پنھنجي پاران … سچ ۽ ادب جو عاشق: صوفي جهامنداس “عاشق”….حسيب ناياب منگي

                 سنڌ جي ادبي تاريخ اهڙن انيڪ شاعرن سان ڀري پئي آهي، جن پنھنجي فڪر، فن ۽ قلمي ڪردار وسيلي ادب جي جھانَ ۾ روشنيءَ جا ڏيئا ٻاريا آهن. انھن مان گهڻن ئي شاعرن گهڻي مشھوري ماڻي، ته ڪي پنھنجي فڪري پختگيءَ باوجود پنھنجِي سادگيءَ سبب خاموشيءَ سان ادب جي خدمت ڪندا رهيا ۽ شھرت ۽ ناماچار کان پاسيرا رھيا. اهڙن ئي خاموش، پرَ، اثرائتن شاعرن ۾ هڪ نالو صوفي جهامنداس ”عاشق“ جو پڻ آهي، جيڪو شڪارپور جھڙي علمي ۽ ادبي شھر جو ناليوارو شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ سچائي، روحانيت، اخلاق ۽ انسان دوستيءَ جي سڳنڌ سمايل آهي.

                 صوفي جهامنداس “عاشق” 15 مئي 1924ع تي شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ ‘کمڻ’ ۾، جيئند مل “طالب” جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس جنم اهڙي گهراڻي ۾ ٿيو، جتي سادگي، محنت ۽ نيڪ نيتيءَ کي وڏي اهميت حاصل هئي. هن ابتدائي درجن کان وٺي سنڌي فائنل تائين تعليم شڪارپور شھر مان ئي حاصل ڪئي. تعليم دؤران ئي ادب ۽ شاعريءَ طرف سندس لاڙو پيدا ٿيو، جيڪو وقت سان گڏ هڪ مضبوط ۽ فڪري شوق ۾ تبديل ٿي ويو.

جوانيءَ ۾ قدم رکندي، صوفي جهامنداس “عاشق” عملي زندگيءَ ۾ به پاڻ مڃرايو. هن ڪاروباري دنيا ۾ ايمانداريءَ جو رستو اختيار ڪندي، مختلف ڪاروبارن ۾ ‘ڀلاوڻي’ جي حيثيت سان ڀلاوڻ جو پورھيو ڪيو ۽ ان ڪرت کي پنھنجي محنت سان پنھنجي روزگار جو ذريعو بڻايو. پر ڪاروبار ئي سندس زندگيءَ جو واحد مقصد نه هو. اهو فقط سندس ذريعهء معاش هو. سندس اصل سڃاڻپ شاعري ۽ ادب جي ٻين صنفن سان وابستگي هئي. 1940ع کان هن باقاعده شعر و شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ آغا گل حسن خان “گل” سلطان ڪوٽيءَ جي شاگردي اختيار ڪئي. ان کانسواءِ، ڪجهه وقت سندس ڪلام جي اصلاح نامياري شاعر غلام نبي “مير” به ڪئي، جنھن سان سندس شاعريءَ ۾ فني پختگي پيدا ٿي.

صوفي جهامنداس “عاشق” جو شمار انھن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن پنھنجن همعصرن سان گڏ ادبي تحريڪن ۽ ادبي ادارن جي قيام ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. هن آغا عبدالنبي خان “عليگ”، غلام نبي “مير”، رحمت الله “شوق”، غلام رسول ميمڻ ۽ بيدل مسرور بدويءَ جھڙن نامور شاعرن ۽ اديبن سان گڏجي شڪارپور ۾ “سچل سرمست آرٽ سرڪل” جو بنياد رکيو، جيڪا بعد ۾ “بزمِ سچل سرمست” جي نالي سان مشھور ٿي. هي ادبي فورم شڪارپور ۽ آسپاس جي علائقن ۾ مشاعرن ۽ ادبي گڏجاڻين جي حوالي سان هڪ اهم مرڪز بڻجي ويو. “عاشق” گهڻي عرصي تائين هن بزم وسيلي مشاعرن جو اهتمام ڪندو رهيو ۽ نؤجوان شاعرن جي همت افزائي ڪندو رهيو. ان سان گڏوگڏ جهامنداس “شڪارپور پريس ڪلب” جو حصو پڻ رهيو.

صوفي جهامنداس “عاشق” هڪ گهڻ رخو شاعر هو. هن سنڌي ساهت کيتر ۾ نظم جي تقريباً هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. خاص ڳالھه اها آهي ته هو سنڌ جي انھن ٿورن غيرمسلم شاعرن ۾ شامل هو، جن نعت جھڙي اهم صنف ۾ به لکي:

بڻيو گرويده آ تنھنجو سمورو هي جھان ساقي!

جڙيو جنسار تنھنجي لئه زمين و آسمان ساقي!

زمين ٿئي ورق، ٿين وڻڪار ڪلڪون، مَسُ ٿئي پاڻي،

لکڻ وارا لکي سگهندا نه تنھنجو ڪو بيان ساقي!

