پنھنجي پاران ….پھلوان پرڀا مورتي ڀوڄواڻي ….حسيب ناياب منگي

                 سنڌ اندر ملھه جو رواج ته تمام گهڻو پراڻو آهي، پر اوائلي ملھه پھلوانن جو تذڪرو اسان وٽ محفوظ نه هئڻ ڪري ان راند جا ڪيترائي ڪردارَ نئين نسل تائين پھچڻ کان رهجي ويا آهن. انھن ملھه پھلوانن جا ڪارناما جيڪي اسان لاءِ هڪ مثال آهن، انھن عمر رسيده بزرگن جي يادن ۾ اڄ به محفوظ آهن، جن کين پنھنجين اکين سان ملھه وڙهندي ڏٺو، پر ڪير ٿو ڪنھن کي ايڏو ياد ڪري! وقت جو تيز وهڪرو جيڏيءَ تيزيءَ سان پراڻا عڪس ميسارڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو، اوڏيءَ ئي تيزي سان اسان وٽان اهي جرڪڻا ڪردار به ماڻھن جي ذهنن تان پنھنجن ڌنڌلن عڪسن سميت ميساربا ويا. تاريخ جي ورقن ۾ جيڪي نالا سمائجي ويا آهن، تن جي تذڪري کي هٿ ڪرڻ ۾ ئي وقت لڳي وڃي ٿو. هوندَ اهڙو ماحول جُڙي پوي، جو اسان پنھنجي ايندڙ نسل کي تاريخ جي انهن املھه ڪردارن بابت ٻڌائي سگهون، جن سماج مان برائيءَ جي پاڙ پٽڻ ۽ پنھنجو هاڪارو ڪردار ادا ڪيو.

                 شڪارپور شھر ــ سنڌ جِي سونھن تسليم ڪيو ويندو هو. صفائي، واپار، علم ۽ ادب ته پنھنجي جاءِ تي پر صحافت، سياست، سماجي ڀلائيءَ، جاين جي خوبصورتي، ڪاٺيءَ جي ڪم، هٿ جي هنرن ۽ کائڻ پيئڻ جي شوقن سبب شڪارپور کي سنڌ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ شڪارپورين جي ڪري جيڪا مشھوري ملي، تنهن جو اندازو ڪرڻ مشڪل آهي. شڪارپور جا ماڻھو جھڙيءَ ريت زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ شڪارپور

کي ترقي وٺرائي ان جو ناماچار ڪري چڪا هئا، اهڙيءَ طرح ملھه جي ميدان ۾ به شڪارپور جو نالو بلندين تي پھچايائون. شھر جي ڪسرت گاهن اندر جيڪي پھلوانَ تيار ٿيندا هئا، سي ميدان تي اچي پنھنجو پاڻ اهڙيءَ طرح ملھائيندا هئا، جو سندن پھلوانيءَ جو چرچو هنڌ هنڌ عام ٿي ويندو هو.

شڪارپور جا پھلوانَ ڪسرت ۾ پورا هوندا هئا، مقابلن لاءِ تياريون ڪندا هئا، هارائي وڃڻ کانپوءِ ته سندن ننڊ نيڻئون حرام ٿي ويندي هئي. اظھاريندا هئا ته ايندڙ دفعي ڪنھن به صورت ۾ ميدان مارڻو آهي. ان جنون ۾ ڏينھن رات واري محنتَ، قرارِي طاقت سان سندن جسمن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيندي هئي. منجهن اها عادت عام هئي ته هو براين ۾ وڪوڙيل نؤجوانن کي خراب عادتن مان ڪڍي ڪسرت گاهن ڏانھن وٺي ايندا هئا، انھن کي ملھه لاءِ تيار ڪندا هئا ۽ جڏهن هو تيار ٿي ويندا هئا، ته کين ميدان ۾ لاهي مقابلو ڪرائيندا هئا. سندن مقابلو کٽي اچڻ تي سندن مان ۾ جشن ڪندا هئا ۽ راڳ ۽ مشاعري جو اهتمام ڪري خوشيون ملھائيندا هئا.

شڪارپور جي پھلوانن (جن کي عام طور تي شھر ۾ ’پروفيسر‘ جي لقب سان سڏيو ويندو هو) ۾ پرڀُوداس عرف پرڀا مورتي ڀوڄواڻيءَ جو نالو به بيحد مشھور هو. شڪارپور ۽  بمبئيءَ مان تعليم پوري ڪيائين ته گهروارن مٿس ڪفالت جا بارَ رکڻ شروع ڪيا. شڪارپور ۾ چبُوتري وٽ گارمينٽس جو دوڪان هلائڻ سان گڏ  سکر جي هڪ مِل ۾ ملازمت به ڪرڻ لڳو. جڏهن اتي دل نه لڳس ته نوڪري کي ڇڏي پنھنجي ڪاروبار کي ترجيح ڏئي گهر وارن کي پالڻ لڳو.

