پنھنجي پاران … ”آذر“ آهيان اڪيلو به مان انجمن … حسيب ناياب منگي

                 اڄ اسان ذڪر ڪنداسين سنڌي، اردو ۽ فارسي ٻولين جي قادرالڪلام شاعر ۽ هڪ قابل  استادَ ــ ”آذر ناياب“ صديقي بدايونيءَ جو، جنھنجو تعلق هندوستان جي شھر بدايون جي هڪ پڙهيل لکيل ڪٽنب سان هو. سندس مادري زبان ته اردو هئي، پر هو سنڌيءَ جي قادرالڪلام شاعر طور سدا ياد رکيو ويندو. سندس جنم 4 جولاءِ 1928ع تي بدايُون ۾ ٿيو. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ئي هن سنڌ ۾ خيرپور اندر عارضي سڪونت اختيار ڪئي، جيڪا ان وقت خيرپور رياست جي گادي هئي. سندس مامو، رفيع عالم صديقي، مير علي مراد خان ٽالپر وٽ ملازم هو، پر ورهاڱي کانپوءِ هميشه لاءِ سنڌ ۾ اچي رهيو هو. آذر ناياب صديقي پيشي جي لحاظ کان استاد هو ۽ هي پيشو اختيار ڪرڻ کانپوءِ شروعاتي ٻه سال ڪراچيءَ ۾ تعينات رھيو، پوءِ وري ٿرپارڪر، مٺي، شادي پلي، ميرپور خاص، نئين ڪوٽ، پٿوري، جُهڏي ۽ ڇور وغيره ۾ به ملازمت سانگي سڪونت اختيار ڪندو رهيو، پر ڪٿي به رهندي سنڌي ٻولي سکڻ جي تمنا نه ٿيس. پر جڏھن هو سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور ۾ اچي رهيو، ته سنڌي ٻوليءَ جي شڪارپوري لھجي مٿس تمام گهڻو اثر وڌو. هو هِتان جي علمي ادبي دوستن نياز همايونيءَ، بشير مورياڻيءَ، نورالدين سرڪيءَ، غلام احمد بدويءَ، بدرالدين علويءَ ۽ ثناءُ الله شيخ جي سنگت ۽ صحبت ۾ رهي سنڌي ٻولي اهڙيءَ ريت سکيو، جو لڳو ٿي ته سنڌي سندس مادري ٻولي آهي ۽ ڄڻ هو اصلوڪو شڪارپوري آهي.

”آذر“ ناياب صديقيءَ شروع کان وٺي شعر چيو. فارسي ۽ اردوءَ ۾ شعر لکڻ جي سندس تمام وڏي مشق هئي. عروض جي بندش هجي يا وزن ۽ بحر جي ارڪانن جِي ڄاڻَ، هُو سخن جي فڪر توڙي فن کان خوب واقف هو. سنڌي زبان ۾ به هن جو جيڪو چيل ڪلام ملي ٿو، سو ڪٿي رومانوي آهي ته ڪٿي ناصحاڻو. سندس ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي فارسي اثر به نظر اچي ٿو ته وري ڪٿي هو جديد رنگ ۾ نج سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جي استعمال سان به غزل چئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ڪيترين ئي ٻولين جي لفظن جو استعمال ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ڪلام ڀلي ٽن ٻولين ۾ چيو هجي، پر کيس سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ سان گڏوگڏ، سرائڪي، انگريزي، هندي، ديوناگري، سنسڪرت، عربي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين تي پڻ دسترس حاصل هئي. اهي سڀ ٻوليون پاڻ بنا هٻڪ جي ڳالهائي سگهندو هو. اهڙو قابل ماڻهو الائجي اسانجي ٻوليءَ ۽ ادب جي پارکُن ۽ نقادن کان ڪيئن وسري ويو، جو نه ئي سندس ذڪر سان ڪو ادبي تاريخ ۾ هڪ اڌ صفحو لکيو ويو ۽ نه ئي سندس نالو سنڌي ساھت جي تاريخ ۾ شامل ڪري ايندڙ وقت جي محققن ۽ شاگردن کي مٿس ڪم ڪرڻ جو رستو ڏيکاريو ويو. ”آذر“ صاحب جو داستان به ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي هن شعر جھڙو ئي آهي، ته:

مان شاعر آهيان، مون وٽ آ، هر ماڻهوءَ جو مان،

منھنجو مانُ، مگر ڄاڻن ٿا ڪي ٿورا انسان

مرحوم ”نقش“ ناياب منگيءَ لکيو آهي ته: ”غلام حامد حيدر ’آذر ناياب‘ صديقي بدايوني، سنڌ جي لال ڪنوار جھڙي شاعري جي کھنبي ۾ چمڪندڙ موتين ۽ ستارن ۾ هڪ املهه هيرو آهي، جنھنجي جوت ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين ڪيترن ئي وجودن کي جرڪايو آهي.“ (ڪتاب: ”شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾“ ــ ص: 118)

”آذر ناياب“ صديقيءَ استاد جي حيثيت سان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهي نه رڳو سخن ۾ پنھنجا شاگرد پيدا ڪيا، پر انھن شھرن جي علمي ۽ ادبي ماحول کي به چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. علمي ادبي تقريبون ۽ ماھوار مشاعرا منعقد ڪرڻ سندس خاص ادبي ۽ سماجي مشغلو هو. ڪڏهن سنڌي ادبي سنگت جي سھڪار سان، ته ڪڏهن ”بزمِ شميمِ ادب ڪراچيءَ“ جي دوستن سان گڏجي ”آذر“ صاحب ادبي ميڙاڪا منعقد ڪري، سنڌي ۽ اردو ادب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. عمر جي آخري ڏهاڙن ۾ ته ”سنڌي اردو ادب ساٿ ساٿ“ جي نالي سان ڪراچيءَ ۾ هڪ تنظيم جو پايو وجهي مھيني ۾ ٻه ادبي ميڙاڪا منعقد ڪرائڻ شروع ڪيائين. جن مان هڪ ميڙاڪي ۾ سنڌيءَ ۾ لکڻيون ۽ شعر اردو ترجمي سان پيش ڪرڻ ۽ ٻئي اجتماع ۾ اردوءَ ۾ نثر ۽ نظم سنڌي ترجمي سان گڏ پڙهڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو هيائين. هو پاڻ کي فخريه طور تي سچل سائين رحه جو مقلد ۽ معتقد سڏرائيندو هو. هن راڻيپور جي بني هاشم محلي ۾ رهڻ کان وٺي ڪراچيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ تائين، علمي ادبي جوت کي ٻاري رکڻ کي پنھنجو فرض سمجهي نڀايو.

جي سمنڊ ۾ ڪِري ڦُڙي ”آذر“،

جاودان ٿئي ’سچلَ‘ جي فن وانگر

”آذر“ ناياب صديقيءَ جو مزاج ۽ طبيعت بنھه سادي هوندي هئي. جيڏو علم جو ڀنڊار هو، تيڏو ئي عاجزيءَ وارو انسان به هو. سندس تاريخ، ادب توڙي مذهب جو مطالعو نھايت ڳُوڙھو هو. جڏهن به ڪو وٽس ڪنھن علمي معاملي يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ويندو هو، ان سائل کي ڪڏهن به اداس ۽ مايوس ڪونه موٽائيندو هو. سندس ڏاھپ ڀري ڳالهه ٻولهه سان علمي طور هٿين خالي ماڻهو به علم جُون مُٺيون ڀري اُٿندا هئا. آذر خداداد صلاحيتن جو مالڪ شاعر هو. هُو پنھنجي تحريرن لاءِ چوندو هو ته: ”جڏهن به ڪجهه لکيو اٿم، ٻيھر نه ته پڙهي دُرستِي ڪئي اٿم، نه ئي وري ڪا غلطي ڪئي هوندم.“ ڪابه محفل يا مجلس هجي، سڀ کان پھريان ٻڌندو هو، جيڪي ڪجهه نوٽ ڪندو هو، تنھن تي پنھنجي واري اچڻ تي عالماڻي انداز ۾ برجستگيءَ سان پنھنجي راءِ ڏيندو هو. اردو، فارسي، عربي، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ توڙي ٻين زبانن جا شعر، قول، چوڻيون ۽ پھاڪا وقت به وقت پنھنجي گفتگو ۾ شامل ڪندو هو. هُو اڪثر ان ڳالهه جو اظھار به ڪندو هو ته: ”مونکي استاد جي حوالي سان سنڌ جي جهرَ جهنگ ۾ جيڪا عزت ملي آهي، اها منھنجي لاءِ ڪافي آهي. مون سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ملازمت ڪئي. ان عيوض مونکي جيڪي نفرت، دشمنيءَ ۽ لاتعلقيءَ جون اذيتون مليون، سي ان پيار، محبت، عزت ۽ احترام جي آڏو ڪجهه به ناهن، جيڪو مونکي منھنجي دوستن ۽ شاگردن وٽان مليون آهي.“

