پن ڇڻ جي پوئين جھوٽي جھڙو نظام … اعجاز منگي

”جج نه پر انھن جا فيصلا ڳالھائيندا آھن“.

مٿيان لفظ پھريون ڀيرو ڪنھن چيا؟ ان سوال جو جواب ته گوگل وٽ به ناھي. پر انصاف جي سلسلي ۾ جڳ اندر اھو قول گذريل صديءَ جي نائين ڏھاڪي ۾ ان مھل مشھور ٿيو، جڏھن آمريڪي سپريم ڪورٽ جي خاتون جسٽس روٿ بيڊر گنسبرگ ڪنھن ڪيس جي سماعت دوران اھي لفظ ادا ڪيا ھئا، جيڪي اڄ ڏينھن تائين انصاف جي عالمي نظام ۾ ڪنھن عظيم نغاري جيان وڄندا آھن. اھي لفظ ان مھل به گونجندا آھن، جڏھن ڪنھن جج جو پنھنجي وقت جي طاقتور فرد يا ڌر خلاف فيصلو انصاف جو جھنڊو جھولائيندو آھي ۽ اھي لفظ ان مھل به پنھنجو پڙاڏو پيدا ڪندا آھن، جڏھن ڪنھن فيصلي معرفت قانون ۽ انصاف سان زيادتي ڪئي ويندي آھي. تمام وڏي انصاف يا انتھائي بي انصافيءَ جي صورتحال ۾ اھي لفظ انساني سار جي ڦرھيءَ تي پرگھٽ ٿي پوندا آھن.

                 قانون انساني تاريخ جي تمام وڏي حاصلات قرار ڏنو ويو آھي پر قانون انصاف کان سواءِ لاوارث ٻار وانگر تاريخ جي گھٽين ۾ ٻاڪاريندي ٻڌو ويندو آھي. قانون تمام گھڻو اھم ھوندو آھي پر قانون انصاف کان سواءِ اڌورو ۽ اڻ پورو ھوندو آھي. اھو انصاف ئي آھي، جيڪو قانون کي عمل جو درجو عطا ڪندو آھي.

انساني تاريخ صرف عقل، علم ۽ سائنسي ايجادن جي ڪھاڻي ناھي پر انساني تاريخ قانون ۽ انصاف جي لاءِ جدوجھد جو اھو عظيم داستان به آھي، جيڪو ھن مھل تائين مڪمل ٿي نه سگھيو آھي. ڇو ته اڄ به دنيا جا سمورا ملڪ ان اولھ جھڙا ناھن، جتي انصاف جو سج سدائين اڀريل ھوندو آھي. آمريڪا ۾ صدر جو عھدو تمام گھڻو طاقتور آھي پر اھو صدر پنھنجي ملڪ جي عدالتي نظام آڏو ڪا حيثيت نه ٿو رکي. اھوئي سبب آھي ته ملڪ جو موجوده سربراھ ڊونالڊ ٽرمپ کي پنھنجا انتھاپسند ارادا عمل ۾ آڻڻ آڏو عدالتون ھڪ اھڙي رڪاوٽ محسوس ٿينديون آھن، جن کي ھو ڪنھن صورت عبور ڪري نه ٿو سگھي. آمريڪا جي صدر ۾ به پنھنجي ملڪ جي آئين ۾ پنھنجي مرضيءَ جون ترميمون ڪرڻ جي خواھش ته جنم وٺندي به ھوندي پر آمريڪا ڏکڻ ايشيا جو اھو چٿيل ۽ چيڀاٽيل ملڪ ناھي، جتي آئين عوام وانگر مظلوم ھجي. ڀارت جي جڳ مشھور جج ايڇ آر کنا اندرا گانڌيءَ جي ايمرجنسيءَ خلاف فيصلو ڏيڻ کان ڪجھ ڏينھن اڳ پنھنجن رمارڪس ۾ چيو ھو ته، ”ملڪي آئين ۾ ڦيرگھير ڪرڻ جو اختيار ان پارليامينٽ کي به نه ھجڻ گھرجي، جيڪا ان جي خالق آھي“.

