| پهرين جوڊيشل انڪوائري مڪمل ٿئي: نادر جمالي ڪيس جو چالان ٻيهر رد، عدالت ڪارروائي روڪي ڇڏي |
دادو (رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو واسي نادر جمالي جي مبينا پوليس مقابلي ۾ قتل واري ڪيس ۾ عدالت ٻيهر چالان رد ڪري ڇڏيو، دادو ۾ 3 مهينا اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نادر جمالي جي ڪيس ۾ ڊي ايس پي سيوهڻ ۽ ڊي ايس پي دادو پاران ڪالهه ٻيهر عدالت ۾ چالان پيش ڪيو ، پر عدالت پيش ڪيل چالان کي رد ڪندي جڊيشنل انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين چالان جي ڪارروائي روڪي ڇڏي، عدالتي ذريعن موجب، عدالت واضح ڪيو آهي ته جيستائين جڊيشنل انڪوائري مڪمل نه ٿيندي، تيستائين ڪيس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ممڪن نه هوندي ياد رهي ته عدالت اڳ ۾ به دادو پوليس کي چالان پيش ڪرڻ کان روڪي، ٻئي ضلعي جي پوليس کان جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد پوليس پاران ٻه کان وڌيڪ ڀيرا چالان پيش ڪيو ويو، پر هر ڀيري عدالت ان کي نامڪمل قرار ڏئي رد ڪندي رهي آهي واضح رهي ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ نادر جمالي جي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، جنهن کي مقتول نادر جمالي جي وارثن سختي سان رد ڪندي ان مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏنو هو مقتول جي ڀاءُ بابر جمالي عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي مؤقف اختيار ڪيو ته سندس ڀاءُ کي مقابلي ۾ نه پر رٿابندي تحت قتل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد عدالت غيرجانبدار جاچ لاءِ ٻئي ضلعي جي پوليس کي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ٻئي پاسي، ڪيس ۾ پوسٽ مارٽم رپورٽ پڻ تڪرار جو سبب بڻجي وئي آهي، پوليس ذريعن موجب صحت کاتي جي جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ وقت تبديل ڪيو ويو، جنهن سان ڊاڪٽر تي ٽيمپرنگ جا شڪ ظاهر ٿيا آهن، ذريعن موجب پنهنجي اخبار کي پڻ ان حوالي سان اهم دستاويز هٿ لڳا آهن، جن ۾ وقت جي تبديلي بابت صرف ڄاڻ ڏنل آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته مقابلي جو وقت ۽ اسپتال ۾ داخل ٿيل وقت ۾ واضع فرق آهي، جيڪو سندن شڪن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو ته مقابلو ڪوڙو هو
| پوليس پاران الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر جوابدار ڄاڻائي ڪيس ۾ شامل |
دادو: پوليس الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر مجاهد جمالي کي جوابدار بڻائي ڪيس ۾ شامل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڊاڪٽر مجاهد جمالي پنهنجي مٿان لڳايل سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته هن ڪنهن به قسم جي ٽيمپرنگ ناهي ڪئي ۽ اهي الزام بي بنياد آهن هن وڌيڪ ٻڌايو ته هو جاچ ڪميٽي اڳيان پيش ٿيو هو، تنهن باوجود کيس رپورٽ ۾ غير حاضر ڏيکاريو ويو، جيڪا ساڻس ناانصافي آهي ڊاڪٽر موجب هن پنهنجي خلاف هلندڙ انڪوائري ۽ رليو ٿيڻ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي ٻئي طرف، ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ ۽ بار بار چالان رد ٿيڻ سبب مقتول جي وارثن ۾ بيچيني وڌي رهي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ پڻ هن معاملي تي ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي .