| پهرين حملا بند: قطر جنگبندي ڪوششن لاءِ شرط رکي ڇڏيو |
دوحا (م ڊ) قطر چوي ٿو ته سفارتڪاري صرف تڏهن ممڪن آهي جڏهن ايران حملا بند ڪري. جيