حضرت امام حسين عليه السلام، عالمِ انسانيت جو عظيم ۽ حقيقي رھبر آهي. سندن رهبري ۽ رهنمائيءَ کانسواءِ انسان ڪڏهن به مڪمل نٿو ٿي سگهي. سندن شخصيت جا گهڻائي حوالا آهن. سندن باوقار ذات کي ڪيترن ئي پھلوئن کان ڏسي سگهجي ٿو. دين جي تناظر ۾ هو باعمل، باڪردار شخصيت جا مالڪ ۽ شريعت جا پابند رھيا. الله جي دين جي حقيقي حفاظت ڪندي هر مُعرڪي ۾ هنن ثابت ڪيو ته دين جي حفاظت ۽ شريعت جو تحفظ هنن کان بھتر ٻيو ڪوبه ڪري نٿو سگهي. پاڻ سڳورن صہ جن جو فرمان آهي ته : ”حُسين انسانن جي روشني ۽ نجات جو ذريعو آهي.“ اها روشني ازل کان ابد تائين انسانن لاءِ راستبازيءَ جو ذريعو آهي ۽ نيڪ عمل رستي دنيا توڙي آخرت ۾ ڇوٽڪاري جو وسيلو آهي. امام حسين عه ئي حقيقي منزل تي پھچڻ جو اهو ڏسُ آهي، جن جي ڏسيل واٽ تي هلي انسان دين ۽ دنيا ٻنهي جي ڀلائيءَ کي حاصل ڪري سگهي ٿو. امام عالي مقام حسين عه ئي اسانکي حق تي ثابت قدم رهڻ ۽ باطل جي سامھون حق سچ چئي ڏيڻ جي اها جرئت ڏني آهي، جيڪا قيامت تائين هڪ وڏو دليل آهي ته پاڻ انسانن کي سچ تي ثابت قدم رھڻ جو رستو ڏيکاريائون. پاڻ پنھنجي ناني رسولِ خدا صہ جن جي تعليمات کي عام ڪرڻ لاءِ جيڪا تبليغ ڪيائون، سا ٻاٽ ۾ لاٽ ثابت ٿي. سندن ڏسيل راهه کي نه ته دنياداريءَ جي زنگ لڳڻ جو ڊپ آهي، نه ئي آخرت جي تڪليفن جو ڀئو! ڇو جو حُسين عه خوف جو نه پر علم ۽ عمل جو واضح مثال آهي ۽ اهو ڪائناتي سچ آهي ته علم روشني آهي ۽ ڪفر جھالت آهي. امام حسين عه حقيقت، سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ ديانتداريءَ جو نالو آهن. حق ۽ سچ جي واٽ تي هلڻ، الله ۽ سندس رسول صہ تائين پھچڻ جو جيڪڏهن ڪو وسيلو آهي ته اهو حضرت حُسين عه آهي.
حضرت امام حسين عه جي فلسفي جي اهميت ان مان واضح آهي ته حديث ۾ چٽيءَ طرح امام حسن عه ۽ حضرت امام حسين عه کي نبي سائين صہ جن پنھنجو اهلِبيت سَڏيو آهي ۽ فرمايو آهي ته ”حسن عه ۽ حسين عه ٻئي منھنجا فرزند آهن. جيڪو حسن عه ۽ حسين عه جو دوست آهي، اهو منھنجو به دوست آهي ۽ جيڪو منھنجو دوست آهي، سو خدا جو دوست آهي.“
حضرت امام عالي مقام حسين عه جي تربيت ۽ تعليم جو ذريعو ڪائنات جا اهي عظيم محسن آهن، جن جي طفيلي الله پاڪ هن ڪائنات کي وجود ۾ آندو. امام حسين عالي مقام عه به ته خدا جي حڪمن جي پيروي ڪئي ۽ رسول الله صہ جن جي حڪمن تي ثابت قدم بيھي دنيا کي ٻڌايو ته اسان ئي حق ۽ سچ توڙي بخشش جو ذريعو آهيون. سچ آهي ته جنھن حضرت امام حسين عه جن جي تعليمات تي عمل ڪيو ۽ دينداري يا دنيا ۾ مذهب جي ڏسيل راهه وٺي هليو، سو ئي آخرت ۾ سوڀَ ماڻيندو.
