پنھنجي پاران … پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا….حسيب ناياب منگي

                 پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا سنڌي ادب ۾ ڪنھن به رسمي تعارف جو محتاج نه آهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي هزارين خدمتگارن ۾ پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا جو شمار به ٿئي ٿو، جنهن پنهنجي قلم سان ساھت جي جوت کي ڦھلائيندي علم ۽ ادب جي خدمت ڪندي امرتا ماڻي. مھراڻ جو هي هڪ اهم ماڻڪ نه رڳو سنڌي ادب جي کيتر ۾ پر سنڌ اندر تعليم ۽ تدريس جي ميدان ۾ به پنھنجي نانءَ سان، پنھنجي غير معمولي خدمتن سان چار چنڊ لڳائي ويو آهي. سندس شمار سنڌ جي انھن روشن ستارن ۾ ٿئي ٿو، جن پنھنجي حياتيءَ ۾ علم جي لاٽ مان لاٽ ٻاري ان شمع کي روشن رکيو، جنھن کي زوال اچڻو ئي ناهي. سندس انسان دوست سوچ ثابت ڪيو ته قلم، ساڃھ وند جو مستقل ساٿي هوندو آهي ۽ خيالن جي ڪھڪشان ۾ لفظن سان انسانن کي حق، سچ ۽ نيڪيءَ جي واٽ ڏيکارڻ وارو استاد ۽ قلمڪار ڪڏهن به من جو ميرو نه هوندو آهي. پروفيسر ڀاٽيا جي لکڻين مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هو زندگيءَ کي صرف مادي نظر سان نه پر روحاني ۽ اخلاقي حوالي سان به ڏسندو هو. سندس مضمونن ۽ ڪتابن ۾ انسان، سماج، محبت، درويشي ۽ سچائيءَ جا موضوع نمايان آهن. هن پنھنجي قلم وسيلي انسان کي پاڻ سڃاڻڻ ۽ سماج سان ذميواريءَ وارو رشتو قائم ڪرڻ جو سبق ڏنو. هڪ استاد جي روپ ۾ پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا شاگردن جي ذهني تربيت تي خاص ڌيان ڏنو. هو علم کي شاگردن کان رٽائڻ بدران منجهن سمجهڻ ۽ سوچڻ جي عادت پيدا ڪرڻ جو قائل هو. سندس نظر ۾ تعليم جو اصل مقصد انسان کي باشعور، بااخلاق ۽ سماج لاءِ فائديمند بڻائڻ هو. انڪري ئي سندس تعليم جو اثر صرف ڪلاس روم تائين محدود نه رهيو، پر شاگردن جي عملي زندگيءَ ۾ به نمايان نظر آيو. اسان سندس لکڻين جو مطالعو ڪريون ٿا ته انھن مان اندازو ٿئي ٿو ته وٽس علم، اخلاق ۽ انسان دوستي هڪٻئي کان جدا ڪونھن. استاد کان قلمڪار تائين سندس شخصيت ۾ اهي گڻ گڏ گڏ رهيا. تڏهن ته اڄ سندس من جا موتي حيات جا گُرَ ڏَسيندڙَ ۽ سبق ڏيندڙ آهن. پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا جو فڪر اڄ به زنده آهي، جنھنجي روشنيءَ مان اسان اڄ به سماجي اونداهيءَ کي مات ڏئي سگهون ٿا.

سنڌي علم ۽ ادب جي هن پرواني، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا جو جنم شڪارپور جي معزز گهراڻي ۾، دوارڪاداس ڀاٽيا جي گهر، 19 جولاءِ 1898ع تي ٿيو. هن ابتدائي تعليم “شڪارپور اڪيڊميءَ” مان حاصل ڪئي ۽ 1913ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ۽ 1919ع ڌاري، ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان “بي.اي” پاس ڪيائين. 1921ع ڌاري “نيشنل هاءِ اسڪول شڪارپور” جو هيڊ ماستر بڻيو، جنھن کانپوءِ “برهمچاريه هاءِ اسڪول شڪارپور” جو هيڊ ماستر ٿي رهيو. ان کانپوءِ “هاءِ اسڪول ڪنڊياري” جو پرنسپل مقرر ٿيو. ان دؤران ئي شڪارپور ۾ چيلا سنگهه بجاج ۽ سيتل داس پنجابيءَ نالي ٻن هندو سيٺين جي ڪوششن سان هڪ شاندار “اَپرسنڌ ڪاليج” جو قيام عمل هيٺ آيو (جنھن کي بعد ۾ ‘سي اينڊ ايس ڪاليج’ چيو ويو)، جتي پروفيسر ڀاٽيا انگريزي ۽ سنڌي پڙهائيندو رهيو. 1957ع ۾ اتان رٽائر ٿيو ته پنھنجي گهر ۾ ڪجهه مخصوص شاگردن کي بنا ڪنھن معاوضي وٺڻ جي، فقط علم ڏيڻ جي مقصد تحت، انگريزي پڙهائڻ شروع ڪيائين.

