پنھنجو ڪالم … ٿيٽر جو عالمي ڏينهن: ھند ۽ سنڌ ۾ ٿيٽر جي شروعات … طارق عزيز شيخ

                 ٿيٽر جو عالمي ڏينهن هر سال 27 مارچ تي ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد سڄي دنيا ۾ ٿيٽر جي اهميت کي اُجاگر ڪرڻ، ثقافت کي محفوظ ڪرڻ ۽ ٿيٽر ذريعي چڱائي ۽ برائي کي پرکڻ آھي. ٿيٽر جو اسان جي سماج ۾ فن ذريعي جيڪو مضبوط ڪردار رھندو آيو آهي، سو اصلاح ڪرڻ آھي. ھيءَ اھڙي سگھاري تخليق آهي، جنھن سان معاشري ۾ تمام تڪڙو پيغام پھچي ٿو ۽ ان جو نفسياتي اثر پڻ سٺو پوي ٿو.

                 اڄڪلھہ جو الميو ھي آھي تہ ٿيٽر جي اھميت، ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽجي وئي آھي. اڄ جي نسل ۾ ٿيٽر جي نالي ماتر دلچسپي وڃي بچي آھي. حقيقت ۾ ان جو انداز ۽ رخ تبديل ٿي ويو آهي. موبائيل فون، سوشل ميڊيا ۽ جديد ٽيڪنالاجي ماڻهن جي تفريح جا ذريعا بدلائي ڇڏيا آهن، جنهن سبب ٿيٽر کي چئلينج ضرور آڏو آيا آهن، پر ان جي اهميت مڪمل طور تي ختم نه ٿي آهي. اڄ جي نوجوان نسل جو ڌيان مختصر ۽ تيز مواد ڏانهن وڌيڪ آهي. ٽڪ ٽاڪ، فيس بُڪ، يوٽيوب وغيره جهڙيون ايپس ماڻهن کي سيڪنڊن ۾ وندر مهيا ڪن ٿيون، جڏهن ته ٿيٽر هڪ ڊگهي، سنجيده ۽ وقت طلب تفريح آهي، تنهنڪري نوجوانن کي ان طرف آڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ٿيٽر جو مقابلو هاڻي صرف سينيما يا ٽي وي سان ناھي، پر سڄي ڊجيٽل دنيا سان آهي. هتي هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته ٿيٽر جو پنهنجو هڪ منفرد حسن آهي، اهو “زنده فن” (Live Art) آهي، جتي اداڪار ۽ ڏسندڙ سڌي ريت هڪ ئي جاءِ تي گڏ هوندا آهن.

ٿيٽر پنھنجي عاليشان تاريخ رکي ٿو، جنهن ۾ صدين تائين ڪيترائي دؤر گذريا ۽ ٿيٽر جي فن ۾ ترقي آئي. ٿيٽر جي شروعات قديم زمانن ۾ ٿي، جڏهن انسان پنهنجن جذبن، ڪهاڻين ۽ مذهبي عقيدن کي اظهارڻ لاءِ اجتماعي نموني سان اداڪاري ڪرڻ شروع ڪئي۔ سڀ کان پھرين 2500 قبل مسيح ۾ مصر مان ان جي ابتدا ٿي، ان کان پوءِ روم ۽ يونان ۾ آيو ۽ ان کي ڪامياب بہ يونانين ڪيو. ان کي ‘ٿيٽر’ نالو بہ يونانين ڏنو، جنهن جي يوناني ٻوليءَ ۾ معنيَ آهي ‘ڏسڻ’. قديم يونان واري دؤر ۾ ٿيٽر مذهبي ڏڻ دوران ڪيو ويندو هو، جنھن ۾ ابتدائي طور تي مذهبي شاعري کي پيش ڪيو ويندو ھو پر پوءِ مذھبي عقيدن جون روايتون ۽ ڪهاڻيون پيش ڪيون ويون. انهن ٿيٽر ڊرامن ۾ ديوتائن، ۽ پيروڪارن کي نمايان ڪيو ويندو هو. يونان پنھنجي ٿيٽر جي تاريخ ۾ تمام گهڻو شاھوڪار ھو. اتان کان سڄي دنيا ۾ ٿيٽر کي پذيرائي ملي ۽ مذهبي اسٽيج ڊرامن کان پوءِ ٻيا ثقافتي ۽ تفريحي ڊراما شروع ٿيا.

