سڀاڻي 10 جنوري آھي. اڄ کان پنجويهه ورهيه اڳي 2001ع ۾ سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ نوان ريڪارڊ قائم ڪندڙ فنڪار جلال چانڊيو وڇڙي ويو ھو. ان ڏينهن سندس لاڏاڻي جي خبر تي مداحن پاران جلال جي ڏوليءَ ۽ قبر تي پنج هزار کان مٿي اجرڪون پيون. ھُو 57 ورھين جي ڄمار ۾ گڙدن جي بيماريءَ سبب وفات ڪري ويو ھو.
سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪنھن حيرت انگيز طور تي پنھنجن مداحن جو تمام وڏو حلقو ٺاھيو آھي تہ اھو جلال چانڊيو آھي. جلال چانڊيي کان پھرين چپڙيءَ جو رواج ڪونه ھئو، جلال چانڊيي الڳ الڳ انداز سان چپڙي وڄائي وڌيڪ دلچسپ بڻايو. جلال چانڊيي جڏهن چپڙيءَ جو ٽرينڊ ڏنو ته مرد فنڪارن سان عورت فنڪارائن به چپڙي ۽ يڪتارو کڻي ڳائڻ شروع ڪيو.
چپڙي يا کڙتال سنڌ جو قديم ۽ نج ثقافتي ساز آهي، جنھن کي جلال چانڊيي جي ڪري پذيرائي ملي، نه ته ان کان اڳ ۾ ھي ساز سڀني کان وسريل ھو. چپڙي ضرب ۽ تار جي ادائگيءَ جو سادي ۾ سادو ساز آهي. قديم زماني ۾ سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ چپڙي پهرين چيڪي مٽيءَ کي بٺيءَ ۾ پچائي ٺاهي ويندي هئي ۽ پوءِ ڪاٺ مان ٺاهي وئي. فنڪار ڳائڻ سان گڏوگڏ ساز جي مدد وٺڻ لاءِ، هڪ هٿ سان چپڙي يا کڙتال وڄائيندو آهي ۽ ٻئي هٿ سان يڪتارو وڄائيندو آهي.
جلال چانڊيي جي فن جو سفر جھنگ جھر ۾ مال چارڻ کان شروع ٿيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تائين وڃي پھتو. جلال چانڊيي جو پيءُ فيض محمد چانڊيو ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال جو ھڪ مالوند ماڻھو ھو. جلال جڏهن اڃا ننڍو ھو ته ھُو مال چاريندي ڳائيندو ۽ جهونگاريندو وتندو هو. ان کان پوءِ ھُن سيلن تي ھلندڙ ھڪڙو ننڍڙو ريڊيو وڏي شوق سان خريد ڪيو، جيڪو ھر وقت ٻڌندو رھندو ھو. ھُو جڏهن پڙهڻ ڏانهن راغب نه ٿي سگهيو، تڏهن والد کيس نوان جتوئي ۾ درزڪو ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو. ان وقت جلال جوانيءَ جي دھليز تي پير رکي چڪو هو ۽ تڏھن ئي کيس عشق جو ڌڪ لڳو. ھُن درزڪو ڪم ڇڏي ڳائڻ شروع ڪيو. جلال چانڊيي جي فني زندگيءَ جي شروعات اتان ٿي.
ھُن راڳ جي باقاعدي سکيا ميرپور ماٿيلي جي مقامي گلوڪار فقير علي گل مهر کان ورتي. سال 1973ع ۾ جلال چانڊيو ھڪ نئين گلوڪار جي حيثيت سان باقاعده منظر عام تي آيو. يڪتاري ۽ چپڙيءَ سان ھڪڙو نئون انداز متعارف ڪرايائين، جيڪو سڀني کي وڻندڙ لڳو ۽ آھستي آھستي سندس مقبوليت ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ھُن گائڪيءَ ۾ به پنھنجي منفرد سڃاڻپ ٺاھي. جلال کي ٻھراڙيءَ جو نمائندو ڳائڻو به سڏيو ويو. مون کي چڱي طرح ياد آهي، اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ ڀٽ شاهه تي لطيف سائينءَ جي ميلي تي، آخري ڏينهن واري راڳ جي محفل ۾ جڏھن جلال چانڊيي کي اچڻو ھو ۽ رات جا ٻه ٿي رھيا ھئا، تڏھن به ماڻھن جا انبوھہ آڊيٽوريم ۽ ان کان ٻاھر تائين سندس انتظار ۾ بيٺل ھئا. ان وقت ممتاز مرزا جي بدران ثقافت کاتي جو سيڪريٽري عبدالحميد آخوند پاڻ اسٽيج تي اچي ويو ۽ جلال کي سڏڻ کان اڳواٽ چيائين ته: “جنھن فنڪار سنڌ مان ھندستاني گانن جون ڪيسٽون ٽيپ رڪارڊرن مان ڪڍائي ڦٽي ڪرايون، جنھن جو آواز پري پري تائين ٻنين ۾ ھارين جي ٽريڪٽرن مان ٻڌڻ ٿو اچي، ھاڻي اوھان جي انتظار جون گھڙيون پوريون ٿيون، اسٽيج تي اچي ٿو يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بادشاهه جلال چانڊيو.”