قانون کي پٿر تي ليڪو سمجھڻ وارا جج صرف ماضيءَ جو قصو ناھن. انصاف جي عالمي نظام ۾ اڄ به اھڙا منصف موجود آھن، جن جي جھلڪ انسان جي جھرندڙ جيءَ لاءِ وڏي سھاري جو سبب ٿي پوي ٿي. جيتوڻيڪ انصاف جي حوالي سان ٽين دنيا جي ملڪن جو موجوده منظرنامو سندن ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪافي حد تائين ڪمزور آھي پر يورپ ۽ آمريڪا جھڙن ملڪن جي ترقي جيڪڏھن مضبوط بنيادن تي بيٺل آھي ته ان جو اھم سبب انھن ملڪن ۾ قانون جي پاسداري يا انصاف جي فراھمي آھي. دنيا جا جيڪي ملڪ انصاف جي واٽ وڃائي ويھن ٿا، انھن کي اھا منزل نه ٿي ملي، جنھن منزل کي ماڻڻ جي تمنا ھر ملڪ جي من ۾ موجود ھوندي آھي. اھي ملڪ جن ۾ انصاف جو پرچم ڪڏھن بھ سرنگون نه ٿيندو آھي، انھن ملڪن جو ڳاٽ اونداھي رات ۾ جلندڙ مشعل وانگر اڀو ۽ اوچو ھوندو آھي. جن ملڪن ۾ حڪمرانن جي مفادن سبب انصاف جي لتاڙ ڪئي ويندي آھي، اھي ملڪ صرف اصولن جو نه پر پنھنجي سرزمين جو تحفظ ڪرڻ ۾ سوڀارا ثابت نه ٿيندا آھن. زمين جي رکوالي صرف زندہ ضمير ئي ڪري سگھن ٿا.يوناني ٻوليءَ جي عظيم ناول “رپورٽ ٽو گريڪو” ۾ ڪازانت زاڪس لکيو آھي ته، “حقيقت کي تبديل ڪري سگھين يا نه پر اھي اکيون تبديل نه ڪجانءِ جيڪي حقيقت کي ڏسن ٿيون” پر دنيا اندر جنھن ملڪ جا منصف پنھنجين اکين مٿان لالچ ۽ خوف جا کوپا چاڙھي حقيقت کي نه ٿا ڏسن، اھي ملڪ پنھنجو شان شوڪت ته ڇا پر پنھنجو وجود قائم رکي نه ٿا سگھن. عام طور تي فوجي جرنيلن کي ملڪ جو محافظ سمجھيو ويندو آھي ۽ اھا ڳالھ درست به آھي پر اھا درست ڳالھ اڌوري آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته جرنيل ملڪن جا محافظ ھجن ٿا پر جرنيلن جي تحفظ جو پھلو خارجي ھجي ٿو. فوجي جرنيل ملڪ جي سرحدن جا محافظ سمجھيا ويندا آھن پر ملڪ جا داخلي محافظ اھي جج ھوندا آھن، جيڪي انصاف جي سلسلي ۾ امير غريب يا حزب اقتدار يا حزب اختلاف ۾ ڪو امتياز نه ڪندا آھن.

لبنان جي عظيم شاعر ۽ مفڪر خليل جبران جو اھو شعر دنيا جي اڪثر ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آھي، جنھن ۾ ھن لکيو ھو ته:

”افسوس ان قوم تي جيڪا ويندڙ حڪمران کي ڌڪا ڏئي ٿي

۽ ايندڙ حڪمران جي آجيان دھل وڄائي ڪري ٿي“

ھونءَ ته ان طويل ۽ تمام خوبصورت ليک جا ٻيا لفظ به تمام حسين ۽ حقيقت جو عڪس آھن. مثال طور ھو جڏھن لکي ٿو ته:

”افسوس ان قوم تي جيڪا پنھنجو تن

پنھنجي کيتن مان اپايل ڪپھ سان ٺھيل ڪپڙي سان نه ٿي ڍڪي

يا جيڪا پنھنجو پيٽ پنھنجي اناج سان نه ٿي ڀري

يا جنھن جي مدھوشيءَ ۾ پنھنجن انگورن جو رس ناھي“

پر ان ليک جي اھي لفظ حوالن جي حوالي وڌيڪ ٿيا آھن، جن ۾ خليل جبران لکيو آھي ته:

”افسوس ان قوم تي جنھن جو حاڪم لومڙ وانگر عيار

جنھن جو فلاسافر يا مفڪر مداريءَ وانگر مڪار آھي“

جبران ان قوم تي به قياس جو اظھار ڪيو آھي، جيڪا عقيدن سان ٽمٽار ۽ ايمان کان خالي آھي.

جبران ان قوم تي افسوس کي جائز قرار ڏئي ٿو، جيڪا بدمعاشن کي ھيرو سمجھي ٿي.

جبران جي نظر ۾ اھا قوم به رحم جوڳي آھي، جيڪا خوابن ۾ عظيم ڪارناما سرانجام ڏئي ٿي.

جبران ان قوم تي به افسوس جو اظھار ڪري ٿو، جيڪا ماضيءَ جي مزارن ۾ بيھي پنھنجي عظمت جا گيت ڳائي ٿي ۽ حال سان اکيون ملائي نه ٿي سگھي.

