پنھنجو ڪالم … 2025ع جا ڇڏيل نقش … طارق عزيز شيخ

                 نئون سال هميشه انسان جي دل ۾ اميدن، ارادن ۽ خوشگوار تبديلين جي جوت روشن ڪندو آهي. جڏهن پراڻو سال پنهنجي سفر جي پڄاڻي ڪندو آهي، ماڻهو پنهنجن گذريل تجربن، ڪاميابين ۽ ناڪامين جو احتساب به ڪن ٿا. نئون سال رڳو ڪئلينڊر ۾ تبديلي نه پر سوچ ۽ زندگيءَ ۾ نئين شروعات جو احساس به پيدا ڪندو آهي. ھر ماڻھو پنهنجن گذريل فيصلن، عملن ۽ حالتن جو جائزو وٺي نيون راهون ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

                 سال 2025ع به پنهنجي سڄي سياست، معاشرت، تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ عالمي تبديلين سان اسان جي زندگين جو حصو رهيو. عالمي سطح تي سال 2025ع ڪيترين نشانين کي ڇڏي ويو. هڪ پاسي ترقيءَ جا نوان رستا کليا ته ٻئي پاسي عالمي صورتحال ۾ عدم استحڪام، معاشي دٻاءُ ۽ ماحولياتي مسئلا به سامهون ايندا رهيا. پاڪستان جي حوالي سان پڻ 2025ع  ڪيترن ئي چئلينجن سان گڏ گذريو، پر ماڻهن پنهنجي جدوجهد، خواهشن ۽ حوصلن سان وقت کي منهن ڏنو. غربت ۽ مهانگائي ھڪٻئي کان اڳتي وڌڻ جو مقابلو ڪنديون رھيون.

سال 2025 ۾ سڀ کان اهم پيش رفت فلسطين جي سرزمين غزه ۾ امن امان جي صورت ۾ نظر آئي، جتي

ٻن ورھين اندر، 7 آڪٽوبر 2024 کان اسرائيل پاران 70 ھزار کان وڌيڪَ فلسطيني شهيد ڪيا ويا ھئا. ان کان پوءِ عالمي سطح تي سمورن ملڪن ۽ ادارن جي ڪوششن سان 2025غ ۾ مستقل جنگبنديءَ جو اعلان ٿيو. جيتوڻيڪ اسرائيل جنگبندي کان پوءِ به روزانو معصوم شھرين مٿان بمباري ڪري سوين ماڻهو موت جو کاڄ بڻائي پيو. اهو واقعو انسانيت جي حق ۾ هڪ اهم اڳڀرائي هئي، جيڪا اهو سبق ڏئي ٿي ته جنگ جو نتيجو ڪڏهن به ڪاميابي نه پر تباهي ۽ تڪليف وارو هوندو آهي.

2025ع سال اسرائيل صحافين لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ثابت ٿيو. رپورٽ موجب گذريل سال سڄي دنيا ۾ 67 صحافين کي قتل ڪيو ويو. رپورٽ موجب اسرائيلي فوج غزه ۾ 29 فلسطيني صحافين کي قتل ڪيو، جيڪو سڄي دنيا مان قتل ٿيل صحافين جو 43 سيڪڙو آهي. 25 آگسٽ تي ڏکڻ غزه جي هڪ اسپتال ۾ 5 صحافي مارجي ويا. مارجي ويل صحافين ۾ رائٽرز ۽ ايسوسيئيٽڊ پريس جا ٻه اسسٽنٽ رپورٽر به شامل هئا. اسرائيل کي دنيا جو سڀ کان وڏو صحافين جو قاتل ملڪ قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ميڪسيڪو 2025 صحافين لاءِ گذريل 3 سالن جي مقابلي ۾ سڀ کان خطرناڪ سال ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته هن سال 9 صحافي قتل ٿيا، 3 يوڪرين ۾ ۽ 4 صحافي گهرو ويڙهه سبب سوڊان ۾ مارجي ويا. رپورٽ موجب سال 2025 تائين 47 ملڪن ۾ 503 صحافين کي حراست ۾ ورتو ويو.

