پنھنجي پاران … پيار جِي پالوٽ ۾ هر دم رُڌل ـ مقصود گل … حسيب ناياب منگي

                 قاضي مقصود گل سنڌي ادب جي انهن شاعرن ۾ شامل آهي، جن پنھنجي فڪر، احساس ۽ تخليقي سگهه سان سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئون رنگ ۽ نئين معنويت عطا ڪئي آهي. سندس شاعري صرف لفظن جو مجموعو ناهي، پر هڪ تجربو آهي، جيڪو پڙهندڙ جي دل ۽ ذهن تي گَھِرو اثر ڇڏي ٿو. مقصود گل جو نالو وٺندي ئي ذهن ۾ پنھنجي ڌرتيءَ سان بي پناھه پيار ڪندڙ  هڪ اهڙي شاعر جو تصوّر اڀري ٿو، جنھن نفيس جذبن، محبت ۽ درد جي اپٽار سان گڏ سماجي حالتن جي سچي اظھار کي قومي فرض سمجهي پنھنجي شاعريءَ ۾ اھڙي خوبصورت انداز سان پيش ڪيو، جو سندس لفظ لفظ پڙھندڙن جي دل ۾ لٿو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ موجب: ”مقصود گل بلند پايه شاعر آهي. سندس شعر ۾ فني پختگي آهي ۽ مضمونن ۾ نواڻ به آهي. هُو جيتوڻيڪ شعري روايتن جي پابندي ڪري ٿو، پر وقت جي حالت جي عڪاسي ڏاڍي اثرائتي نموني ڪري ٿو.“ (ڪتاب: ”بيت ــ سٽاءُ ۽ اوسر“ ــ ص: 559)

                 مقصود گل جي شخصيت گهڻ پاسائين هئي. هو صرف شاعر ئي نه، پر هڪ حساس انسان، سچو فڪر رکندڙ ۽ سماج جو نبض شناس ڪوي هو. سندس لکڻين ۾ انسان ۽ انسانيت جي عظمت، محبت جي پاڪيزگي ۽ سچائيءَ جي اهميت بار بار نظر اچي ٿي. پاڻ انهن قلمڪارن جي صف ۾ شامل آهي، جن وٽ ادب وندر نه پر سجاڳي ۽ جاڳرتا جو اهم ذريعو رهيو. پاڻ هر صنف تي طبع آزمائي ڪري سماجي حالتن جي عڪاسيءَ سان گڏ بامقصد پيغام ڏئي ٿو.

هِت انسانن جي بَستيءَ ۾ انسان اڪيلو بيٺو آ

لک دعوائون ايمان سَنديون، ايمان اڪيلو بيٺو آ

سَوَ ملڪ مسلمانن جا پر، ڪو سچ جو ساٿي ٿِي نه سگهيو

هِن ڌرتيءَ گولي تي هڪڙو ايران اڪيلو بيٺو آ

مقصود گل جي شاعريءَ جو بنيادي محور ۽ مرڪز انسان ۽ انساني ڪيفيتون آهن. هو محبت کي هڪ اعليٰ ۽ پاڪ انساني اڌمي طور پيش ڪري ٿو. سندس شاعريءَ ۾ محبت رڳو رومانوي جذبو ناهي، پر انساني همدردي، قربانيءَ ۽ سچائيءَ جو پيغام به آهي. هو محبت کي زندگيءَ جو اصل حُسن سمجهي ٿو ۽ ان کي پنھنجن لفظن ۾ اهڙي نموني بيان ڪري ٿو، جو پڙهندڙ پاڻ کي ان اتم ۽ پوتر احساس ۾ ٻُڏل محسوس ڪري ٿو.

ڏيئو تيل ريءَ جيئن ٻري ڪونه ٿو

تيئين ساھ توبن سري ڪونه ٿو

ڏسي گهاءَ گل ”گل“ تي شبنم رُني

سرءَ جو ڇو ٽاڻو ٽري ڪونه ٿو!

اِها ڳالهه ته اٽل آهي ته شاعر جي ذهن تي سماجي توڙي معاشي حالتن جو گَھِرو اثر ٿيندو آهي. مقصود گل جي شاعري به ڪٿي داخلي درد ۽ اداسيءَ جو اعلان آهي، ڪٿي آسپاس جي خارجي ماحول جي ترجماني آهي، ته ڪٿي اجتماعي دردن جو بيان ۽ پنھنجي ڌرتيءَ، پنھنجن ماڻهن ۽ پنهنجي ثقافت سان ٿيندڙ ناانصافين تي احتجاج آهي. اها پيڙا شخصي هجي يا اجتماعي، سندس شاعريءَ ۾ جابجا نظر اچي ٿي. شاعر جو اهو درد محض شڪايتي اظھار نه، پر سجاڳيءَ جو سڏ هوندو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪندو آهي. مقصود گل وٽ محبوب جي درد سان ڌرتيءَ جو سُور به گڏ گڏ هلي ٿو، بلڪه هڪ مزاحمتي شاعر طور هو سنڌ جي سُورَ کي محبت جي پيڙا تي ترجيح ٿو ڏئي:

درد دلبر جو به آ، پر درد ڌرتيءَ جو وڏو

شاھ جي ميلي ۾ دل پنھنجِي وڃائي روئبو

عزتن ۽ غيرتن جُون وحشتون شايد اڃا

کوڙَ وينائون، سڪينائُون لُٽائي روئبو

همتن سان دوستي جلدي رکو، نه ته دوستو!

