اڄ سنڌ جي سڄاڻ خاتون، نامياري محققه ڊاڪٽر درشهوار سيد کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. اڄ سندن 28ھين ورسي آھي. ڊاڪٽر صاحبه جڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر بڻجي آئي ھئي، تہ اچڻ ساڻ، ھڪ ئي وقت ۾ ڪيئي پروجيڪٽ شروع ڪري ڏنائين، ڄڻ جستجو جي انتظار ۾ ھجي ۽ لطيف چيئر ۾ فقط وڃڻ جي دير ھئس.
شاھہ لطيف چيئر جو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ٿيڻ به وڏي ڪاميابيءَ جھڙي ڳالهه آهي. 1986ع ۾ تڏهوڪي سنڌ جي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه جي حڪم تي لطيف چيئر قائم ٿي پر ان جو پھريون ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر اياز قادري ھڪڙو سال تاخير سان 1987ع ۾ مقرر ڪيو ويو ھو. دراصل ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاھہ لطيف چيئر قائم ڪرڻ لاءِ جڏهن وائيس چانسلر جميل جالبي کي چيو ويو ته انھي چيئر قائم ڪرڻ جي پروسيس ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪري، مختلف حيلا بھانا پئي ڪيا ته جيئن لطيف چيئر کي قائم نه ٿيڻ ڏجي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌين کان سواءِ باقي سڀ قابل قبول آهن، اھو ھڪڙو مائينڊ سيٽ ٺھيل آھي، جيڪو اڄ تائين ھر دؤر ۾ نظر ايندو رھيو آھي. لطيف چيئر جي ڀيري به انتظاميه اھا ڪوشش ڪئي پر حڪومت پاران زور پيو ته مجبوريءَ ۾ ھڪڙي ڪنڊ ۾ ٽي ڪلاس روم ڏئي، ان ۾ دفتر قائم ڪيو ويو. حقيقت ۾ لطيف سائينءَ جھڙي آفاقي شاعر جي ڪلام تي تحقيقي اداري لاءِ الڳ عمارت قائم ڪرڻ گھرجي ھا.
قادري صاحب باني ڊائريڪٽر طور لطيف چيئر ۾ پنجن ورھين وارو ابتدائي عرصو يونيورسٽي انتظاميا سان معاملن کي ٺاھڻ ۾ گذاريو ۽ گڏوگڏ شاھہ لطيف جي ڪلام تي شاگردن کي پي ايڇ ڊي ڪرائڻ سان متحرڪ ٿي ويو ته جيئن يونيورسٽي انتظاميه کي ڪو اعتراض ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهي.
ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي مدت مڪمل ٿي ته سنڌ جي تڏهوڪي گورنر محمود اي هارون جيڪو سنڌ جي يونيورسٽين جو چانسلر پڻ ھو، ان جي حڪم تي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي اسسٽنٽ پروفيسر، ڊاڪٽر درِشهوار سيد کي لطيف چيئر لاءِ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. آزاد قاضي ۽ محمد خان شيخ ريسرچ آفيسر مقرر ٿيا، جڏهن ته اڳوڻي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر اياز قادريءَ کي لطيف چيئر ۾ پروفيسر ايڊوائيزر مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر درشهوار سيد 1991ع کان وٺي 1996ع تائين پنج ورهيه شاھہ لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر رھي. ان دوران اداري پاران سيمينار، ورڪشاپ ۽ تحقيقي ڪتابن جي اشاعت ڪئي وئي. هن پنهنجي دؤر ۾ 7 ڪتاب شايع ڪرايا ۽ ھر ڪتاب اھميت جوڳو ڇپرايو. انھن ڪتابن ۾ سڀ وڏو ڪم چئن ٻولين ۾ شاھہ جو رسالو آڻڻ ھو.
ڊاڪٽر صاحبه “شاهه جو رسالو” چئن ٻولين وارو جڏهن سهيڙيو، ته اھڙو منفرد شاھہ جو رسالو ٻيو نظر نه آيو، ڇاڪاڻ ته ھن ھڪ ئي رسالي ۾ چئن ٻولين ۾ ڪلام موجود ھو. ڊاڪٽر درشهوار سيد پاڻ به انگريزي، اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين جي ڄاڻ رکندي هئي پر تنھن ھوندي به ھن چئن ٻولين واري شاھہ جي رسالي لاءِ ھر ٻوليءَ جو مستند ۽ معياري ترجمو شامل ڪيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو ” شاھ جو رسالو“ مقرر ڪيائين ۽ ان جا پھريان ٽي سُر چونڊيائين. باقي ٽن ٻولين لاء فارسيءَ ۾ ترجمو نياز ھمايوني جو، انگريزيءَ ۾ امينہ خميساڻيءَ جو ترجمو ۽ اردوءَ ۾ آغا سليم جو ترجمو شامل ڪيائين. ھي رسالو علمي ادبي حلقن ۾ تمام گھڻو ساراھيو ويو ۽ پنھنجي الڳ سڃاڻپ ٺاھيائين. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ھن پروجيڪٽ کي ڊاڪٽر درشهوار سيد جو مدو پورو ٿيڻ کانپوء ختم ڪيو ويو. جيڪڏهن چئن ٻولين واري شاھہ جي رسالي جو سلسلو جاري رکيو وڃي ھا، ته اڄ شاھہ سائين جا سمورا سُر مڪمل ٿي وڃن ها.