سندس ننڍپڻ وارو دؤر اهو هو، جڏھن شڪارپور سميت سموري هندوستان ۾ ملھه کي خاص اهميت حاصل هئي. مسلمانن توڙي هندن جي خاص ڏينھَن وارن، عيدن تھوارن، پِيرن فقيرن جي عرس جي موقعن تي توڙي ٻين کِلَ خوشيءَ جي ڏينھَن ۾ شڪارپور جا ماڻھو ملھه جا مقابلا ڪرائيندا هئا. اهڙن مقابلن ۾ پھلوانن کي طاقت جا جوهر ڏيکاريندي ۽ ڪسرت گاهن ۾ نفس کي ماري مات ڪرڻ واري مشق جي مھارت کي ڏٺو هئائين. اهو پھلوانيءَ وارو ماحول هن جي اکين ۾ وسي ويو. دل ۾ شوق پيدا ٿيس ته مان به پھلوان ٿيان ۽ ميدان ۾ پنھنجي واهه واهه ڪرائي شڪارپور اندر اهڙي ڪسرت گاهه جو پايو وجهان، جتان نه صرف شڪارپور جا نؤجوانَ پر سموريءَ سنڌ ۽ هندوستان جا پھلوان تيار ڪري پنھنجو ۽ شڪارپور جو نالو روشن ڪريان.

پرڀا مورتيءَ جي هڪڙي ڀاءُ ٽيڪمداس کي پنجاب ۾ نوڪري ملي ۽ هو شڪارپور مان پنجاب وڃي انجنيئر ٿي ويٺو. پنجاب ۾ سُکَ جو ساهه پٽيائين ته پنھنجن گهر وارن کي به اتي گهرايائين. گهمڻ سانگي ويل پرڀوءَ، اُتي گاما پھلوان کي ملھه وڙھندي ڏٺو ته ان مان بيحد متاثر ٿيو. پوءِ ته پڪو ارادو ڪيائين ته هر صورت ۾ محنت ڪري پھلوان ٿيڻو آهي. شڪارپور واپس اچي ڪسرتگاهن جو پاسو ورتائين. ٿورڙي وقت ۾ ئي پھلوانيءَ جي تربيت ماڻي پنھنجي ڏِيلَ جي زورَ جا جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار ٿيو. پنھنجي ديرينه خواهش کي پورو ڪندي پنھنجي ڪسرتگاهه جو پايو وڌائين. جتان ڪيترائي شاگرد تيار ڪري ميدان ۾ لاٿائين. سندس پٽ لعل چند به شڪارپور ۾ ئي پيءُ جي نگرانيءَ ۾ پھلوان بڻيو هو.

شڪارپور جو هي ناميارو پھلوان، ذاتي طور وڏيءَ دل وارو ۽ هٿ جو سخي هو. غريبيءَ ۾ به ڄڻ ته شاهوڪار هو. انسانذات جي خدمت لاءِ وٽس وڏو جذبو هو. جنھن لاءِ پنھنجي شهر جي ترقي ۽ ماڻھن جي خوشحالي عبادت مثل هئي. زلزلو ايندو هو يا ڪا وَبا ڦھلبي هئي ته پنھنجن ساٿين ۽ شاگردن جا ٽولا ٺاهي شڪارپورين جي مدد لاءِ چندو گڏ ڪندو هو. ملھه پھلوان طور سندس اؤج وارن ڏينھن ۾ ڪنھن کي به جرئت نه هئي، جو سندس اڳيان زور آوري ڪري سگهي. اهڙو سخي مرد ۽ پھلوان جيڪو پنھنجي طاقت ظاهر ڪرڻ کان اڳ واضح چوندو هو ته: “آءٌ پنھنجي طاقت تڏهن ظاهر ڪندس، جڏهن منھنجن شاگردن کان ڪو کٽي ڏيکاريندو!”

اهڙو بھادر، دلير ۽ سخي مرد ورهاڱي جي وَڍن جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ نيرَ هاريندو شڪارپور کي ڇڏي ڀارت هليو ويو، جتي وڃي مھاراشٽرا جي سھڻي علائقي ــ ‘ديولاليءَ’ ۾ آباد ٿيو. پنھنجي وطن جي سِڪ، اتي وسيلَ شڪارپورين سان ڪچھريون ڪري لاهيندو هو. نيٺ پنھنجي حياتي جون 74 بھارون گذاري 15 جون 1965ع تي ديولاليءَ ۾ ئي ديھانت ڪري ويو.اڄ 18 ڊسمبر تي اسان هن ڀلوڙ انسان ۽ ملھه پھلوان ــ پروفيسر پرڀا مورتي ڀوڄواڻيءَ کي سندس 134 هين جنم ڏينھن تي ياد ڪري رهيا آهيون.

[email protected]