاهه مردان شاهه ۽ نادر علي شاهه کي انگريزن سزا طور پرڏيهه کڻي ويا. جيڪي الزام صبغت الله راشديءَ مٿان مڙهيا ويا، سي هيءُ هئا: ”انگريز سرڪار سان بغاوت ڪرڻ، حڪومت سان جنگ ڪرڻ، جنگ لاءِ عوام کي همٿائڻ، رياست اندر پنهنجي رياست قائم ڪرڻ، حڪومت خلاف سازشون سٽڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان رسائڻ.“ حُر تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ سنڌ ۾ 1942ع ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي وئي. پير صبغت الله راشديءَ جو عدالت ۾ ڪيس هليو. شاهدن ۽ گواهن ۾ فقط سرڪاري ملازمن کي پيش ڪيو ويو. هيءَ ڪارروائي هندستان ۾ رائج برٽش گورنمينٽ جي گورنر جنرل رچرڊسن هلائي، جيڪا يڪ طرفي ھئي. 14 جنوري 1943ع تي کيس حيدرآباد جيل آندو ويو. ساڳئي سال 20 مارچ تي کيس سولي تي چاڙهيو ويو. ڦاهيءَ جي ڳالهه راز ۾ رکي وئي هئي ته جيئن ماڻهو ممڻ نه مچائي سگهن. شهادت وقت سندس عمر چوٽيهه ورهيه هئي. سورھيہ بادشاهہ جي زندگيءَ جا چوٽيھہ سال، سنڌ جي صدين جي تاريخ ۾ کيس سدا حيات ڪري ويا.