سماجي حوالي سان امام حسين عه جي ڪامل شخصيت جا ڳُڻَ سدائين پيا ڳائبا. پاڻ پنھنجي طبيعت ۾ ٻاجهارا ۽ رحمدل، هٿ جا سخي ۽ رحم کائڻ وارا رهيا. شفقت سان پيش اچڻ، مسڪينن جو خيال رکڻ، قيدين کي آزادي ڏيارڻ ۽ حقدار تائين حق پھچائڻ سندن حياتيءَ جو نصب العين رهيو. پنھنجي ناني، رسولِ پاڪ صہ کانپوءِ هڪ ڪامل اڳواڻ جيان سندن امت جي رھبري ڪيائون. عام ماڻهن سان به سندن ورتاءُ اعليٰ رهيو.
هڪ ڀيري پاڻ واٽ تان لنگهي رهيا هئا ته گداگرن جو هڪ ٽولو ماني کائي رهيو هو. پاڻ انهن کي ڏسي سلام ڪيائون. فقيرن کين ماني کائڻ جي صلاح ڪئي. پاڻ نه صرف انهن سان گڏ ويھي ماني کاڌائون، پر انهن کي پاڻ سان پنھنجي گهر به وٺي آيا. ۽ پوءِ کين به کاڌو کارائي ڪپڙا ۽ ڪجهه درهم ڏئي روانو ڪيائون. يا هڪ ٻيو مثال، جيڪو سندن سوانح جي ڪتابن ۾ به موجود آهي ته، صفه جي مقام تي ڪجهه ماڻهن سان ملاقات ڪيائون. انهن کين پاڻ سان گڏ ويھاريو ۽ ماني کائڻ جي درخواست ڪئي. پاڻ فرمايائون ته الله تڪبر ڪرڻ واري کي دوست نٿو رکي. سو انهن سان ويھي کاڌو کائي چيائون ته مون توهانجي دعوت قبول ڪئي. هاڻي توهان به منھنجي دعوت قبول ڪريو. پوءِ جڏهن اهي ماڻهو وٽن مھمان ٿي آيا ته پاڻ گهر ويا ۽ حضرت بيبي رباب عه کي فرمايائون ته : ”جيڪي ڪجهه گهر ۾ آهي، اهو کڻي اچو!“ ۽ پوءِ مھمانن جي تواضع ڪيائون.
امام حسين عه درگذر ڪرڻ کي وڌيڪ اهميت ڏيندا هئا ۽ بدلي وٺڻ کي ڪڏهن به پسند نه ڪندا هئا. مايوس ۽ گمراهه ماڻهن جي اصلاح کي فوقيت ڏيندا هئا. سوالين کي خالي نه موٽائڻ ۽ الله جي دين جي ڳالهه ڪري حق تي يقين سان بيھڻ جي تلقين ڪندا هئا. غم جي ماحول ۽ بي چينيءَ واري فضا کي پنھنجيءَ ڏاهپ سان ختم ڪرڻ جو کين ڏانءٌ هو. دين جي بھتري ۽ ڀلائي توڙي الله ۽ ان جي رسول صہ جي خوشنودي ئي امام حسين عه جن لاءِ منزلِ مقصود هئي. پاڻ فرمايائون ته ”گهڻا ئي ماڻهو الله جي عبادت ڪجهه حاصل ڪرڻ خاطر ڪندا آهن، تن ڄڻ ته تجارت ڪئي. گهڻا ماڻهو خوفِ خاطر عبادت ڪندا آهن. اها غلامن جي عبادت آهي. پر گهڻا ماڻهو الله جي طرفان عطا ٿيل نعمتن جي شُڪر ادائيءَ خاطر عبادت ڪندا آهن. اها آزاد ماڻهن جي عبادت آهي، جيڪا ئي سڀ کان افضل آهي.“ حضرت امام عالي مقام عه جو هر قول ۽ فعل انسانذات لاءِ اونداهيءَ ۾ لاٽ جيان آهي.
