پهريان 2 عالمي ڪپ کٽيندڙ ويسٽ انڊيز 48 سالن بعد ورلڊ ڪپ مان آئوٽ

جُولاءِ 2, 2023

هراري(پنهجي ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪواليفائر سُپر سڪس مرحلي ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم اسڪاٽ لينڊ هٿان شڪست کائي ڀارت ۾ شيڊول عالمي ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ واري ڊوڙ مان ٻاهر ٿي وئي آهي، ورلڊ ڪپ ڪواليفائر جي سُپر سڪس مرحلي ۾ اسڪاٽ لينڊ، ويسٽ انڊيز کي ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ ٽاس کٽي پهريان مخالف ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، ويسٽ انڊين بيٽر اسڪاٽ لينڊ آڏو واري جي ڀت ثابت ٿيا ۽ ڪو به رانديگر وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي

ويسٽ انڊيز جي سڄي ٽيم 43.5 اوور ۾ 181 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، جيسن هولڊر 45 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، ٻين رانديگرن  ۾ روماريئيو شيفرڊ 36، برينڊن ڪنگ 22 ۽ نڪولس پوران 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا

اسڪاٽ لينڊ جي ميڪميلن 3، ڪرس سول، مارڪ ويٽ، ڪرس گريوس 2، 2 جڏهن ته سيفان شريف هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي

اسڪاٽ لينڊ 182 رنسن جو هدف 43.3 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ميٿيو ڪروس 74 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته برينڊن ميڪميلن بالنگ بعد بيٽنگ ۾ به 69 رنسون ٺاهيون، جيورج مئنوسي 18۽  ريچي برينگٽن 13 رنسون ٺاهيون

ويسٽ انڊيز طرفان جيسن هولڊر، شيفرڊ ۽ عقيل حسين هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي،آل رائونڊ ڪارڪردگي تي برينڊن ميڪميلن کي پلئير آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

واضح رهي ته ويسٽ سال 1975 ۽ وري 1979 جا ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪيا هئا، انکانسواءِ ويسٽ انڊيز ٻه ڀيرا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پڻ کٽي چڪي آهي پر گذريل سال هو آسٽريليا ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ به ڪواليفائي نه ڪري سگهي هئي ۽ هن دفعي ڀارت ۾ شيڊول ون ڊي ورلڊ ڪپ به ويسٽ انڊيز کانسواءِ کيڏيو ويندو

Leave A Comment