جلال اڌ مني ڪلاڪ کان وڌيڪَ ڪلام ٻڌايا پر ان کان پوءِ به ماڻھن جو ديوانا وار اصرار ھجي تہ جلال وڌيڪ ڳائي. سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ جلال چانڊيو مقبوليت جي حوالي سان اھو فنڪار آهي، جيڪو زندگيءَ ۾ جيترو مشهور ھو، اوتروئي لاڏاڻي کان پوءِ به مقبول آهي. اڄ جلال ناھي پر ان کان متاثر ٿيل ڪيئي گلوڪار، نه فقط گائڪيءَ ۾ جلال چانڊيي جو انداز قائم رکيو پيا اچن پر جلال سان جڙيل نالو ۽ حليو به قائم رکيو پيا اچن.
سنڌ کي اھڙا فنڪار گھٽ نصيب ٿيا ھوندا، جيڪي مقبوليت ۾ وڏا ريڪارڊ قائم ڪري ويا. جلال چانڊيو واحد سنڌي فنڪار ھو، جنهن ڏھن هزارن کان وڌيڪ ڪلام ڳايا. سندس ڪيترائي ڪلام مشھور ٿيا، جن مان ڪجھہ ھيءُ آھن:
هل نه مٺو ايڏي لوڏ ڪري، جھڙي اٿئي مست جواني، لُٽ ڏتي اي دل ساڊي، جتن لاءِ جيڏيون ڏونگر ٿي ڏوري، چيم آخر ٻڌي هٿڙا، ڪندي ياد تو کي، هلڪي هلڪي چانڊوڪيءَ ۾، اڄوڪي رات رهي پئو، ڪيڏي دير ڪري پوءِ ٿا يار اچو.
آڊيو ڪيسٽ ڪمپنيون جلال چانڊيي کي ايڊوانس ۾ بڪ ڪري ڇڏينديون ھيون ۽ ڪا نئين آڊيو ڪيسٽ اڃا رليز ٿيندي ھئي ته ٿورن ڏينهن ۾ اھو واليم مارڪيٽ ۾ تڪڙو وڪرو ٿي ويندو هو. حيدرآباد ۾ ھڪڙي ڪيسٽ ڪمپني جو اسٽوڊيو فقير جي پڙ کان شاھي بازار واري رستي جي وچ ۾ ھوندو ھو. منھنجي خوش نصيبي جو سنڌ جي ھن قداور فنڪار سان ان اسٽوڊيو جي ويجھو ملاقات ٿي. ھُو پيرين پنڌ وڃي رھيو ھو، جو فقير جي پڙ ۾ گاڏي ھلائڻ جي گنجائش ناھي ھوندي. ھُن جو عاليشان انداز اڄ به منهنجي يادگيرين ۾ محفوظ آهي. بوسڪيءَ جو وڳو پھريل جلال چانڊيو، قميص جا سڀ بٽڻ کليل جنهن مان ٻہ ٽي ٿلھيون سونيون چينون پئي چمڪيون. آڱرين ۾ منڊيون پاتل، مٿي تي آرسين واري ڳاڙهي سنڌي ٽوپي، ھٿ ۾ گولڊن ڪلر جي واچ ۽ اکين تي ناسي چشمو ھئس. آئون ۽ ادا فدا علي مرزا (ممتاز مرزا جو فرزند) صبح جو سوير فقير جي پڙ مان گذري رھيا ھئاسين تہ ادا فدا علي مرزا اوچتو سامهون کان نمودار ٿيندڙ جلال چانڊيي کي ڏسي کيس سلام ڪيو. جلال کي شابس ھجي جو روزانو سوين ماڻھن سان ملڻ باوجود کيس ياد ھو ته ھُو ممتاز مرزا جو پٽ آهي ۽ ڀٽائيءَ جي ميلي تي ملندو رھندو آھي. جلال تمام پاٻوهه مان اسان سان مليو ۽ بيٺي بيٺي به ھُن کي ماڻھن گھيرو ڪري ويجھي کان ڏٺو پئي.
جلال چانڊيو سنڌ جو اھو فنڪار ھو، جنھن جي زندگيءَ تي فلم ٺھي، جنھن ۾ پنھنجو ڪردار پاڻ ڪيائين. اھڙي طرح ھُو گلوڪار سان گڏ فلمي اداڪار به بڻجي ويو. 1985ع ۾ رليز ٿيندڙ هن فلم جو نالو ”جلال چانڊيو“ ھو. فلم جو هدايتڪار شاهه اسد، پروڊيوسر مظفر حسين ۽ موسيقار فيروز گل هو. فلم ۾ جلال چانڊيي سميت مشتاق چنگيزي، شهناز ڀٽي، شهزادي، لـطـيـف مـنـو ۽ محمود صديقي ھئا. جلال چانڊيو سنڌي موسيقيءَ کي منفرد سڃاڻپ ڏني، سندس انداز ۽ آواز اڄ به ساڻس محبت ڪندڙ فنڪارن ذريعي موجود آهي.