حضرت امام حسين عه جي پنھنجن جانثارن ۽ سرويچ ساٿين سميت 10 محرم الحرام 61 هجريءَ تي شھادت ٿي، پر ياد رکڻ گهرجي ته ان مُعرڪي جي شروعات تڏهن کان ٿي، جڏهن يزيد کي ولي عھد نامزد ڪيو ويو ۽ هُو مسلمانن جو خليفو ٿيڻ لاءِ حضرت امام حسين عه کان بيعت وٺي رهيو هو. امام حسين عه ان جي حمايت انڪري به نه ڪئي جو يزيد شريعت جي ابتڙ ھلندڙ توڙي دنيا جي هر برائيءَ ۾ ورتل هو. نتيجو اهو نڪتو جو هُو امام حسين عه مٿان بيعت جو زور رکندو آيو. ٻئي پاسي ڪوفي جي هزارين ماڻهن امام حسين عه کي خط لکي ڪوفي اچڻ جي دعوت ڏني. ان وچ ۾ امام حسين عه پنھنجي سفيرَ حضرت مسلم بن عقيل عه کي ڪوفي ڏانھن حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ موڪليو، جتي مسلم بن عقيل به شھيد ٿي ويو ۽ خط لکڻ وارا ڪوفِي، يزيد ۽ ان جي حمايتين جي ممڪنه ظالماڻي ردِ عمل کان ڊڄي ويا ۽ پنھنجيون وفاداريون مَٽائي بيھي رهيا. ايستائين امام حسين عه حج کي عمري ۾ تبديل ڪري، ڪُوفي وڃڻ جو ارادو ڪيو. رستي تي ڪربلا جي ميدان ۾ هزارن جي يزيدي لشڪر کين روڪي وڌو ۽ زور ڀريو ته يا يزيد جي بيعت ڪريو يا جنگ ڪريو! اسلام ۽ شريعت جي محافظ ٽولي جو معصوم ٻارڙن سميت ٽي ڏينھن پاڻي ان غرض سان بند ڪيو ويو ته متان حسين عه، يزيد جي حمايت ۾ گوڏا کوڙي وجهي، پر حضرت امام حسين عه جي طرف کان 72 مجاھدن 9 لک يزيدي فَوج سان مقابلو ڪري شھادت ته قبولي، پر هر دؤر جي انسانن لاءِ پيغام ڏئي ويا ته حق ۽ سچ تي قائم رهي وڏي کان وڏي لشڪر کي به مات ڏئي سگهجي ٿي. يزيدي لشڪر جي هر ظلم ۽ استبداد کي امام حسين عه پنھنجن ساٿين سميت برداشت ڪيو.
شھادت کانپوءِ امام حسين عه جي گهراڻي کي قيدي بڻايو ويو، کين سختيون ۽ صدما ڏنا ويا. هر قسم جو ظلم سھڻ کانپوءِ به جڏهن امام حسين عه جي ڀيڻ حضرت بيبي زينب سلام الله عليھا ۽ پٽ امام زين العابدين عه آذان ۾ الله ۽ الله جي رسول صہ جي شاهدي ٻڌندا هئا، ته چوندا هئا ته ”امام حسين عه جي فتح جو اعلان ٿي رهيو آهي.“
اڄ اسان سڀني کي اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته اسان به امام حسين عه جي زندگيءَ جي واقعن مان سبق حاصل ڪندي زندگيءَ ۾ هر خوشي ۽ ڏک اچڻ تي ثابت قدم ٿي بيھنداسين ۽ سندن پيغام کي پنھنجي وس آھر عام ڪنداسين.