سنڌي ادب لاءِ، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا جُون ادبي خدمتون وسارڻ جھڙيون ناهن. هن سنڌي ادب جي جهوليءَ کي پنھنجيون انمول لکڻيون ارپي، سنڌي ادب تي ٿورا ڪيا. سندس علمي، ادبي ۽ تاريخي مضمون توڙي مقالا سه ماهي “مهراڻ”، ماهوار “نئين زندگي”، ماهوار “رُوح رهاڻ”، ماهوار “شاعر” حيدرآباد، ماهوار “سنڌو” ۽ “نخلستان مئگزين” سان گڏوگڏ پنھنجي دؤر جي ٻين مقبول ادبي مخزنن توڙي روزانين اخبارن ۾ شايع ٿيل ملن ٿا. پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا کي سندس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ “رائيٽرس گِلڊ” طرفان 1963ع ۾ انعام پڻ مليو. سندس ادبي لياقتن کي ان مان به پروڙي سگهجي ٿو ته سندس “ادبِ لطيف” جي عنوان سان لکيل شاهڪار مضمونن جو جرمن ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو. نه صرف اُهي امريڪا ۽ جرمنيءَ ۾ اشاعت هيٺ آيا، پر جرمنيءَ جي ريڊيو اسٽيشن تان انھن جو متن نشر به ٿيو.

پروفيسر منگهارام ملڪاڻي “سنڌي نثر جي تاريخ” ۾ لکي ٿو: “پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا ۽ کيئلداس ‘فاني’ نثر لکڻ ۾ شاعراڻي جذبات ۽ رنگين عبارت ڪم آڻيندا هئا.” ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ” ۾ پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا لاءِ لکيو: “سنڌيءَ جو هي بزرگ اديب هو، نھايت گھري مطالعي وارو هو. صوفين ۽ درويشن جي شخصيتن ۽ ڪلام سان گهڻو شوق هوس. ادبِ لطيف ۾ جهامنداس جي تحرير ۾ جيڪا اُٿل هوندي هئي، سا نثر جي زمين کي ٻوڙي ان کي نظم جو روپ وٺائيندي هئي.” پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا جو تذڪرو اسانکي سنڌي ادب جي تاريخن ۾ سونھري اکرن سان لکيل ملي ٿو، جن ۾ سندس ادبي خدمتن جي عيوض کيس گهڻو ساراهيو ويو آهي.

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا 1930ع ڌاري پنھنجي ادارت هيٺ “سنڌو” رسالو ڪڍڻ لڳو، جيڪو 6 مھينا باقاعدي نڪرندو رهيو. پوءِ بند ٿي ويو. ان کانپوءِ ڀاٽيا صاحب روهڙيءَ مان “روشني” جي نالي سان هڪ پندرهن روزه اخبار به جاري ڪئي، جا پڻ 6 مھينا نڪرندي رهي، پوءِ بند ٿي وئي.

 پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا پنھنجي علمي ادبي لياقتن سبب مختلف حيثيتن ۾ وڏن وڏن ادارن سان پڻ وابسته رهيو. جن ۾ برطانيه جي هڪ استاد تنظيم “رائل سوسائٽي آف ٽيچرس آف لنڊن” جو ميمبر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي “بورڊ آف اسٽيڊيز فار رليجنس” جو ميمبر، بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو ممتحن (ايگزامينر) ٿي رهيو. (ان وقت مئٽرڪ جي ڪورس تي سندس هڪ مضمون ‘سڌارت’ پڻ رکيل هو) اهڙيءَ ريت پاڻ هندو جنرل پئنچات شڪارپور جو پڻ ڪيترو عرصو صدر رهيو. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جو مجموعو “ٻالڪ”، “سيد قطب شاهه”، “مرڪندڙ مکڙيون”، “درويش”، “ايسر آکاڻي”، “ايئا جو آواز“”، “The pilgrim”، “ديوان ڪؤڙومل ڌرماتما”، “The Sense Of Desert”ڇپيل، جڏهن ته “ساميءَ جا سلوڪ”، “رند”، “بيدل بيڪس”، “شاعر” ۽ ٻيا ڪجهه مسودا سندس پوٽي ‘رويندر ايل. جها’ وٽ اڻ ڇپيل صورت ۾ محفوظ آهن. ان کان علاوه سندس ڇپيل سنڌي ۽ انگريزي مضمونن کي گڏ ڪري شايع ڪرائڻ جي ضرورت پڻ آهي.

11 سيپٽمبر 1965ع تي پاڪ – ڀارت جنگ کان يڪدم پوءِ سنڌ جي ھن ڀلوڙ قلمڪار کي ٻن مھينن لاءِ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو. قيد جي اذيت م بلڊ پريشر وڌڻ واري حالت کيس جهوري وڌو ۽ 30 ڊسمبر 1965ع تي سنڌ جي هن سپوتَ، جنھن پنهنجي قابليت ۽ لياقت سان علم ۽ ادب کي مالا مال ڪيو، جو شڪارپور ۾ ديھانت ٿيو. افسوس جي ڳالھه اِها آهي ته اسان مھراڻ جي ماڻڪن جو قدر وقت تي ناهيون ڪندا. مٿان وري سندن ياد ۾ جيڪا شرڌانجلي پيش ڪرڻ اسان تي فرض آهي، ان کان به پاڻ کي آجو سمجهي ويھندا آهيون. سو هھڙن انمول هيرن کي ياد ڪري نؤجوان نسل کي ٻڌائڻ گهرجي ته سنڌ ڌرتي هميشه هيرن ۽ لعلن سان ڀرپور رهي آهي، جن تي کيس هميشه فخر رهندو. سنڌ جي هن سيبتي قلمڪار کي اسان ڪجهه ڏينھن بعد (30 ڊسمبر تي) ايندڙ سندس 60 هين ورسيءَ جي موقعي تي هيءَ ننڍڙي ڀيٽا پيش ڪندي ياد ڪريون ٿا.

[email protected]