سائين جي ايم سيّد جي پر بھار شخصيت جي سڃاڻپ جا ڪيترائي حوالا آهن. دنيا اندر سنڌي قوم جت جت وسي ٿي، ان جي فردن جي ذهنن تي سندس نالو ۽ حوالو سنڌ سان بي انتھا عقيدت ۽ محبت ڪندڙ امر ڪردار طور نقش ٿيل آهي. هو هڪ ناليوارو سياستدان ۽ سماج سڌارڪ هئڻ سان گڏ هن سماج جي شعور ۽ ساڃاهه جو سرواڻ به هو. جيتوڻيڪ سياست سندس سڃاڻپ جو مضبوط حوالو هئي، پر سندس قلم به قوم جي رھنمائيءَ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. سندس سياسي فڪر جا ڏيئا سياسي شاگردن جي عمل جي واٽ اڄ تائين روشن رکندا پيا اچن ۽ سندن رھنمائي ڪندا پيا اچن. هو هڪ مدبر اڳواڻ ۽ ڏاهو هو. سندس سوچ جو محور سنڌ هئي. جوانيءَ کان پڇاڙيءَ تائين هن سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ جدوجھد ڪئي. سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌ واسين سان محبت ڪندي هن پنھنجي حياتيءَ جون 91 بھارون گذاريون. انڪري ئي سندس ذڪر سياسي کيتر ۾ جيترو مقبول آهي، اوتريون ئي سندس علمي ۽ ادبي خدمتون به ڀرپور ۽ ناقابلِ فراموش آهن. سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ سندس قلمي پورهيو سندس سياسي جدوجھد جيترو ئي اھم آهي. لطيف شناسيءَ سميت عمومي ادبي فڪر جي ڦھلاءَ جو جيترو ڪم سائين جي ايم سيّد جي حصي ۾ آيو آهي، سو سدائين ڳائڻ جھڙو آهي. هن سنڌ واسين خاص طور تي شاگردن ۽ هر اسرندڙ نسل جي نؤجوانن کي شعور جي راهه ڏيکارڻ لاءِ جيڪي قلمي ڪاوشون ڪيون، اهي پستڪ جلندڙ مشعل وانگر ذهنن جا سوجهرا آهن، جيڪي هي دؤر جي پڙهندڙن جون راهون روشن ڪندا رهن ٿا ۽ روشن روشن جلندا رھندا.سائين جي ايم سيّد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ نه صرف تاريخ پر لطيفيات، سوانح نگاريءَ، تذڪره نويسيءَ ۽ خط نگاريءَ جي صنفن ۾ سنڌ کي علمي ۽ ادبي خزانو عطا ڪيو. سندس ڏات کي ڏهوڻ تڏهن عطا ٿي، جڏهن سندس ڪتابن کي انهن جي منفرد موضوعن ۽ فڪري ڳوڙهائيءَ سبب پڙهندڙن پاران دل و جان سان ستائش ملي. سائين جي ايم سيّد جنھن دؤر ۾ جنم ورتو ۽ وهيءَ کي رسيو، سو سياسي توڙي انتظامي حوالي سان انگريزن جو دؤر هو. ان ئي دؤر ۾ سنڌي ادب صحيح نموني ۾ ترقيءَ جي راهه جو راھي ٿيڻ شروع ٿيو، جنهنجي نشر ۽ اشاعت جو آغاز 19هين صديءَ جي آخر کان ٿي چڪو هو. سائينءَ جنھن نموني پنھنجو مطالعو ۽ مشاهدو پنھنجين تحريرن ۾ اوتيو، سو ادبي تاريخ جو سونھري باب بڻجي ويو.