ڊاڪٽر درشهوار سيد جي سربراهي ۾ چيئر پاران ڇپايل ٻين ڪتابن ۾ “ڪشف الابيات”، “شاهه لطيف: شاعري اور فڪر(اردو)”، “شاهه لطيف جي موسيقي”، “تحقيق جو طريقيڪار”، “شاهه لطيف جي ببليو گرافي” ۽ “شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ مطالعو” جھڙا اھم ڪتاب شايع ٿيا.
1995ع ڌاري لطيف چيئر پاران ڊاڪٽر درشهوار سيد “تحقيق جو طريقيڪار” جي عنوان سان تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرايو ھو، جنهن ۾ ملڪ جي ناميارن اسڪالرن تحقيقي طريقيڪار بابت اهم ليڪچر ڏنا ھئا. بعد ۾ اھي سمورا ليڪچر ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا ويا. ڊاڪٽر درشهوار سيد ھن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو ته “تحقيق کان پهريان تربيت جي ضرورت پوندي آهي، جنهن تي اسان وٽ بنهه گهٽ توجهه ڏنو ويندو آهي.”
ڊاڪٽر درشهوار سيد تحقيق جي حوالي سان هڪ ٻيو ڪتاب “شاهه لطيف تي تحقيق” جي عنوان سان شاهه لطيف چيئر پاران ساڳئي سال يعني 1995ع ۾ شايع ڪرايو، جيڪو ورڪشاپ ۾ عالمن ۽ محققن جي ڏنل ليڪچرن تي مشتمل هو. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ “شاهه لطيف تي تحقيق جا ڪجهه پهلو”، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي “لطيف جي سُر جي سمجهاڻي”، ڊاڪٽر غلام علي الانا “ايڪيهن صدي ۽ لطيف شناسي لاءِ نيون سوچون”، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو “شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق”، شيخ عزيز “شاهه لطيف جو پيغام”، شيخ محمد اسماعيل “شاهه عبداللطيف ۽ سندس ڪلام”، ڊاڪٽر درشهوار سيد “صوفي سلسلا ۽ شاهه لطيف” ۽ ڊاڪٽر اياز قادري “شاهه عبداللطيف جي شاعري ۽ ان تي تحقيق” جي موضوعن تي ليڪچر شامل آهن.
ڊاڪٽر درشهوار سيد، سنڌ جي قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي نياڻي ھئي پر پاڻ ڪڏهن به سياست ۾ دلچسپي ڪانه ڏيکاريائون. ھوءَ فقط تعليم ۽ تحقيق سان جڙيل رھي. ڊاڪٽر درشهوار سيد کي ننڍپڻ کان وٺي تعليم سان لڳاءُ رهيو ھو. سائين جي ايم سيد جڏهن پنهنجي نياڻيءَ کي ابتدائي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڳوٺ ۾ پڙھائڻ جو ارادو ڪيو، تڏھن ورھاڱي سبب تعليمدانن جو وڏو تعداد لڏپلاڻ لاءِ سنڌ ڇڏي ھند ھليو ويو ھو. ان وقت ڊاڪٽر درشهوار سيد جي ڄمار مس اڃا ستن اٺن ورھين جي ھئي، پر سائين جي ايم سيد نياڻيءَ کي ڳوٺ مان ڪراچي آڻي اسڪول کان يونيورسٽي تائين پوري تعليم ھتان ئي حاصل ڪرائي.
سائين جي ايم سيد ھميشه سنڌي نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ جي حق ۾ ڳالھائيندو ھو ۽ عملي طور تي پنهنجي نياڻيءَ کي نه صرف اعليٰ تعليم ڏيارايائين بلڪه پي ايڇ ڊي لاءِ سندن ھمت افزائي پڻ ڪيائين. ڊاڪٽر درشهوار سيد برطانيه جي ايڊنبرا يونيورسٽيءَ (جنھن کي يونيورسٽي آف ايڊنبرگ پڻ چوندا آهن) مان 1984ع ۾
“Universal Message of Shah Abdul Latif”
جي عنوان هيٺ پي ايڇ ڊي ڪئي، جيڪا ٿيسز سنڌي ادبي بورڊ 1986ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪئي. ڊاڪٽر صاحبه پھرين سنڌي عورت ھئي، جنھن پرڏيھہ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. ڊاڪٽر درشهوار سيد تحقيق جهڙي موضوع کي تمام گهڻي اهميت ڏني ڇاڪاڻ ته ان وقت اھوئي موضوع باقي موضوعن کان پٺتي پيل هو.
ڊاڪٽر درشهوار سيد 21 مارچ 1940ع کان 26 ڊسمبر 1997ع تائين57 سالن واري زندگيءَ جي سفر ۾ علمي جستجو ڪندي رهي ۽ تحقيق لاءِ راھون هموار ڪري وئي، ان ڪري کين ھميشه ياد رکيو ويندو.