| پهرين ايشز ٽيسٽ لاءِ انگلينڊ ٽيم ۾ مارڪ ووڊ ۽ شعيب بشير شامل |
لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ آسٽريليا خلاف ايشز سيريز لاءِ 12 رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ فاسٽ بالر مارڪ ووڊ ۽ اسپنر شعيب بشير پڻ شامل آهن. مارڪ ووڊ هيمسٽرنگ انجري بعد ٺيڪ ٿيو آهي. ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪ ڪولم پڻ شعيب بشير جي ٽيڪنيڪل خوبين جي تعريف ڪئي آهي. ايشيز سيريز جو پهريون ٽيسٽ 21 نومبر کان پرٿ ۾ کيڏيو ويندو، جيڪو پاڪستاني وقت مطابق صبح 7:20 وڳي شروع ٿيندو. 12 رڪني اسڪواڊ ۾ بين اسٽوڪس (ڪپتان)، جوفرا آرچر، ايٽڪنسن، شعيب بشير، هيري بروڪ، برائيڊن ڪارس، زڪ ڪرولي، بين ڊڪٽ، اولي پوپ، جو روٽ، جيمي سمٿ، مارڪ ووڊ شامل آهن.