پنھنجو ڪالم … ڪتابن جو عالمي ڏينهن ۽ مطالعي جو گھٽجندڙ رجحان … طارق عزيز شيخ

                 اڄوڪي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري تيز رفتار دؤر ۾ مطالعو تہ ٿئي ٿو پر ڪتاب جو رجحان گھٽجي ويو آھي، جڏهن ته انساني سرگرمين ۾ ڪتاب جو مطالعو هڪ اهم سرگرمي سمجھيو وڃي ٿو۔ ڪتاب پڙهڻ جي اهميت ۽ فائدن بابت برطانيه جي ھڪ تحقيقي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته: “ڪتاب پڙهڻ انسان کي ذهني بيمارين کان بچائيندو آهي ۽ ٽينشن کي گهٽ ڪندو آهي۔”

                 سٺا ڪتاب زندگيءَ تي تمام سٺا اثر ڇڏين ٿا، خاص طور تي ادب انسان جي مزاج ۾ نرمي پيدا ڪري ٿو۔ ذهن تي خوشگوار ۽ صحت مند اثر ڇڏي ٿو۔ مطالعو ڪرڻ سان انسان جي مثبت ۽ مضبوط سوچ پيدا ٿئي ٿي۔ ڪتاب پڙهڻ سان انسان ۾ دليل سان ڳالهائڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي۔ اڄ جيڪڏهن اسين ٻڌل ڳالهين بدران مطالعي ذريعي پنهنجي اندر تحقيق جو لاڙو پيدا ڪريون ته ڪيترن ئي مسئلن ۽ غلط ڄاڻ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا۔

                 ارسطو قديم يونان جو هڪ وڏو داناءُ فلسفي هو، جنهن علم جي تقريباً هر شعبي تي ڪم ڪيو۔ سندس ذهانت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن منطق کي باقاعده علم جي صورت ڏني۔ ارسطو مشاهدي ۽ مطالعي کي وڏي اهميت ڏيندو هو، جيڪو ان کي ٻين فلسفين کان منفرد بڻائيندو آهي۔ هن انسان، فطرت، سياست ۽ اخلاق بابت اهڙا خيال پيش ڪيا جيڪي اڄ تائين اهم سمجهيا وڃن ٿا۔ ارسطو جي سوچ دليل تي ٻڌل هوندي هئي، جنهن ڪري کيس “علم جو استاد” پڻ سڏيو وڃي ٿو۔ هن شاگردن کي رڳو ياد ڪرڻ نه، پر ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ، سوچڻ ۽ سوال ڪرڻ سيکاريو۔

ارسطوءَ کان سندس شاگردن مان ھڪ شاگرد پڇيو ته، توهان ڪنهن شخص جي علمي سطح سڃاڻڻ لاءِ ڪهڙو معيار استعمال ڪندا آهيو؟ هن وراڻيو ته، آئون ان کان پڇندو آھيان ته، تو ڪيترا ڪتاب پڙهيا آهن ۽ ڇا ڇا انهن مان سمجھيو آهي؟ ارسطوءَ وانگر دنيا جي وڏن وڏن فلسفين ۽ ڏاھن، ڪتاب جي سھاري ئي پنھنجي سمجھہ کي سگھارو ڪيو.

مطالعي سان گڏوگڏ لکڻ به وڏو ڏاھپ ڏانءُ آهي. جڏهن اسان لکڻ جي دنيا ۾ قدم رکيو ته اسان جي وڏڙن ۽ استادن صلاح ڏني ته جنهن به موضوع تي لکڻ لاءِ قلم کڻو، لکڻ کان اڳ ۾ ان موضوع جي پوري ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ مطالعو ڪريو. منھنجو والد مرحوم شيخ عزيز سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جو وڏو ناليوارو صحافي ۽ اديب هو. پاڻ ويهن ٻاويهن ورهين جي ڄمار کان، جڏهن اڃا ڪاليج جو شاگرد ھو ته اخباري دنيا سان ڳنڍجي ويو ھو ۽ اسي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. ان لحاظ سان ھو سٺ سالن جي لڳ ڀڳ مطالعي ۽ تحرير سان جڙيو رھيو. پاڻ لاتعداد سيکڙاٽ صحافين جي سکيا ڪيائين ۽ جڏهن به سندن ابتدائي مضمون ايڊٽ ڪندو ھو ته ھميشه ان ڳالهه جي کين تلقين ڪندو ھو ته: “جنھن به موضوع تي لکو، ان بابت گهٽ ۾ گهٽ 10 مضمونن جو لازمي مطالعو ڪريو۔”

ڪتابن ۾ موجود لفظن جو ذخيرو اوهان جي حافظي ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو۔ بهترين لفظن تي مشتمل شايع ٿيل تحريرون اوهان جي لکڻ جي صلاحيتن کي بهتر بڻائين ٿيون۔ ڪنهن ٻئي ليکڪ جي تحريرن ۾ لفظن جو هموار تسلسل، لهرون، لفظن جي رواني ۽ تحرير جو انداز اوهان جي پنهنجي تحرير تي مثبت اثر ڇڏيندو آهي. ڪتاب انسان جي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو روشن ڏيئو آهي، جيڪو نه رڳو علم ڏئي ٿو پر انسان جي سوچ، فهم ۽ شخصيت کي به نئين سر ترتيب ڏئي ٿو. انساني تهذيب جي شروعات کان وٺي ڪتاب علم کي محفوظ رکڻ جو سڀ کان اهم ذريعو رهيو آهي. قديم دور ۾ جڏهن لکت جو آغاز ٿيو، تڏهن کان انسان پنهنجا تجربا، مشاهدا ۽ علم ڪتابن ۾ محفوظ ڪندو رهيو آهي، جنهن سبب اڄ اسان ماضيءَ جي تاريخ، ثقافت ۽ علمي ترقيءَ کان واقف آهيون.