سائين جي ايم سيّد جي تحرير جا موضوع نرالا آهن. هن ادبي رنگ ۾ جتي ٻوليءَ جي اھميت جي ڳالهه ڪئي، اتي سنڌي ثقافت کي به اجاگر ڪيو. جتي شاعريءَ جي ڳالهه ڪيائين، اتي سماجي حالتن جا اصل عڪس پيش ڪري اهو به ٻڌايائين ته شاعريءَ جي فريم ۾ پرينءَ جي تصوير سان گڏ ديس جي بدحالي ۽ ماروئڙن جي دردن جي عڪاسي به اچي سگهي ٿي ۽ اچڻ گهرجي. ادب جي ڳالهه ڪندي انسانيت جو درد بيان ڪندي ٻڌايائين ته جيڪو انسانيت جو قائل آهي، سو ئي مڪمل انسان آهي. هو لوڪ ڪھاڻين ۽ ان جي ڪردارن تي ڳالهائيندي فرد ۽ سماج جي اصلاح ڪندي نظر ٿو اچي. اها سندس فياضي آهي، جو هن پنھنجيءَ قوم کي هڪ ڳالهه وسيلي ڪيترائي پيغام ڏنا. سندس اهڙي فڪر ڪري شاگردن ۽ نؤجوانن کيس ان حد تائين ڀرپور موٽ ڏني، جو ادبي محفلن ۽ مجلسن ۾ سندس لازوال پيغام جو پڙلاءُ عام جام ٻڌڻ ۾ آيو ۽ اڻ ڳڻين ذهنن جي آبياري ٿي.
سائين جي ايم سيّد جنھن دؤر ۽ جن حالتن مان گذريو، تنھن زماني ۾ علمي سجاڳيءَ سان گڏ عوام ۾ پراڻين ريتن رسمن ۽ شعور کان وانجهيل لاڙن جو رواج عام هو. اهڙيءَ صورتحال ۾ قوم جي هن فرض شناس رهبر اندازو لڳايو ته غيرصحتمند سوچن ۽ خيالن کي پنھنجين تحرير توڙي تقرير وسيلي صحتمند ۽ باشعور فڪر ڏانهن لاڙي سگهجي ٿو ۽ ادب رستي سندن محدود سوچن کي لامحدود فڪر جو راھي ڪري سگهجي ٿو. سندس اهڙيون ڪاوشون ”پيغامِ لطيف“ ۾ پڌريون ٿيون. جڏهن پاڻ لطيف سائينءَ جو فڪري پيغام انهن ماڻهن تائين نرالي انداز ۾ پهچائڻ لاءِ قلم کنيائين، جن وٽ هي عظيم ۽ انقلابي شاعر، ان کان اڳ رڳو هڪ ولي ۽ بزرگ جي حيثيت ۾ قدر لائق هو، ته لطيف جا نوان فڪري رُخَ هن قوم تي آشڪار ٿيا. اهڙو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏيڻ تي سائين جي ايم سيّد سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ قوم تي اهو احسان ڪيو، جنھن جي ڪٿَ ڪرڻ مشڪل آهي.
سائين جي ايم سيّد جي خطن وارن ڪتابن ”ساهڙ جا سينگار“، ”رهاڻ“، ”خطَ ۽ مضمونَ“، ”واڄٽ ويراڳين جا“، ”اڄ پڻ چڪيم چاڪَ“، ”ڪجهه خط“، ”حاصل جنين حال“، ”آيو تڙ تماچي“ ۽ ”سڏ پڙاڏو“ جي اڀياس سان اسانکي سندس علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي حيثيت سان گڏوگڏ سندس شعوري سگهه جو اندازو به ٿئي ٿو، ته هو حالتن ۽ واقعن تي ڪيڏي تدبر سان پنھنجي موقف جو اظھار ڪري قوم جي رھنمائي ڪري ٿو. اهي خط پنھنجي دؤر جي سياسي ۽ سماجي تاريخ آهن. ان سان گڏوگڏ سندس لکيلَ ”چونڊ ادبي مضمون“، ”جنب گذاريم جن سين“، ”جديد سياست جا نَوَ رتن“، ”پنھنجي ڪھاڻي پنھنجي زباني“، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“، ”ديارِ دل داستانِ محبت“ ۽ ٻيا ڪتابَ سندس ادبي شعور کي اجاگر ڪن ٿا. اسانکي گهرجي ته پنھنجي هن عظيم ڏاهي، فڪري رھبر ۽ تاريخ ساز سياستڪار جي ادبي خدمتن جو اعتراف ڪندي سندس ڪتابن جي مطالعي سان پنھنجين سوچن ۽ خيالن کي شعوري سگهه ڏيون. اسان سنڌ جي هن فڪري سرواڻ کي ٻه ڏينھن بعد ايندڙ سندس 36هين ورسيءَ جي موقعي تي عقيدت ڀريو سلام پيش ڪريون ٿا ۽ سندس قلمي ڪارنامن جو دل سان اعتراف ڪيون ٿا.