اھڙي طرح سنڌ ۽ ھند ۾ ٿيٽر بابت ويدڪ دؤر ۾ ڄاڻايل آهي. ويدڪ دؤر يعني آرين جو دؤر جيڪو پندرنهن سئو سال قبل مسيح آھي. سنڌ ۾ تہ پنج ھزار سال اڳ جيڪي موھن جي دڙي وارا آثار مليا آهن، انھن ۾ ناچڻي ڇوڪريءَ جو مجسمو رقص ۽ موسيقيءَ ھجڻ جو ثبوت آهي. ھندستان ۾ ٿيٽر سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ٿيندا هئا، جيڪي ڌرمي بنياد تي آڌاريل ھوندا ھئا ۽ انھن ۾ به ڪاليداس جا لکيل ٿيٽر مشھور ھئا.

ٿيٽر جي تاريخ ۾ جيڪو ترقيءَ وارو دؤر آيو، اھو سورھين صديءَ ۾ برطانوي ٿيٽر وارو زمانو هو. ان جو سڄو سارو ڪريڊٽ شيڪسپيئر کي وڃي ٿو، جنهن جي ڪري اھو ٿيٽر جو سونھري دؤر بڻجي ويو. شيڪسپيئر کي انگريزي ٻوليءَ جو قومي شاعر ۽ عظيم مصنف قرار ڏنو ويو آهي. شيڪسپيئر 1592ع ۾ ھڪ ٿئيٽر ڪمپنيءَ سان روزگار جي سلسلي ۾ سلهاڙجي ويو ھو، جنھن لاء ڊراما لکندو هو. اتان ئي سندس ڊرامن کي پذيرائي ملي ۽ ايتري قدر مقبوليت ملي جو 30 ھزار ماڻھو ھڪ ئي وقت ۾ ٿيٽر ڏسڻ ايندا هئا. ھُو ھڪ ئي وقت ۾ ٿيٽر جو منتظم بہ ھو. ليکڪ، هدايتڪار ۽ اداڪار بہ ھو. اھو ٿيٽر “دي گلوب” نالي لنڊن ۾ ھو، جيڪو ڪاٺيءَ جي گول ڍانچي وارو ھو. اھو ٿيٽر اصل ۾ ڪمپني جي مالڪ لارڊ چيمبر لينز مين جو گھر ھو. ھن جي ڊرامن جا مڪالما ايترا ته مقبول ٿيا جو بعد ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ مثالن ۽ چوڻين طور استعمال ٿيڻ لڳي ويا. جيئن سندس هيءُ مشهور مڪالمو سڄي دنيا جي ادب ۾ اھميت ماڻي ويو: “سڄي دنيا هڪ اسٽيج آهي ۽ اسان ان جا اداڪار آهيون. ھتي ھر ھڪ جي اچڻ ۽ وڃڻ جو وقت آهي.”

شيڪسپيئر جي ڊرامن جا موضوع، تاريخ، رومانيت، مزاح ۽ تجسس رهيا. سندس مقبول ڊرامن ۾ روميو جوليٽ، ھيمليٽ، ڪنگ ليئر، ھينري، جوليس سيزر، مرچنٽ آف دي وينس، ڪنگ جان، ٽويلٿ نائيٽ، دي ٽئمپسٽ، انٿوني اينڊ قلوپطرہ، اي مڊ سمر نائيٽ، ڪاميڊي آف ايرر ۽ ايز يو لائيڪ سميت ڪيترائي ڊراما تيزيءَ سان ڪاميابي حاصل ڪندا هئا. ھئمليٽ ته اھو ڊرامو ھو، جنھن تي 15 ھزار کان وڌيڪ مضمون، ترجما ۽ ڪتاب لکجي چڪا آهن.

سنڌ ۾ ٿيٽر انگريزن جي دؤر ۾ شروع ٿيو. تعليمي ادارن ۽ ھندن جي ناٽڪ منڊلين جي ڪري ٿيٽر کي سٺي ھٿي ملي. سوين ٿيٽر اڪئڊميون ٺھي ويون، جن جي ذريعي ڪيئي ليکڪ ۽ اداڪار فن جي شروعات ڪري اڳتي وڌيا. اڄ جديد دور ۾، ٿيٽر ۾ ٽيڪنالاجي سان نيون جدتون آيون آهن، جيڪي ڊرامن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائين ٿيون. اڄ ٿيٽر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٿيٽر کي زنده رکڻ وارن ليکڪن، ھدايتڪارن ۽ فنڪارن کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.