 سال 2025ع دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سنگين جنگي ڇڪتاڻ پڻ پيدا ٿي. ڀارت پنهنجي روايتي پاليسي موجب الزام تراشي سان پاڪستان تي جارحيت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. والاريل ڪشمير جي علائقي پھلگام واري واقعي کانپوءِ 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت پاران آزاد ڪشمير ۽ پنجاب ۾ ٽن ھنڌن تي بمباري ڪئي وئي، جنهن جي جواب ۾ پاڪ فوج پاران 10 مئي تي دشمن ملڪ جي 7 جھازن کي تباھہ ڪيو ويو. ان جو بار بار ذڪر آمريڪي صدر ٽرمپ پڻ ڪيو آهي. پاڪستان اهو واضح ڪندو رهيو ته هو امن جو حامي آهي ۽ جنگ سان خطي جي تباهي بڻجي سگهي ٿي. نيٺ عالمي دٻاءُ ۽ پاڪستان جي پُرامن موقف سبب ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آئي ۽ پوءِ جنگبندي جي اعلان سان صورتحال بهتر ٿي.

سال 2025ع ۾ سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنالن ڪڍڻ خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ وڪيلن، قومپرستن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن طرفان تاريخي ڌرڻو ڏنو ويو. ڌرڻي سبب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي. ڪراچي بار ڪائونسل جي صدر عامر نواز وڙائچ جي اڳواڻي ۾ وڪيل ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنھن ۾ ھر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي سبب باءِ پاس تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ مال بردار توڙي مسافر گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. وڪيلن جو ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳاتار 12 ڏينهن ڌرڻو جاري رھيو جيستائين مطالبن جي مڃتا نه ٿي. بي بي سي رپورٽ مطابق ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ 80 لک ماڻهن شرڪت ڪري سنڌو درياءَ سان پيار جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت هنگامي اجلاس گهرائي ڪئنال رٿا روڪڻ جو نوٽيفڪيشن ڪڍي وڪيلن جي ڌرڻن کي ختم ڪرايو.

2025ع ۾ پاڪستان ۾ اندر دھشتگرديء جي واقعن ۾ نمايان طور تي واڌارو آيو. انگن اکرن موجب جنوري 2025ع کان ڊسمبر 2025ع تائين پاڪستان ۾ 1200 کان وڌيڪَ دھشتگردي جي واقعن جون رپورٽون درج ٿيون.

قومي اسيمبلي جي سال 2025ع جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪئي وئي. گذريل سال ايوان ۾ پيش ڪيل سمورا 42 سرڪاري بل منظور ڪيا ويا. ايوان مان سال 2025ع ۾ مجموعي طور تي 31 قانون منظور ٿيا. ريڪارڊ موجب قومي اسيمبلي ۾ 8 صدارتي آرڊيننس ايوان ۾ پيش ڪيا ويا. سينيٽ مان 16 سرڪاري ۽ 30 پرائيويٽ بل ايوان کي مليا، 2025ع ۾ 25 ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، رپورٽ ۾ چيو ويو ته ايوان کي 336 ڌيان ڇڪايو نوٽيس مليا، جن مان 53 تي بحث ڪيو ويو، 2025ع جي قاعدي 259 تحت 295 ٺهراءُ جمع ڪرايا ويا، استحقاق جا 33 سوال پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۽ ٻيا ايوان ۾ رکيا ويا. ان کان علاوه 11 اجلاس ملتوي ڪيا ويا.

2025ع ۾ ڪيترائي پاڪستاني فقير پرڏيھي ملڪن ڊي پورٽ ڪري پاڪستان حڪومت کي خبردار ڪيو ته ٻيھر اھڙن مسافرن تي ڪنٽرول آندو وڃي. ڊي جي ايف آءِ اي جي بريفنگ موجب، گذريل سال سعودي عرب 24,000 پاڪستانين کي ‘فقير ھجڻ’ جي الزام ۾ ملڪ بدر ڪيو، جڏهن ته گڏيل عرب امارات 6,000 پاڪستاني گداگرن کي ملڪ بدر ڪيو. ان کان علاوه گذريل سال آذربائيجان مان پڻ اڍائي هزار فقيرن کي ملڪ بدر ڪيو ويو.

هاڻي جڏهن نئون سال شروع ٿي چڪو آهي ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان گذريل تجربن مان سکي پنهنجي سوچ ۽ مقصدن کي نئون رخ ڏيون. نئون سال ان ڳالهه جو پيغام کڻي آيو آھي ته ماضيءَ جي غلطين مان سبق وٺجي، مثبت سوچ سان اڳتي وڌجي ۽ زندگيءَ کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي.

 2025ع پنهنجا نقش ڇڏي ويو ۽ هاڻي 2026ع اسان لاءِ نيون اميدون ۽ روشن مستقبل جو پيغام کڻي سامھون بيٺو آهي. اسان جي دعا آهي ته نئون سال پاڪستان، دنيا ۽ سڄي انسانيت لاءِ امن، عزت، ترقي ۽ خوشحالي وارو بڻجي.