شڪارپور ۾ بجاج آڪَھِه، شھر جي ترقي ۽ بهتريءَ کانسواءِ شھرين کي هر حال ۾ سھارو ڏيڻ، توڙي ڏکئي وقت ۾ سندن مدد ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پٺتي نه رهي. سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج، شڪارپور جي مشھور شخصيت سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج جو پٽ هو. لڻيندا سنگهه بجاج کي ته شڪارپور جا ماڻھو سڏيندا ئي “ننگر سيٺ” هئا. اهڙيءَ ريت ننگر سيٺ جا پُٽَ: سيٺ منگهو مل، سيٺ ڪشنچند ۽ سيٺ پرمانند بجاج اُسريا ۽ پنھنجن پنھنجن ڪاروبارن سان گڏ عوامي خدمت ۾ مصروف ٿي ويا ته سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج به انھن جي نقشِ قدم تي هلندي خدمتِ خلق جي کيتر ۾ انھن کان پوئتي نه رهيو. هن خاندان جا فردَ نسلن کان وٺي نه رڳو شڪارپور شھر ۾ اسڪولَ، ڪاليج ۽ صحت مرڪز قائم ڪرائڻ لاءِ ڌن ڏيندا رهيا، پر شڪارپور اندر هلندڙ مسافرخاني جي سمورن معاملن کي ڏسڻ ۽ سنڀالڻ سميت مختلف جاين تي شھرين کي علمي ۽ هنري سکيا ڏيڻ جي حوالي سان به خرچ ۾ ڪڏهن پوئتي ڪونه رھيا.
سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج،
شڪارپور جي اهڙي ئي ديالُو ڪٽنب ۾، 22 فيبروري 1905ع تي پيدا ٿيو. ننڍپڻ کان ئي هوشيار هئڻ سان گڏ سندس رغبتَ ڪاروبار ۽ ڀلائيءَ جي ڪمن طرف هئي. پنھنجي گهر ۾ سماجي خدمت وارو ماحول ڏسندي غريبن جي سيوا ڪرڻ ۾ کيس سڪون ملندو هو. هُو واپاري معاملن کي ڏسڻ ۽ سياست ۾ پڻ گھرِي دلچسپي وٺڻ لڳو. هندوستان جا نالي وارا سياستدان جڏهن شڪارپور ۾ عوامي ميڙن کي خطاب ڪرڻ يا سياسي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ ايندا هئا، ته سندن گهر ئي اچي ٽِڪندا هئا.
سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج شڪارپور ۽ بمبئيءَ مان تعليم مڪمل ڪري، پنھنجي ئي شھر ۾ هيٺينءَ سطح جي سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ۽ ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي شڪارپور شھر جي ميونسپالٽيءَ جو چيئرمئن بڻيو ته شھر جي روڊن ۽ رستن تي پاڻ بيھي پنھنجي نگرانيءَ ۾ صفائي ڪرائيندو هو. صفائي ڪرڻ واري عملي جا جڏهن ڏک ۽ درد ٻڌڻ شروع ڪيائين ته پنھنجيُون همدرديون انھن کي ارپي ڇڏيائين. شڪارپور ۾ پٺتي پيل هريجن برادريءَ جي سارسنڀال لھڻ کي هن ئي شخص خاص ترجيح ڏني. هريجن ڪٽنبن لاءِ هن شڪارپور ۾ هڪ ڌار بئنڪ به قائم ڪئي ۽ پاڻ ان بئنڪ جو چيئرمين ٿي رهيو. اها به خدمت سندس ئي حصي ۾ آئي ته هن شڪارپور ۾ ٻھاريدارن ۽ خاڪروبن لاءِ ڌار ڪالوني ٺھرائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ غريبن جي مدد ڪئي.
شڪارپور ۾ جڏهن به ڪا بيماري منھن ڪڍندي هئي يا قدرتي آفت ايندي هئي ته سيٺ پرشوتم سنگهه کي شھرين جي تمام گهڻي ڳڻتي ٿيڻ لڳندي هئي. پاڻ گهوڙي تي چڙهي هر هڪ پاڙي ۾ وڃي معائنو ڪندو هو. غريب ۽ متاثر ماڻھن کان احوال وٺي کين گهر ويٺي امدادي سامان پھچائي ويندو هو. ‘ننگر سيٺ’ کانپوءِ هن کي به شڪارپور جا ماڻھو پنھنجو همدرد سمجهندا هئا ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. شڪارپور کان علاوه به جتي مسڪين ماڻھن کي مدد جي گهرج ٿيندي هئي ته سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج انڪار نه ڪندو هو. ڪٿي به جڏهن ڪو زلزلو ايندو هو ته سيٺ کاڌي پيتي جي سامان سان گڏ ڪپڙا ۽ پئسا به ان علائقي ڏانھن متاثر ماڻھن لاءِ موڪلي ڏيندو هو. سنڌ سميت بلوچستان جي علائقن ۾ جتي به ماڻھو بيمار هوندا هئا، انھن جي علاج لاءِ مفت طبي ڪئمپن جو اهتمام ڪندو هو. شڪارپور ۾ جڏهن ننڍڙيءَ عمر واري ڪنھن نينگريءَ جي شادي، ڪنھن وڏي ڄمار واري مرد سان ٿيندي هئي ته سيٺ ان جي خلاف احتجاج جو آواز بلند ڪندو هو. اهو ئي نه پر ٻين سماجي براين جي خاتمي لاءِ پاڻ هميشه متحرڪ رهيو.