دنيا جو سڀ کان پراڻو ڪتاب “Epic of Gilgamesh” کي سمجهيو ويندو آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 2100 ق.م ۾ ميسوپوٽيميا (اڄوڪو عراق) ۾ لکيو ويو هو. هيءُ ڪتاب مٽيءَ جي تختين تي “ڪيونيفارم” لکت ۾ لکيل هو. ان ۾ بادشاهه گلگامش جي بهادري ۽ زندگيءَ جون ڪهاڻيون بيان ٿيل آهن.

 دنيا جو پهريون ڇپيل ڪتاب “Diamond Sutra” کي دنيا جو سڀ کان پراڻو مڪمل ڇپيل ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو 868ع ۾ چين ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتاب ڪاٺ جي بلاڪن ذريعي ڇپيو ويو ۽ اڄ به محفوظ حالت ۾ موجود آهي. اڄ جيڪو ڪتاب اسان ڪاغذ تي ڇپيل پڙھون ٿا، ان جو رواج پندرھين صديءَ ۾ يورپ ۾ جوهانس گٽنبرگ جي پرنٽنگ پريس ايجاد ڪرڻ کان پوءِ پيو. ڪتاب ھڪڙو ڀيرو ڇپجڻ کان پوءِ ھميشه لاءِ ريڪارڊ جو حصو بڻجي ويندو آهي، جيئن اڄ به صديون پراڻا ڪتاب تاريخ ۾ ڳڻيا وڃن پيا. سڄي دنيا ۾ اڄ تائين سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ مذهبي ڪتاب مٿانهين درجي تي آهن، جن ۾ بائبل ۽ قرآن مجيد شامل آهن. ھي ٻئي ڪتاب وڌ ۾ وڌ ڇپجندڙ ۽ ورھايا ويندڙ ڪتاب آھن. ان کان پوءِ تدريسي ڪتاب اچن ٿا انھن جو تعداد پڻ اڻ ڳڻيو آھي، جڏهن ته غير مذھبي ڪتابن ۾ نظرياتي ۽ ادبي ڪتابن جو تعداد ريڪارڊ ڪيو ويندو آهي.

اڄ 23 اپريل تي ڪتاب جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. ھن ڏينھن کي يونيسڪو طرفان 1995ع کان شروع ڪيو ويو. جنهن جو بنيادي مقصد ڪتابن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ، پڙهڻ جي عادت کي وڌائڻ ۽ ليکڪن جي محنت کي مڃتا ڏيڻ آهي. 23 اپريل جي چونڊ به اتفاقي نه آهي، بلڪه هن ڏينهن سان دنيا جي ٻن وڏن اديبن جو تعلق آهي. ھڪڙو وليم شيڪسپيئر ۽ ٻيو ميگوئل ڊي سروينٽس. ھنن ٻنهي عظيم ليکڪن جي وڇوڙي جي ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ هي ڏينهن چونڊيو ويو. ميگوئل ڊي سروينٽس اسپين جو عظيم ناول نگار، ڊراما نگار ۽ شاعر ھو. سندس جڳ مشهور ناول “ڊان ڪيخوٽي”(ترجمو: خدائي فوجدار) سورھين صديءَ ۾ سڄي دنيا ۾ مشھوري ماڻي ۽ ھر ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو. ھن ڪتاب جي پھرين اشاعت کان اڄ 425 سال ٿيڻ جي باوجود پڙھيو ٿو وڃي. ڊان ڪيخوٽي ڪتاب 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو ريڪارڊ به قائم ڪيو آهي.

ميگوئل ڊي سروينٽس جي وفات جي تاريخ 22 اپريل 1616ع آھي. اھڙي ريت جڳ مشهور ناول نگار، ڊراما نگار، شاعر ۽ اداڪار وليم شيڪسپيئر جنهن کي “انگلينڊ جو قومي شاعر” ۽ “بارڊ آف ايوون” سڏيو وڃي ٿو، سندس وفات جي تاريخ 23 اپريل 1616ع آھي. ان کان پوءِ جوزف پلا جي وڇوڙي جي تاريخ به 23 اپريل آھي. ھُو اسپين جو مشهور صحافي، ليکڪ ۽ سفرناما نگار هو، جيڪو خاص طور تي ڪاتالان ٻوليءَ ۾ لکندو هو. هو 8 مارچ 1897ع تي اسپين جي علائقي ڪاتالونيا جي شهر پلافروگيل ۾ پيدا ٿيو ۽ 23 اپريل 1981ع تي وفات ڪيائين۔ سندس لکڻيون 30 هزار کان وڌيڪ صفحن تي مشتمل آهن، جن ۾ ناول، مضمون، سفرناما ۽ يادگيريون شامل آهن۔

اڄ جي دور ۾ هڪ وڏو مسئلو اهو به آهي ته نوجوان نسل ڪتابن کان پري آھي. موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا ماڻهن کي تفريح ۽ جلد معلومات ته ڏين ٿا، پر اهي گهري سوچ ۽ علم فراهم نٿا ڪن. اھڙي دؤر ۾ ڪتابي ميلا تمام سٺو رواج آهي جنهن ۾ نئون نسل دلچسپي ڏيکاري پيو. اھوئي طريقو تعليمي ادارن ۽ لائبريرين ۾ به قائم ٿيڻ گھرجي.