سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور کي جيڪڏهن علم، ادب، ثقافت ۽ تھذيب جو گلستان سڏجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هن شھر صدين کان وٺي اهڙين هستين کي پئي جنم ڏنو آهي، جن پنھنجي علم، قلم، ڪردار ۽ سماجي خدمتن وسيلي نه رڳو شڪارپور، پر پوريءَ سنڌ جي علمي ۽ ادبي سڃاڻپ کي نئون وقار بخشيو آهي. هن ڌرتيءَ جي هوائن ۾ علم جي خوشبوءِ، شاعريءَ جو مِٺاس ۽ فڪر جي روشني هميشه زورَ شورَ سان موجود رھِي آهي. شڪارپور جي اهڙين ئي علم پروَر شخصيتن مان هڪ ممتاز نالو ــ جان محمّد ”جانڻ“ منگيءَ جو به آهي، جيڪو انهن باڪمال انسانن مان هو، جن پنھنجين سرڪاري ذميوارين کي ايمانداريءَ ۽ فرض شناسيءَ سان نڀائڻ سان گڏ علم ۽ ادب جي آبياريءَ کي به پنھنجي زندگيءَ جو اهم مقصد بڻايو. هُو سگهارو شاعر هو ۽ سندس ڪويتائون گهڻن ئي پڙهندڙن جي احساسن جي ترجماني ڪنديون هيون. سندس ڪلام پنھنجي دؤرَ جي مشھور اخبارن، رسالن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ وڏي اهتمام سان شايع ٿيو. جڏهن ته شڪارپور جي مقامي راڳين سندس ڪافيون راڳ جي محفلن ۾ ڳائي گهڻي عوامي مقبوليت حاصل ڪئي.اڄ جڏهن شڪارپور جي علمي ۽ ادبي تاريخ جا ورق اٿلايون ٿا ته جان محمد ”جانڻ“ منگيءَ جو نالو اهڙي شاعر، علم دوست ۽ باوقار انسان طور روشن نظر اچي ٿو، جنھن پنھنجي فڪر، ڪردار ۽ ادبي خدمتن وسيلي اهڙا اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن، جيڪي وقت جي گردش باوجود ميسارجي ناهن سگهيا.
جان محمّد ولد محمّد عثمان منگي، شڪارپور جي هاٿيدر واري علائقي ۾ پھرين جولاءِ 1886ع تي پيدا ٿيو. سندس خاندان شڪارپور ۾ زمينداري ڪرڻ سان گڏوگڏ علم ۽ ادب سان گَھِرو چاهه رکڻ سبب به مشھور هو. جان محمد منگيءَ کي سندس پاڙي (هاٿيدر) واري ”منگي مسجد“ ۾ قرآن مجيد جي تعليم ڏيارڻ سان گڏوگڏ ابتدائي تعليم ورنيڪيولر اسڪول نمبر 2 (موجوده جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور) مان ڏياري وئي ۽ سندس تعليم جي سلسلي کي اڳتي جاري رکڻ لاءِ کيس شڪارپور اڪيڊمي (موجوده گورنمينٽ آغا سليم هاءِ اسڪول شڪارپور) ۾ داخل ڪرايو ويو. مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول نمبر 1 (موجوده شھيد الله بخش سومرو گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور) مان پاس ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي والدين جي خواهش تي ’ايگريڪلچرل اسڪول حيدرآباد‘ مان تپيداريءَ جو ڪورس مڪمل ڪيائين ۽ ڪامياب ٿي پنھنجي شھر شڪارپور واپس وريو.1909ع ۾ روينيو کاتي ۾ داخل ٿيو ۽ شڪارپور جي نواحَ ۾ دودي پور سرڪل جو ’سپروائيزنگ تپيدار‘ مقرر ٿيڻ سان پنھنجي ملازمت جي شروعات ڪيائين. هو پنھنجي ملازمت دؤران شڪارپور جي آسپاس مير محمّد سرڪل، جھانپور سرڪل، ميران سرڪل ۽ خيرواهه سرڪل ۾ پنھنجا سرڪاري فرضَ انجام ڏيندو رهيو ۽ خيرن سان پھرين اپريل 1932ع تي 46 سالن جي عمر ۾ وقت کان 14 سال اڳ رٽائرمينٽ ورتائين. پنھنجي ملازمت دؤران نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي برطانوي سرڪار پاران کيس پھرين آڪٽوبر 1921ع ۽ 4 مارچ 1932ع تي ’آفرين ناما‘ پڻ مليا، جي سندس پونين وٽ اڄ به محفوظ آهن.