خدا تنھنجو، خدا جو تون، خدائي پڻ سڄي تنھنجي،

خدا خالق، تون آن مالڪ، سندءِ هر دو جھان ساقي!

صوفي جهامنداس “عاشق” جي شاعريءَ ۾ دل جي صفائي، نفس خلاف جدوجھد، خدا سان تعلق ۽ اعليٰ انساني قدر نمايان نظر اچن ٿا. سندس هي شعرَ ان ڳالھه جو واضح مثال آهن:

صفائي قلب ڪنھن جي جِي اگر تمام ٿئي،

هو خوش نصيب خدا ساڻ هم ڪلام ٿئي

ندوري نفس جو بندو اگر غلام ٿئي،

حرام پاڻ سندس زندگي حرام ٿئي

نگاههِ شوق جو ڪوئي ته مڙهه مقام ٿئي،

خزان کُٽي ته بھارن جو انتظام ٿئي

صوفي جهامنداس “عاشق” سنڌي شاعريءَ جي قديم روايت کي جديد دؤر ۾ سنجيدگيءَ سان پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب رھيو. سندس ڪلام ۾ ظاهري طور انھن ئي پراڻن گل ۽ بلبل، باغ ۽ بھار سميت شمع توڙي پرواني جي حوالن جو گهڻو بيان ملي ٿو، پر ان هوندي به سندس غزل ۾ رواني به آهي ته جوش به. گڏوگڏ هُو پيار ۽ محبوب سان ميلاپ جِي ڳالھه به ڪري ٿو. فني پختگيءَ سان گڏ عام فھم هجڻ به سندس ڪلام جي اهم خوبي آهي.

ڪيان ٿو منٿون مگر ڪونه ٿو جواب ملي

گناهه مون کان ٿئي يار کي ثواب ملي

اثر تنھين کي ذري ڀر به ڪوئي ڪونه ٿيو،

چوان ٿو هڪڙو دفعو مون سان بي حجاب ملي

صوفي جهامنداس “عاشق” پنھنجي شخصيت ۾ به پنھنجي شاعريءَ جھڙو ئي سچو، کرو، نيت جو صاف ۽ سڀني سان محبت ڪندڙ انسان هو. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي بناوٽ يا ڏيکاءَ کي جاءِ نه ڏني. هو شڪارپور جي ادبي محفلن جو باقاعدي حصو هوندو هو ۽ جتي به مشاعري جي دعوت ملندي هئس، اتي پھچڻ ۽ شرڪت ڪرڻ کي پنھنجو فرض سمجهندو هو. اهڙيءَ ريت، هن شڪارپور ۾ مشاعرن واري روايت کي زندهه رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. کيس پنھنجن وڏڙن کان حضرت سچل سرمست رحه جي درگاهه سان روحاني تعلق ورثي ۾ مليو. جنھنڪري صوفي جهامنداس “عاشق” پنھنجي شاعريءَ ۾ به بار بار ان جو اظھار ڪندو رهيو:

پنجن ٻارهَن جو ٻانھو مان سچل سرمست جو “عاشق”

ويو آهيان نه ويندس مان ڪڏهن اغيار جي ويجهو

صوفي جهامنداس “عاشق” جي شاعريءَ ۾ حب الوطنيءَ سان گڏ ديس جي بھادر ۽ مڻيان دار ڪردارن کي خراج پيش ڪرڻ جي روايت به نظر اچي ٿي. ڪٿي ڪٿي شاعريءَ ۾ ظرافت کان به ڪم ورتو اٿائين:

سفيد وار ڏسي هو لنوائي ٿو شايد

مگر مان ڇا ڪيان سستو نٿو خضاب ملي

ملي آ دعوتِ دلدار پر ٿو خدشو ٿئي،

ڪٿي ائين نه ٿئي جو چانھه ۾ جُلاب ملي

بدقسمتيءَ سان، صوفي جهامنداس “عاشق” جو ڪلام اڃا تائين ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي نه سگهيو آهي. جيتوڻيڪ سندس شاعري وڏي تعداد ۾ سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. هيءَ ادبي دنيا لاءِ هڪ وڏي کوٽ آهي، جنھن کي پورو ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. صوفي جهامنداس “عاشق” 9 جنوري 2001ع تي هن فاني دنيا مان چالاڻو ڪري ويو، پر پنھنجي فڪر، شاعريءَ ۽ نيڪ نالي سبب اڄ به اسان ۾ زندهه آهي. سندس ياد کي تازو ڪرڻ دراصل انھن قدرن کي زندهه رکڻ برابرآهي، جيڪي سچ، محبت ۽ انسانيت سان جُڙيل آهن. اسان سڀاڻي ايندڙ سندس 25 هين ورسيءَ جِي مناسبت سان کيس ياد ڪريون ٿا ۽ خراج پيش ڪريون ٿا.

[email protected]