خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

پنھنجي پاران … ثميره زرين: سنڌيءَ جِي پھرين  ناري ڪھاڻيڪار … حسيب ناياب منگي

                 سنڌي ٻوليءَ ۾ جن نارين ورهاڱي کانپوءِ پنھنجين سوچن کي قلم وسيلي ڪاغذ تي آڻي تحريري روپ ڏنو ۽ ساهت جي کيتر ۾ پنھنجو پاڻ ملهايو، تن ۾ ثميره زرين جو نالو صفِ اول جي قلم ڌياڻين ۾ شمار ٿئي ٿو. بلڪه سنڌي ادب جي تاريخ ۾ کيس ”سنڌي ڪھاڻيءَ جي خاتونِ اوّل“ جو خطاب به ڏنو ويو آهي. (جيتوڻيڪ ”خاتونِ اوّل“ لفظ جي معنيٰ ڪا ٻِي آهي.) ثميره زرين معياري ڪھاڻين جي ليکڪا ۽ پنھنجي دؤر جِي نامور نقاد هئي. هن جنھن دؤر ۾ سنڌي ادب اندر پنھنجا قدم مضبوط ڪيا، اهو زمانو سنڌي ادب ۾ ڪھاڻين جي حوالي سان هڪ سگهارو دؤر هو. ان دؤر ۾ هڪ طرف ته ان وقت جي حالتن تي تمام گهڻو لکيو پئي ويو، ٻئي طرف سنڌ جي عورتن، ان جي مسئلن ۽ حالتن يا نؤجوان نارين جي نفسيات توڙي رومان جھڙن انيڪ موضوعن تي لکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وئي. سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور سان تعلق رکندڙ هن نينگريءَ نه رڳو ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو، بلڪه ڏهن ورهين جي تمام ننڍڙي عمر ۾ سنڌ جي مشھور ۽ معياري ادبي رسالي ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ پھرين لکڻي پڻ شايع ڪرائي، جيڪا ادبِ لطيف جي سري سان هئي. جنھنجو عنوان ”اميد“ هو. سندس مضبوط خيال ته ڏسو. لکي ٿي: ”جڏهن کان مان سمجهه جي منزل ۾ قدم رکيو، تڏهن کان پاڻ کي تنھنجي جستجوءَ ۾ ڏٺم. هر هڪ ننڍي، خواهه وڏي مايوسيءَ تي دل بي اختيار توکي پڪاريو. تون ڪٿي آهين؟ اهو اڃا نه معلوم ٿي سگهيو. بارها بيماريءَ جي دؤران مان تو اڳيان سربسجود ٿيس. مھربان والدين جي هوندي به دل توکان مدد گُهري ٿي ۽ تو مدد ڪئي…“

ثميره زرين ادبي دنيا ۾ تيزيءَ سان پنھنجيون وکون کڻڻ لڳي. سندس قلم ترار جيان تکو هلندو رهيو. ثميره زرين پاڻ چيو هو ته، ”مان ڪڏهن به فرضي يا سوچيل ڪھاڻي لکڻ جي فائدي ۾ ڪانه رهي آهيان. منھنجي هر ڪھاڻي ڪنھن نه ڪنھن حقيقي واقعي کان متاثر ٿي لکيل هوندي آهي.“ (”خاتونِ اوّل ڪھاڻيڪار ــ ثميره زرين“ ــ مرتب: نصير مرزا ــ ص: 27) سو سراسر سچ آهي ته  ثميره زرين پنھنجين ڪھاڻين ۾ ڏاڍَ، ڏهڪاءَ، جبر، عورت دشمن ريتن ۽ رواجن توڙي غربت، تنگ نظر ماحول، عورتن جي بي جوڙ شادين يا نارين جي نفسياتي پھلوئن جھڙن ٻين سماجي براين جي موضوعن تي اهڙيءَ ريت لکيو، جھڙيءَ ريت لکڻ جو حق ٿيندو آهي.