اهو به ڪو دؤر هو جو، شڪارپور ۾ هر پڙهيل لکيل گهر ۾ ڪتب خانو موجود هوندو هو، جتي روزانو سج لٿي کانپوءِ ان گهر جي سربراھن پاران سڀني گهر ڀاتين، خاص طور ٻارن سان گڏ ويھي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ ۽ ٻارن کي ڄاڻ جي کاڻ فراهم ڪرڻ جو رواج اھڙي هر گهر ۾ عام هو. جان محمّد منگيءَ جي گهر ۾ به سندس وڏڙن جي اهڙي ئي قائم ڪيل ذاتي لائبريري موجود هئي، جنھن جي ڪتابن مان استفادو ڪندي مختلف شاعرن جي ڪلام جي مطالعي جو مٿس گَھِرو اثر ٿيو. ان اڀياس واري ماحول ۾ جان محمّد منگي به ڦوهه جوانيءَ ۾ ”جانڻ“ تخلص اختيار ڪري نه رڳو ڪلام موزون ڪرڻ شروع ڪيو، بلڪه چار هم خيال سُخنورَ ڪٺا ڪري سخن جون محفلون به سينگارڻ شروع ڪيائين. مطالعي سان گڏوگڏ کيس ڪتاب گڏ ڪرڻ جو به گهڻو شوق ھو. جان محمد منگيءَ کي پنھنجي والد کان ورثي ۾ ان ڪتبخاني ۾ جيڪي ڪتاب مليا ھئا، تن ۾ پاڻ وقت به وقت اضافو ڪندو رھيو. سندس ڪتبخاني ۾ فارسي، عربي، اردو، انگريزي ۽ سنڌي ڪتابن، رسالن، اخبارن جِي بيمثال ’ڪليڪشن‘ سميت قلمي نسخا وڏي تعداد ۾ موجود ھئا. پر سندس وفات کانپوءِ اهي ڪتابَ، قلمي نسخا ۽ رسالا ڌيان نه ڏيڻ ڪري ڪجهه اڏوھيءَ جي ور چڙهي ويا، ته ڪجهه باذوق سڄڻن چوري ڪري انهن مان پنھنجي علمي اڃ اُجهائي. جان محمد ”جانڻ“ منگيءَ جا شڪارپور جي علوي خاندان مان مير علي نواز علويءَ، مير علي محمد علويءَ، شڪارپور جي سرهندي پيرن جي شاعرن ۽ اديبن مان پير رفيع الدين ۽ پير غياث الدين سرهنديءَ توڙي سنڌ ۽ بلوچستان جي مشھور شاعرن آغا صوفي ۽ سردار گل حسن خان ”زيب“ مگسيءَ سان گهاٽا واسطا هئا، جن سان هو تا عمر خط و ڪتابت جو سلسلو پڻ جاري رکندو آيو.
جان محمد ”جانڻ“ منگي روينيو کاتي ۾ پنھنجي سرڪاري ملازمت دؤران جنھن به شھر ۾ رهيو، اتي علم ۽ ادب جون محفلون سجائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رھيو. شاعرن، اديبن ۽ عالمن سان علمي لاڳاپا قائم رکيائين ۽ پنھنجي مطالعي جي شوق وسيلي هڪ نادر ڪتبخانو جوڙيائين، جيڪو سندس علم دوست شخصيت جو زندهه ثبوت آهي. جان محمّد ”جانڻ“ پنھنجي ملازمت جو ڳچ عرصو جيڪب آباد ۾ گذاريو، جتي ٿيندڙ علمي ادبي تقريبن ۾ باقاعدگيءَ سان شرڪت ڪندو رهيو. هو جيڪب آباد جي ادبي تنظيمن کان علاوه سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جو ميمبر پڻ رهيو. جانڻ جو ڪلام گهڻي ڀاڱي جيڪب آباد جي مقامي اخبارن ۽ مسٽر پوڪرداس ٿانورداس تاجرِ ڪتب شڪارپور پاران شايع ڪرايل ڪافين ۽ غزلن جي گڏيل ڪتابچن (اينٿالاجين) ۾ شايع ٿيل ملي ٿو، جنھن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس ڪلام ان دؤر ۾ ايترو ته مقبول هو، جو راڳ جي عوامي محفلن ۾ به ڳايو ويندو هو. سندس ڪليات سندس وفات کانپوءِ گم ٿي وئي ۽ سندس ٿورو گهڻو ڪلام منھنجي والد ”نقش“ ناياب منگيءَ پنھنجي ملازمت وارن ڏينھن ۾ جيڪب آباد مان هٿ ڪيو ھو.”جانڻ“ ذاتي طور، هڪ مثالي انسان، نيت جو صاف، هٿ جو سخي، ڪشاديءَ دل وارو، غريبن جو همدرد، روزي نماز جو پابند ۽ خدا جي راهه ۾ دل کولي خرچ ڪرڻ وارو منش هو. وسَ وارِي سرڪاري ملازمت ھجڻ ۽ زميندار ھئڻ جي باوجود به سندس مزاج ۾ ڪنھن به قسم جي وڏائي يا غرور ڪونه هو، بلڪه سادگي، انڪساري، سخاوت ۽ انسان دوستي سندس شخصيت جون نمايان خوبيون هيون.جانڻ منگي 10 مئي 1943ع تي ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ ”دودي ڏيٿي“ ۾ پنھنجين زمينن جي سار سنڀال لاءِ ويو، جتان واپسيءَ تي معمولي بخار سبب ٽي ڏينھن مسلسل بيمار رهڻ کانپوءِ 13 مئي 1943ع تي بنا ڪنھن طويل علالت جي اوچتو راھِه رباني وٺي، هي جھان ڏي ويو.
ڪالهه سندس 140ھون جنم ڏھاڙو گذريو. ان سلسلي ۾ اڄ اسان کيس ”پنھنجي پاران“ سندس تخليق ڪيل هن ڪافيءَ رستي ياد ڪندي ڀيٽا پيش ڪري رھيا آهيون:
سھڻا! ٻڌاءِ سائين! ملندين ڪڏهن اسان سان؟
کولي نقاب نُوري کِلندين ڪڏهن اسان سان؟
سُرهِي مون سيج ٺاهي، ڏس وارَ مون وڇايا،
کٽ تي چڙهي خلاصو وِهَندين ڪڏهن اسان سان؟
توکان جدا ٿي جاني! غمناڪ ٿي گذاريان،
گڏجي پرين! پيارا! ملندين ڪڏهن اسان سان؟
”جانڻ“ جِي جان من! اڄ نيڻئون کڻي نھاريو!
پيالو وصال وارو پيئندين ڪڏهن اسان سان!؟