شڪارپور شھر جا ڀاڳ ڀلا هئا، جو هتي سدائين اهڙن املھه ماڻڪن جو جنم ٿيو، جن ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ پنھنجي ذهانت ۽ نيڪ ڪردار سان پنھنجي نانءَ سميت پنھنجي جنم ڀوميءَ جو نالو به نروار ڪيو. سندن خيال ۽ ڪارناما ايڏا ته بلند هئا، جو هُو سڀني جي نگاھه ۾ نه رڳو ڄاڻ ۽ خدمت جي کاڻ بڻيا، پر عملي طور تي به اصلاح جو در ثابت ٿيا. اهڙي سکيا جو دان نه صرف علم، ادب، صحافت، سنگيت، ثقافت، راندين، پھلوانيءَ ۽ سياست جي شعبي ۾ عام هو، پر واپاري سکيا جي لاءِ به وڏن وڏن ناليوارن سيٺين جا دروازا غريبن لاءِ هميشه کليل رهندا هئا. شڪارپور جي انھن سچيت لوڪن منجهان سيٺ ٽيڪچند ميگهه راج آهوجا اُهو شخص هو، جنھن کي شڪارپور ۾ ورهاڱي کان اڳ هر ننڍي ٻار ٻچي سميت نؤجوان ۽ پوڙهو پڻ سڃاڻندو هو. سيٺ ٽيڪچند ميگهه راج آهوجا به شڪارپور ۾ عام ماڻھن جيان بنا ڪنھن غرور ۽ وڏائيءَ جي گهمندو هو. جڏهن به ڪنهن گهٽيءَ مان گذرندو هو ته ادب ۽ احترام وچان ماڻهو ساڻس ملندا هئا. هو تونگر هجڻ باوجود ايترو سخي ۽ ملنسار هو جو هر ڪنھن سان سلام دعا ۾ پاڻ اڳرائي ڪندو هو. شڪارپور ۾ ٻين مشھور سيٺين جيان هي به غريبن جو همدرد ۽ هڏڏوکي هئڻ سان گڏ شهر سان مخلص پڻ هو. پاڻ عوامي خدمت سان گڏوگڏ ڌرمي ڪم به وڏي چاهه سان ڪندو هو. ڌرمي ڪتاب ڇپرائي اهي ماڻھن تائين مفت ۾ پھچائڻ جي ڪمن ۾ سدائين رڌل رهندو هو. ڌرمي ميڙاڪا مچائڻ ۾ به اڳيان اڳيان هوندو هو.
سيٺ ٽيڪچند ميگهه راج آهوجا شڪارپور ۾ 15 جنوري 1872ع تي پيدا ٿيو. سندس نالو ٽيڪچند هو، جڏھن ته سندس پيءُ جو نالو ميگهه راج هو. ٽيڪچند پنھنجي ئي شھر ۾ ابتدائي تعليم مڪمل ڪري اناج ۽ ڪپڙي جو واپار ڪرڻ لڳو. کيس ان ڳالهه سان پڻ گهڻو چاھه هو ته ٻارن کي واپاري سکيا ڏيڻ لاءِ بنيادي ڄاڻ ڏيڻ وارن مڪتبن (جن کي ’اوجها‘ سڏيو ويندو هو) ۾ عام اسڪولن جھڙيون سڀ سھُولتون ميسر ڪري ڏنيون وڃن. انڪري نه صرف پاڻ ٻن اوجهن ۾ وڃي ٻارن کي واپاري ڄاڻ ڏيندو هو ۽ پڙھائيندو هو، پر هڙان وڙان سڀني اوجهن کي ڪجهه نه ڪجهه دان به ڪندو هو.سيٺ ٽيڪچند جو شڪارپور مان 1895ع ڌاري سندس پِتا ــ ميگهراج آهوجا جي نالي سان شروع ڪيل واپار ڪجهه ئي عرصي ۾ ڪراچي، رحيم يارخان، ڏهرڪيءَ ۽ بھاولپور تائين ڦھلجي ويو. ديانتداري، سچائيءَ ۽ خلوص سان ڪم ڪندو رهيو ته سندس ڪاروبار وڌندو ويو. ايستائين جو ڪراچيءَ کان انھن شھرن ۾ وڃي ڪپھه ٽاڻڻ (ڪاٽن جِننگ) جا ڪارخانا قائم ڪري ورتائين. پنھنجي ڪاروبار جي نظرداري ڪرڻ کانپوءِ کيس جيڪو به وقت ملندو هو، اهو ڌرمي شيوا ۾ گذاريندو هو. هن وٽ ڪنھن به آيل سواليءَ لاءِ انڪار ڪونه هوندو هو. هو سوين نؤجوانن کي روزگار سان لڳرائي غريب طبقي مان بک ۽ بدحالي ڏور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سدائين مصروف رهيو.