ثميره زرين شڪارپور جي علمي ادبي اعواڻ گهراڻي جي پڙهيل لکيل فرد ــ محمّد اعظم جي گهر ۾ 22 فيبروري 1944ع تي پيدا ٿي. هوءَ ان نامور فارسي شاعر محمّد عارف ’صنعت‘ اعواڻ جي خاندان جي لاڏلي نياڻي هئي، جنھن پنھنجي هڪ فارسي قصيدي ۾ شڪارپور کي ”جنتِ اڪبر“ قرار ڏنو آهي. ثميره شڪارپور ۾ ئي تعليم حاصل ڪئي. والدين ۽ مائٽن جِي ’سڪينه‘، سنڌي ادب ۾ ثميره بڻجي اڀري. ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي افسانوي ادب ڏانھن راغب ٿي ۽ افسانا لکڻ شروع ڪيائين. ادبي ماحول ۾ نپجڻ ڪري سندس خيالن ۾ بلندي آئي. هوءَ پنھنجي اٿڻي ويھڻيءَ ۾ بالڪل شڪارپور جھڙي هئي. جيئن عبدالقادر جوڻيجي لکيو: ”ثميره خود شڪارپور هئي يا شڪارپور ثميره هئي. اٿڻ ويھڻ، ڳالهائڻ هر ڳالھه ۾ نفاست ۽ هر ڳالھه ۾ سليقو.“ (”ثميره زرين ــ خاتونِ اول ڪھاڻيڪار“ ــ مرتب: نصير مرزا ــ ص: 38) نامور اديب ۽ ڪھاڻيڪار حميد سنڌيءَ ثميره لاءِ لکيو: ”هوءَ سنڌي ادب جي اها ڪھاڻيڪار نياڻي هئي، جنھن جي قلم مان اسانجون پنھنجيون، اوهانجون، سڀني جون ڪھاڻيون نڪتيون، جنھن پنھنجن ڏکن، فڪرن کي ترڪ ڪري ٻين جي ڏکن ۽ فڪرن کي پنھنجو ڪري ڪھاڻيون لکيون. سندس شروع واريون ڪھاڻيون خواب آهن، جيڪي هن اسان سڀني لاءِ ڏٺا ۽ پويُون ڪھاڻيون حقيقتون آهن، جن ۾ اها ڪڙائي به آهي، جي ڪو چکي چيت ڪري. ثميره سنڌ جي نياڻين جي علامت هئي ۽ رهندي.“

ثميره زرين سنڌي ادب ۾ مشھور ڇا ٿي، مٿس مرد هئڻ ۽ عورتاڻي نالي سان لکڻ جا الزام لڳا. پاڻ سڀني جي ڳالھين کي نظرانداز ڪندي رهي. پنھنجي ادبي پورهئي کي سچائيءَ سان سرانجام ڏيندي رهي. شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو، تڏهن هن ثميره زرين کي ’ريسرچ فيلو‘ جي حيثيت سان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ملازمت ڏني، جتي هوءَ محنت سان منفرد تحقيقي ڪم ڪندي رهي، پر اتي به زيادتين ۽ تڪليفن توڙي ڏکن کيس جهوري وڌو.

ثميره زرين، ماهوار ”نئين زندگي“، ٽه ماهي ”مھراڻ“، ماهوار ”اديون“، ماهوار ”رمندا بادل“، ماهوار ”سھڻي“ ۽ ٻين ڏيھي رسالن سميت ھند مان شايع ٿيندڙ مشھور سنڌي رسالي ”ڪُونج“ ۾ پڻ مسلسل لکيو. پاڻ هڪ ڪھاڻين ۽ افسانن جو مجموعو ”مھراڻ جُون ڇوليون“ ترتيب ڏنائين، جنھنکي پاڪستان پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران 1962ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ساڳئي ڪتاب ۾ سندس لکيل مقدمو ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ڪھاڻيءَ جو جائزو“ سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. ان کان علاوه سندس لکيل ڪھاڻين جو ڪتاب ”گيت اڃايل مورن جا“ ادارهء ادب نؤ حيدرآباد طرفان جولاءِ 1970ع ۾ شايع ٿيو. ”آءٌ اهائي مارئي“ به سندس ڪھاڻين جو بھترين مجموعو آهي، جيڪو فيبروري 1981ع ۾ پھريون ڀيرو الطاف اشاعت گهر حيدرآباد طرفان ظاهر ڪيو ويو. ان کان علاوه ”روشن ڇانورو“ جي عنوان سان ناري پبليڪيشنس حيدرآباد طرفان اپريل 1989ع ۾ سندس شاهڪار ڪھاڻين جو مجموعو شايع ٿيو. ان کانسواءِ سندس اڻلڀ ڪھاڻيون نصير مرزا پنھنجي ڪتاب ”خاتونِ اوّل ڪھاڻيڪار ــ ثميره زرين“ ۾ شامل ڪيون آهن.

سنڌي ادب جي هيءَ نامور ڪھاڻيڪارا 33 ورهين جي مختصر ڄمار ۾ 13 آگسٽ 1977ع تي هي فاني جھان ڇڏي وئي. اسان سنڌي ادب جي هن نامور ڪھاڻيڪارا جي اڄ کان 3 ڏينھن پوءِ ايندڙ 82هين جنم ڏهاڙي تي ياد ڪندي، کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪري، ان روايت کي ورجائي رھيا آهيون ته اسان پنھنجن محسنن کي ياد رکي سندن لاٽ مان لاٽ ٻاري ايندڙ نسل کي ٻڌائي رھيا آهيون ته اسان جا ھھڙا تخليقڪارَ پنھنجي ذات ۾ انجمن هئا.

[email protected]