ڪو دؤر هو جو شڪارپور ۾ اهو رواج عام هو ته هتان جون عورتون پنھنجي سھاڳ جي نشانيءَ طور نڪ ۾ نٿ پائينديون هيون. سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج ان رسم کي فضول سمجهندي ان جي مخالفت ڪندي، شڪارپور ۾ سڀ کان پھريان پنھنجي ڌرم پتنيءَ کي نڪ ۾ نٿ پارائڻ کان انڪار ڪندي، سنھو ڪوڪو پارائي مثال قائم ڪيو، ته شڪارپور ۾ ان ڳالھه جي ھاڪ ٿي وئي. قدامت پسند ماڻھن ڏانھس سواليه نظرون کڻڻ شروع ڪيون، پر سيٺ پنھنجي حڪمت ۽ ڏاهپ سان کين مطمئن ڪري، ان رسم کي ختم ڪري سھاڳڻين کي فقط ڪوڪو پارائڻ جو رواج عام ڪرڻ ۾ اهم هاڪارو ڪردار ادا ڪيو.
شڪارپور هندو پئنچات جڏهن به ڪو قدم کڻندي هئي ته سيٺ پرشوتم کي اعتماد ۾ ضرور ورتو ويندو هو. شھري به جڏهن ڪو علمي، سياسي، ڌرمي يا سماجي مانڊاڻ توڙي ناٽڪ برپا ڪندا هئا ته سيٺ پرشوتم جي مدد کين حاصل هوندي هئي. شڪارپور، جنھن لاءِ هن گهراڻي تمام گهڻي خدمت ڪئي هئي، تنھن شھرَ جون حالتون ورهاڱي کانپوءِ خراب ٿي ويون. ورهاڱي سبب هھڙا عوامي خدمتگذار به ڪمزور ٿي ويا ۽ پنھنجو اباڻو وطن ڇڏڻ ۽ پرديس وڃڻ تي مجبور ٿي ويا. اهو پرديس، جيڪو پھريان پنھنجي ئي ديس جو حصو هو.
ورهاڱو ٿيو ته سيٺ پرشوتم ڏک ۽ غم جي ڪيفيت ۾ روئندو سڄي شھر جا چڪر هڻندو هو. ڪڏهن پنھنجن وڏڙن جي ٺھرايل “لکيدر واري پرائمري اسڪول” ۽ “چيلاسنگهه ۽ سيتلداس (سي اينڊ ايس) ڪاليج” ڏانھن ويندو هو ته ڪڏهن “مسافرخاني” ۾ وڃي اتي ترسيل ماڻھن کي ماني کارائي سڪون حاصل ڪندو هو. ڪڏهن “لکيدر” جي آسپاس پيو رمندو هو ته ڪڏھن “شاهي باغ” وڃي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي رهندو هو. ڏينھن جو ڏهه ڏھه ڀيرا پنھنجي وڏڙن جي قائم ڪيل “آيرويدڪ ڪاليج” ۾ وڃي وقت گذاريندو هو. “چوڙيگر بازار” ۾ جيڪا غريبن لاءِ مفت علاج واري اسپتال قائم ڪئي هيائون، اتي وڃي مريضن جي پرگهورَ لھندو هو. شڪارپور مان لڏي وڃڻ وقت، هن کي شھر جو اڳ وارو پيار محبت وارو ماحول وڃايل وڃايل محسوس ٿيڻ لڳو. ڪالھه جيڪي هندو مسلم هڪٻئي جا ساٿي ۽ ڀائر هئا، اهي هاڻي هڪٻئي لاءِ اوپرا بڻجي چڪا هئا:
اکڙيون رم جهم، دلڙيون گم سم، گُونگا سڀ گجميل هتي
ڪوبه نه سمجهي، ڪنھن جي منشا، بي سڌ سارا ميلَ هتي
(نياز همايوني)
نيٺ ڳوڙها ڳاڙيندو، شھر کي پيار ڀرين نظرن سان الوداعي انداز ۾ ڏسندو، شڪارپور ڇڏي نئين ورهاست موجب هندوستان بڻيل ديس وڃي، ‘بئنگلور’ جا وڻَ وسايائين. سنڌ سميت شڪارپور جي ياد آخري دم تائين سندس من تان نه لھِي نه لٿِي!
سنڌڙي! توکي ساري ٿي ۽ توکي سنڌڙيءَ سار
دلڙي توکان ڌار نه آهي ڌار نه ٿي سگهندي
(شيخ اياز)
بئنگلور ۾ پنھنجي پِتا “سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج” جي نالي پٺيان اسڪول هلائڻ لاءِ رقم ڏنائين. هندوستان ۾ سرڪاري ادارن ۽ تنظيمن جو ميمبر بڻيو. ازلي انسان دوست هجڻ ڪري مسڪينن جي مدد ڪندو رھيو. غريب ماڻھن جي کاڌ پيت، رهائش ۽ علاج واسطي بئنگلور ۾ مايا جا مٽ کولي ڇڏيائين. پنھنجيءَ شڪارپور کان ڏور رهندي، پھرين جنوري 1970ع تي ديھانت ڪري ويو.
اڄ اسان شڪارپور جي هن عظيم انسان کي سندس 56هين ورسيءَ تي محبت مان ياد ڪري احترام ڀريو سلام پيش ڪريون ٿا.