”آذر“ قلم سان جنھنجو قسم خود خدا کنيو،

نفرت جي بدران درسِ محبت سيکاريو

دنيا ۾ انسان جي مٿان ڏکيا سکيا وقت ايندا رهندا آهن، هِن سخي مرد به پنھنجي حياتي ڏکن ۽ سکن جي گڏيل راند ۾ گذاري. سکن ۾ شڪر ۽ ڏکن ۾ صبر جو دامن نه ڇڏيائين. بار بار اولاد جي وڇوڙن سان گڏوگڏ گهرواريءَ جي لاڏاڻي سبب اڪيلائيءَ کي منھن ڏنائين، پر نه ته دل شڪستو ٿيو، نه ئي پنھنجي زبان تي ڪڏهن ڪا شڪايت آندائين. سير ۽ سفر جو به تمام گهڻو شوق هوندو هئس. هندوستان سميت پورو پاڪستان گهمي ڏٺو هيائين. مطالعي جو به پابند هو. قدرت کيس سٺو حافظو عطا ڪيو هو. ذهين ايڏو جو جيڪو ڪجهه پڙهي، سو ياد رهندو هئس. تيز فھم اهڙو جو هڪ دفعي مليل ماڻهوءَ کي ٻيھر ملڻ سان يڪدم سڃاڻي ويندو هو. عمر جي آخري حصي ۾ 2004ع ۾ نظر ڪمزور ٿي وئي هيس، ته به جلدي اکين جو آپريشن ڪرايو هيائين ۽ مطالعي سان دوستيءَ جو رشتو آخري دم تائين ڪونه ڇِڳائين.

کيس قدرت کان مليل ڏات جو گوهر اردو ۽ سنڌي ادب لاءِ پارس ثابت ٿيو. هن پنھنجي وت ۽ وس آهر حياتي ڀر علمي ادبي خدمت کي جاري رکيو. سندس ٻه درسي ڪتابَ، هڪ شاگردن لاءِ ”مھراڻ ليٽر رائيٽنگ“ ۽ ٻيو استادن لاءِ ”ماڊرن ميٿڊس آف ٽِيچنگ“ سان گڏ سنڌي شاعريءَ جو انتخاب ”جهلڪيُون“ جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي. ”آذر“ صاحب، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جي چونڊ نثر کي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪيو. هن ايلسا قاضيءَ جي نثري نظمن کي رباعيءَ جي گهاڙيٽي ۾ ترجمو ڪيو. افسوس! جو سندس اهي ڪاوشون ڪنھن ادبي چور کي ڦٻي ويون ۽ اڄ تائين ظاهر نه ٿي سگهيون آهن. ان سان گڏوگڏ شيخ اياز، روشن آرا مغل، بشير مورياڻيءَ ۽ نعيم صديقيءَ سميت ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيائين. جڏهن ته محمد عارف ”صنعت“، مرزا احمد علي، ڪاظم شاهه، صاحبداد شيخ سميت ڪيترن ئي فارسي شاعرن جو ڪجھه ڪلام سنڌي ءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيائين. منھنجي اها خوشنصيبي آهي، جو سندس ئي تخلص سان نسبت جُڙي. ان نسبت جو قرض لاھڻ لاءِ مون اڄڪلهه سندس سنڌي ۽ اردو شاعريءَ کي سھيڙڻ جو ڪم هٿن ۾ کنيو آهي.

تون ڏس صبر سان دوست کي منھنجي دل!

ميارُون ڀري سرد آهُون نه کڻ!

اگر تاب ِ ديدار ناهي توکي،

ٻپھريءَ جي سج ڏي نگاهون نه کڻ!

سائين ”آذر“ ناياب صديقيءَ جي سنڌي شاعري، امن ۽ محبت سان گڏوگڏ اتحاد ۽ پنھنجائپَ جي پيغام تي ٻڌل آهي. آذر صاحب هڪ سرگرم ساھتي زندگي گذاري، 2 اپريل 2006ع تي هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪيو. اڄ اسان سنڌي ۽ اردو ادب جي هن خاموش خدمتگار کي سندس 20هين ورسيءَ تي يادن جا گُلَ ارپي رهيا آهيون. سندس تخليقي گنجَ مان هڪ ڪڻو هتي پيش ڪري رهيو آهيان:

تنگ ۽ تاريڪ گهٽيون به پياريُون اٿم

جيڪي پرديس ۾ سڪ سان ساريُون اٿم

توسان فرقت ۾ گهڙيون گذاريُون اٿم

بي وسيءَ ۾ به لَکَ اختياريون اٿم

ڏينھن سجايا ڪيم تنھنجيُون ڳالهيون ڪندي

ياد سان تنھنجي تاريون اُجاريون اٿم

ڪجهه زماني ۾ تبديليون ٿيون اچن،

حالتون دل جُون ڀي ڪجهه نياريون اٿم

منھنجي محبوب جا غم! تنھنجو شڪريو،

جيئري جنت ۾ گهڙيون گذاريون اٿم

هُن ڪڍيو پاڻ مونکي پنھنجي بزم مان

اڄ ته بد بختيون ڀي ڀلاريون اٿم

”آذر“ آهيان اڪيلو به مان انجمن

سائين ’مرشد درازيءَ‘ سان ياريون اٿم

[email protected]