| پهرين جولاءِ کان پنجاب ۽ گلگت ۾ چوماسي جون برساتون |
ڪراچي (م ڊ) موسميات کاتي ملڪ جي مختلف حصن ۾ پهرين جولاءِ کان چوماسي برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. موسميات کاتي جي ترجمان موجب ملڪ جي اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير کان چوماسي برساتون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، پهرين جولاءِ کان ملڪ جي اترئين حصي ۽ پنجاب جي اتر اوڀر واري حصي ۾ برسات پئجي سگهي ٿي. ترجمان جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ في الحال چوماسي برساتن جو امڪان نظر نه پيو اچي ۽ سنڌ ۾ 5 جولاءِ تائين برسات جو ڪو به امڪان ناهي. ترجمان چيو ته بنگال نار ۾ ٺهندڙ گهٽ دٻاءُ ڪراچي سميت سنڌ ۾ مِينهُن وسائي سگهي ٿو، هن چوماسي ۾ سنڌ جي راڄڌاني سميت صوبي معمول کان گهٽ برسات پوندي. ٻئي طرف صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) مٿانهين ضلعن ۾ گليشيائي ڍنڍون ڦاٽڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. پي ڊي ايم اي موجب اپر ۽ لوئر چترال، سوات، اپر دير، ڪوهستان ۽ مانسهرا جي ضلعي انتظاميا کي اڳواٽ اپاءَ وٺڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. پي ڊي ايم اي ٻڌايو ته حساس گليشيائي علائقن ۾ لاڳاپيل ضلعي اختيارين کي هاءِ الرٽ رهڻ ۽ مسلسل نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته امدادي ادارن، مشينري ۽ هنگامي عملي کي هر وقت تيار رکڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.