شڪارپور ۾ ته سندس نالو ڌرمي ڪمن، توڙي نيڪيءَ ۽ چڱائيءَ جي ڪرت جي حوالي سان ۽ انسانذات جي خدمت جي ڪري تمام گهڻو مشھور ٿي چڪو هو. واپار جي دنيا ۾ پاڻ ملھائڻ ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪرڻ تي شڪارپور جي ماڻھن کيس ”ڪاٽن ڪِنگ“ (ڪپھه جو بادشاهه) جو لقب ڏنو.
سيٺ ٽيڪچند، شڪارپور شھرَ واسين جي خدمت لاءِ دل کولي خرچ ڪندو هو. مختلف هنڌن تي پاڻيءَ جي فراهمي ۽ شھر اندر صحت توڙي علم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ هن تمام گهڻيون خدمتون انجام ڏنيون. شھر ۾ ڪو غريب بيمار هجي ته سيٺ ان جي مدد ڪرڻ ۾ پوئتي ڪونه هٽندو هو. آهوجا سيٺ جي سموري حياتي هندو ڌرم جي پيشوائن جي خدمت ۽ کانئن سکڻ جي حوالي سان به اوتري ئي مصروف گذري، جيتري پنھنجي واپار سان لڳن ۾. هو اڪثر وقت سَنتن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. انھن کي دعوت ڏئي شڪارپور ۽ ڪراچيءَ پاڻ وٽ گهرائيندو هو ۽ انھن کان ستسنگ ڪرائيندو هو. سندس واپاري ڪوٺيون ڌرمي بزرگن جي آستانن جو ڏيک پڻ ڏينديون هيون. نؤجوانن کي ڌرم ڏانھن راغب ڪرڻ لاءِ ساڌُن ۽ سنتن کي گهرائي ميڙاڪا ڪرائيندو هو. ٻڌايو ويندو آهي ته ڪراچيءَ ويجهو ملير ۾ سندس هڪ باغ ڏسڻ وٽان هو، جتي قسمين قسمين گل ۽ ٻوٽا هوندا هئا. اتي ٻوٽن کان علاوه سندس ’ڳئون شاله‘ ۾ ڳَئُن جي پالنا به ٿيندي هئي.
سيٺ ٽيڪچند ميگهه راج آهوجا 14 مئي 1940ع تي پرلوڪ پڌاريو ته سندس ڪاروبار، نؤجوانن جي ڌرمي سکيا ۽ سَنتن جي خدمت جا سمورا ڪم سندس صالح اولاد سنڀاليا، جن نه رڳو سندس ڪاروبار کي اڳتي وڌايو، پر نيڪيءَ جي ڪمن ۾ پڻ پاڻ ملھايو. هندوستان جو ورهاڱو ٿيو ته اهي سڀ ڪڻو ڪڻو ٿي ويا، نه ته هتي سنڌ ۾ سندن واپار هلي پئي سگهيو. کين سنڌ ۾ رهڻ لاءِ ڪنھن زور به ڪونه ڀريو. سڀ پنھنجن ڳلن تان ڳوڙها ڳاڙي پنھنجي جنم ڀوميءَ ــ شڪارپور کي ڇڏي هليا ويا.
اڄ اسان سيٺ ٽيڪچند ميگهه راج آهوجا کي سندس 154هين جنم ڏهاڙي تي ياد ڪندي، ساروڻين جي شرڌانجلي پيش ڪريون ٿا.