لياريءَ جي سڃاڻپ ھڪ دؤر ۾ بلوچ، سنڌي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي ميمڻ، اردو ڳالهائيندڙن سميت ڀر پاسي کان بوهرين ۽ اسماعيلين جي برادرين جي گڏيل ماحول سان ھڪڙي گلدستي مثل ھئي. جڏهن روس ـ افغانستان جنگ لڳي ۽ افغانين کي ضياءُ الحق 1980ع ۾ عارضي طور تي پاڪستان ۾ پناھہ ڏيڻ جي اجازت ڏني. ھُو آيا ته پاڻ سان گڏ منشيات ۽ اسلحو به کڻي آيا. ملڪ ۾ ھيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر به تڏهن کان ئي شروع ٿيو. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سڄي ملڪ سميت ان جو اثر لياريءَ ۾ به پيو. پھرين ننڍا ننڍا گروھہ ھوندا ھئا. پوءِ اُھي گروھہ طاقتور ٿيا ۽ پوءِ اھي ڏينهن به آيا، جڏهن گھر کان نڪرڻ وارو فرد واپسيءَ کي قسمت تي ڇڏڻ لڳو ۽ اھو دؤر ھو گينگ وار جو. گينگ وار جو سسٽم مشرف دور کان لياريءَ ۾ شروع ٿيو ۽ بعد ۾ عروج تي پھتو. منشيات جو ڪاروبار ڪراچيءَ جي ٻين علائقن جهڙوڪ سهراب ڳوٺ، عيسيٰ نگري، شير شاهه، بنارس، قصبه ڪالوني، اورنگي ۽ ملير ۾ به ھو پر لياريءَ جي منشيات فروشن کي پلاننگ تحت سياسي پٺڀرائي ڪري سگھارو ڪيو ويو.
سال 2005ع کان وٺي گينگ وار سر عام شروع ٿي وئي. لياريءَ جا سمورا پاسا الڳ الڳ دادائن جي راڄ ۾ ورهائجي چڪا هئا. جبار جينگو، راشد ريکا، شيراز ڪامريڊ، غفار ذڪري، ارشد پپو، رحمان ڊڪيت، بابو ڊڪيت، استاد تاجو، بابا لاڊلا، ڪالو ڪرنٽ ۽ عذير بلوچ تائين خوني ويڙهاند ڪندا رھيا. علائقي ۾ ھر وقت فائرنگ جا آواز اچڻ لڳا. لياريءَ جو علائقو نو گو ايريا بڻجي چڪو هو. ان کان اڳي ڪڏهن به اهڙو حال نه هو. لياريءَ جي اصل سڃاڻپ ڌوڙ ٿي وئي ھئي. خوف، خطرن ۽ وحشت ۾ لياري واسي به نفسياتي طور دٻاءُ جو شڪار رھڻ لڳي ويا ھئا. مجبوريءَ جي ڪري ماڻھن کي اباڻا ڪک ڇڏڻا پيا، 1200 ڪٽنب لياريءَ مان لڏپلاڻ ڪري محفوظ ھنڌن تي وڃي رھيا ھئا ۽ ڪافي عرصي کان پوءِ موٽي آيا ھئا. راندين جي ميدانن ۾ رونق ختم ٿي وئي، ان جي جاءِ ھٿيارن، منشيات ۽ ڏوهن وٺي ڇڏي ھئي. لياريءَ کي پيپلز پارٽي جو ڳڙهه سمجھيو ويندو ھو پر افسوس جو پي پي جي حڪومت ۾ ئي ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي ۽ لياري نو گو ايريا بڻجي ويو.
ماضيءَ ۾ جھاتي پائي ڏسون ٿا ته پاڪستان جي قيام وقت ڪراچيءَ جي مرڪز ۾ آباد لياريءَ جو علائقو محبت ۽ ڀائپيءَ جو ڳڙھہ بڻيل ھو، جتي روايتي ۽ ثقافتي ماحول اھڙو ھو، جو ڪوبه نئون ماڻهو يا خاندان اچي رھائش اختيار ڪندو ھو ته اُھو به ھن علائقي جي مزاج وارو بڻجي ويندو ھو. لياريءَ جي شھرت جو ھڪڙو اھم سبب، رانديون، راندين جا ميدان ۽ ناميارا رانديگر به آھن، جتان فٽبال، باڪسنگ، جوڊو ڪراٽي، والي بال ۽ ڪرڪيٽ سان تعلق رکندڙ وڏا وڏا نالا نروار ٿيا. اھڙي ريت ناليوارا اداڪار، گلوڪار، اديب، شاعر، سياستدان، ماهيگير ۽ واپاري به هن علائقي سان واسطو رکندا هئا.