قسمتن جي آسري ڪونڌر ڪُھائي روئبو

مقصود گل جي شاعريءَ جي هڪ اهم خوبي سندس سادي پر اثرائتي ٻولي به آهي. هن پنھنجن خيالن کي ڏکين لفظن يا ترڪيبن ۾ نه، پر سادي، سؤلي ۽ پُر اثر ٻوليءَ ۾ بيان ڪيو آهي. اها سادگي ئي سندس شاعريءَ کي عام ماڻهن جي فھم لائق بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. سندس لفظن ۾ هڪ خاص ميٺاج ۽ رواني آهي. سندس فڪر ۾ قومي سڃاڻپ جو عنصر به نمايان آهي. هو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان گَھِري ۽ غير مشروط محبت ڪري ٿو ۽ پنھنجي شاعريءَ ذريعي ان محبت جو برملا اظھار ڪري ٿو. هن پنھنجي ڀُونءِ جي حسن، ثقافت، تاريخ ۽ ماڻهن جي جذبن کي نھايت خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو آهي. سندس شاعريءَ کي پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته هو سنڌ جي سُورن جو سچو ترجمان آهي، جيڪو پنھنجي ڌرتيءَ واسين جي احساسن کي لفظن ۾ سُھڻائيءَ سان پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب رھيو.

نه ڪو اتساھه نيڻن ۾ نه ڪو ويساھه نيڻن ۾

ڏسان توکي ته پئجِي ٿو وڃي ڄڻ ساھه نيڻن ۾

عقيدو سنڌ، سچ ۽ سُونھن ۾ پختو ڄمِي بيٺو

رَهايو مون جڏهن کان آ سچل ۽ شاھه نيڻن ۾

مقصود گل جي شاعريءَ جو هڪ ٻيو اهم پھلو سندس انسان دوستي آهي. هو انسان کي مذهب، نسل يا زبان جي بنياد تي ورهائڻ بدران، ان کي هڪ گڏيل سڃاڻپ سان ڏسي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ انسانيت جي اهميت ۽ برابريءَ جو پيغام بار بار ورجائجي ٿو. هو نفرت، تعصب ۽ تڪرار جي خلاف آهي ۽ محبت، امن ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. منجهس اهڙا گُڻ پنهنجي ٻاجهاري طبيعت جي ڪري به هئا. قاضي منظر حيات، مقصود گل جي شخصيت بابت هڪ جاءِ تي لکي ٿو: ”گل ذاتي طرح محبتي ماڻهو آهي… مزاحيه، حليم طبع، سادو، صاف، وڏائيءَ کان پاڪ… سڀني سان سُھڻي نموني پيش اچي. پوءِ الائي نالي جو اثر آهي، جو گلڙن جيان چوڏس کوڙ خوشبوءِ کنڊيري ماحول کي معطر پيو بڻائيندو آهي.“ (ڪتاب: ”هڪڙو پيارو ماڻهو“ ــ ص: 138)

اختلافن جي فضا ۾ هوش سان گهارڻ سکو

همتن سان وقت واريءَ وير کي وارڻ سکو

هار ”گل“ کي خار مان ڀل يار! خارن جا وجهو

پر چمن کي سُونھَن سرسيءَ ساڻ سينگارڻ سکو

ٻوليءَ، ڊڪشن توڙي اسلوب جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته مقصود گل پنھنجي دؤر جي اهم شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن پنھنجي منفرد اسلوب ۽ اُونهي فڪر سان سنڌي شاعريءَ ۾ پنھنجو الڳ مقام جوڙيو. سندس شاعري نه صرف پنهنجي دؤر ۾ مقبول ٿي ۽ ڳائي وئي، پر اڄ به پڙهندڙن جي دلين ۾ ساڳي اهميت رکي ٿي. سندس لکڻين ۾ هڪ اهڙي دائمي ڪشش آهي، جيڪا وقت گذرڻ سان گهٽجڻ بدران وڌندي وڃي ٿي. مقصود گل سنڌي ادب جو هڪ اهڙو روشن ستارو آهي، جنھن پنھنجي فڪر ۽ فن سان نه رڳو پنھنجي عصر جي پڙهندڙن کي متاثر ڪيو، پر ايندڙ نسلن لاءِ به هڪ اهم راهه ڏيکاريندڙ سُونھون بڻجي ويو. سندس شاعري محبت، انسانيت ۽ سچائيءَ جو هڪ حسين سنگم آهي. سندس شمار سنڌ جي انهن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن جا لفظَ وقت جي سرحدن کان مٿانھان ٿي، هميشه زنده رهندا آهن. سندس ادبي خدمتون سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ هڪ قيمتي سرمايو آهن ۽ سندس نالو هميشه احترام سان ياد ڪيو ويندو.

سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو هي نامور قلمڪار، ڪوي ۽ دانشور، 15 اپريل 1950ع تي نامياري شاعر، نثر نويس ۽ استاد، سائين قاضي عبدالحئي ”قائل“ جي گهر رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، جڏهن ته سندس انتقال، 14 فيبروري 2015ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ڪالهه سائين مقصود گل جو 76 هون جنم ڏهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي تي اسان کيس ياد ڪندي سندس خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا ۽ سنڌي ادب جي هن گل کي عقيدت جا گلَ ارپيون ٿا.

پيار جي پالوٽ ۾ هر دم رُڌل،

هُو نرالو نينھن جو ڪردار هو

(ياسر قاضي)

[email protected]