خليل جبران پنھنجي عالمي شھرت واري ان ليک ۾ مجموعي طور تي ھڪ قوم جا سمورا اھم پھلو ۽ پاسا سمائي ٿو ۽ انھن متعلق پنھنجي تکي ۽ تلخ طنز پيش ڪري ٿو پر اھا حقيقت آھي ته جبران جي ان ڀريل جھول جھڙي ليک ۾ تمام گھڻو ھجڻ جي باوجود به ڪجھ کٽل محسوس ٿئي ٿو ۽ اھو جيڪو کٽل آھي، اھو تمام اھم آھي. اسان کي ڪنھن نقاد جي معرفت معلوم ٿي نه سگھيو آھي ته خليل جبران روسي اديب ۽ ناول نگار ٽالسٽاءِ وانگر پنھنجي لکڻيءَ کي وري وري پڙھي ان ۾ ضروري ترميمون ڪندو ھو يا نہ؟ پر جيڪڏھن خليل جبران آڏو پنھنجو اھو نظم ھڪ ڀيرو ضروري تبديليون ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو وڃي ھا ته ھو عام طور تي ٽين دنيا ۽ خاص طور تي عرب ملڪن تي فوجي حڪمرانيءَ جي حوالي سان ڪجھ اھم لفظن جو اضافو ضرور ڪري ھا. مون کي يقين آھي ته ھو عربي ٻوليءَ ۾ ڪجھ اھڙن لفظن جي چونڊ ڪري ھا، جھڙا لفظ چليءَ جي عظيم شاعر پابلو نرودا اسپينش ٻوليءَ ۾ لکيا ھئا. ھن جي جڳ مشھور آتم ڪھاڻيءَ جا اھي لفظ ناقابل فراموش سمجھيا وڃن ٿا، جڏھن ھن جي ملڪ جي بدنام جنرل پنوشي چليءَ جي چونڊيل صدر آلندي خلاف فوجي بغاوت ڪئي ھئي ۽ پابلو نرودا بيماريءَ جي بستري تي ليٽي اھي لفظ لکيا ھئا ته، “اڄ چليءَ جي فوج پنھنجي ملڪ کي فتح ڪيو آھي”. ممڪن آھي ته ڪو اھڙو خيال عرب مفڪر جي ذھن جي گھٽيءَ مان به بھار جي جھوٽي وانگر ڦيرو ڏئي گذري ھا ۽ ھو پنھنجي مشھور ليک Pity the Nation يعني “افسوس ان قوم تي” ۾ ان سوچ جو سٽون به شامل ڪري ھا، جنھن ۾ خارجي تحفظ واري فرض کي فراموش ڪري ويٺل ۽ ملڪي سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ واري واعدي کي وساري ويٺل جرنيلن ۽ آئين جو ھر صورت تحفظ ڪرڻ جو حلف کڻندڙ ججن جي حوالي سان ڪي اھڙا لفظ به شامل ھجن ھا، جن لفظن ۾ ٽين دنيا جي ڪجھ ملڪن جي مظلوم معاشرن جو اصل منظر پيش ٿيل ھجي ھا. ملڪن جا معاشرا ان مھل منتشر ٿيڻ لڳندا آھن، جڏھن انھن ملڪن ۾ ادارا پنھنجا حلف ۽ پنھنجيون حدون وساري اھڙن عملن ۾ شامل ٿي ويندا آھن، جيڪي عمل ملڪن جي خارجي تحفظ ۽ داخلي ترقيءَ کي تباھ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندا آھن.

آئين مٿان مشڪل مرحلا دنيا جي گھڻن ملڪن ۾ آيا آھن. اسان جي آڏو مغرب جا اھي ملڪ به موجود آھن، جن ۾ فوج اقتدار تي قبضو ڪيو. يونان جھڙي تاريخي ۽ عظيم ملڪ تي جيڪڏھن فوج قبضو نه ڪري ھا ته اٽليءَ جي عظيم اديب ۽ جرنلسٽ اوريانا فلاچي پنھنجو جڳ مشھور  ناول A MAN لکي نه سگھي ھا.

ترڪيءَ جھڙي اسلامي تھذيب جي عظيم سرچشمي جھڙي ملڪ مٿان فوجي راڄ لاڳو نه ٿئي ھا ته ناظم حڪمت پنھنجا عظيم نظم تخليق نه ڪري سگھي ھا پر يونان کان وڌيڪ چلي کان وٺي مغرب ۽ ترڪيءَ کان وٺي انڊونيشيا تائين مسلمان ملڪ پنھنجي ان ماضيءَ تي افسوس جو اظھار ڪري چڪا آھن، جڏھن انھن جي ملڪن ۾ آمريت ادارن جي جمھوري روح کي تباھ ڪري ڇڏيو. اڄ اھي ملڪ اکيون مھٽي بيدار ٿيل آھن ۽ اھي ماضيءَ واري غلطيءَ کي ورجائڻ جي لاءِ قطعي طور تي تيار ناھن.

عوام مٿان آمريت جو نفاذ سرد جنگ جي وڏي سياسي وبا رھي آھي. جھڙي ريت دنيا مان ٽي بي ۽ ماتا جھڙن موذي مرضن جا علاج دريافت ڪري انھن جو ذري گھٽ خاتمو آندو ويو آھي، تھڙي طرح آمريت يا نيم آمريت جو عوامي شعور سان دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ انت آندو ويو آھي پر دنيا ۾ اڄ ڪجھ اھڙا ماڳ موجود آھن، جتي جمھوريت مٿان آمريت کي غلبو حاصل آھي. اھو لقاءُ ڪٿي لڪ اڇپ ۾ آھي ۽ ڪٿي ان کي پردي جي پرواھ ناھي. ھن جديد دور ۾ سرد جنگ جو اھو سياسي مرض جنھن جنھن ملڪ ۾ آھي، پت جھڙ جي ويندڙ موسم جيان اھو ڪجھ جھوٽن جو مھمان آھي.