مون کي ياد آهي ته 1987ع ۾ بينظير صاحبه جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ، پيپلز پارٽي حيدرآباد جي ٽنڊو آغا وارڊ پاران سڄي بس ڀري لياريءَ جي ڪڪري گرائونڊ ۾ آندي ھئي. لياريءَ جو ھر رستو، ھر پاسو سجايل سينگاريل ھو ۽ ضياءُ الحق جو دؤر ھئڻ باوجود لياريءَ جي ماڻھن، وڏي دليريءَ سان پنھنجي پاران پئسا خرچ ڪري بينظير ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جا وڏا وڏا پوسٽر تيار ڪرائي سجايا ھئا. ڪنھن ھوٽل يا دڪان تي بيھندا ھئاسين تہ لياريءَ وارن وڏي خوشيءَ سان پئي خدمت ڪئي.
افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته لياريءَ جا قديم باشندا جيڪي هڪٻئي سان ڊگھي عرصي تائين ڏک سک ۾ گڏ هئا، اهي بعد ۾ گروپن جي ور چڙهي ويا ۽ ھڪٻئي سان گروھہ بندين جي سڃاڻپ ۾ سامھون ٿي بيھندا هئا. ڏٺو وڃي ته لياريءَ جو علائقو، جيڪو پنھنجي الڳ تاريخ رکي ٿو، فقط ڪجھہ ويڙهاڪ گروپن جي ڪري، ڪجھہ عرصي لاءِ بدامنيءَ جو شڪار رھيو پر ڊگھي عرصي تائين سڄي ڪراچي شهر کي ڪنھن بدامنيءَ جي آڙاھہ ۾ اُڇلايو، اھا به سڀني کي خبر آهي. 1988ع کان وٺي 2015ع تائين ڪراچي ايم ڪيو ايم جي رحم ڪرم تي ڇڏيل ھئي. لنگڙا، ڪاڻا، لمبا، موٽا، تيلي، ڪن ڪٽا، ڪالا جھڙن نالن وارن گينگسٽرن جي ٽارچر سيلن ۾ انساني زندگيون اذيتناڪ موت ڏسنديون هيون. ٻورين ۾ بند لاش ۽ ڀتي خوريءَ جون پرچيون ملڻ يا 12 آڪٽوبر ۽ بلديا ٽائون واقعي جھڙا ڏکوئيندڙ ڏينھن ڪڏهن به نٿا وساري سگھجن. ايم ڪيو ايم باني جي حڪم تي ڏھن پندرنهن منٽن ۾ ھڙتال جي سڏ تي سڄو شهر بند ٿي وڃڻ. اسٽريٽ پاور ڏيکارڻ جي آڙ ۾ بسن، دڪانن، فيڪٽرين ۽ گاڏين کي ساڙڻ به ڪراچيءَ جي تاريخ جو حصو بڻجي ويو. اھڙي طرح ايم ڪيو ايم ھٿيارن جي زور تي ھر اليڪشن کٽي مخلوط حڪومت جو حصو ٿي ويندي ھئي. تڏھن ڪراچيءَ جي سياست به لاشن ۽ بليڪ ميلنگ تي ٿيندي ھئي. دشمن ملڪ سان ڳٺ جوڙ جي رابطن ۽ منشا تي ڪراچيءَ ۾ ڪارروائيون ۽ تقريرون ڪرڻ جي ثبوتن تي 2015ع ۾ وزيراعظم نواز شريف جي ھدايتن تي ايم ڪيو ايم خلاف سخت آپريشن ڪيو ويو ۽ سندن سڄي نيٽ ورڪ کي ٽوڙيو ويو، جنھن کان پوءِ شھر کي سک جو ساھہ کڻڻ جو موقعو مليو.
اڄ جڏهن لياريءَ جي گينگ وار تي انڊيا فلم ٺاهي آهي، جنهن ۾ گھٽ سچ ۽ گھڻو ڪوڙ آھي. “ڌرينڌر” فلم ۾ ڪردارن کي حد کان وڌيڪَ اڀاريو ويو آهي، جيڪو حقيقت جي ابتڙ آهي. مجموعي طور تي پاڪستان خلاف پيغام ڏيندڙ فلم آھي، جنھن ۾ لياري واسين کي ملڪ مخالف ڏيکاريو ويو آھي. ڪمزورين سان ڀرپور فلم ٺاھيندڙ ڪراچيءَ جي ماحول ۽ خاص طور تي لياري جي مزاج کان اڻ ڄاڻ آھن. فلم جو ڊائريڪٽر ماضيءَ ۾ به پاڪستان مخالف فلمون ٺاھي چڪو آھي ۽ يقيناً اھا فلمي پروپيگنڊا انڊين ادارن جي ٽاسڪ جو حصو آھي. جڏهن ته حقيقت اھا آھي ته رحمان کي اڄ به لياريءَ جا اھي غريب گھر ياد ٿا ڪن، جيڪي بکئي پيٽ گذران ڪندا ھئا ۽ پوءِ رحمان کين راشن پڄائيندو ھو. ھُو يتيمن جو سھارو ھو، نياڻين جي شادين جا خرچ ڀريندو ھو. ايڌيءَ کي لکن جا فنڊ ڏيندڙ ھو. سوشل ھو پر ساڳئي وقت گينگسٽر بڻجي ويندو ھو، ان ڪري سندس منفي ڪردار نمايان رھيو.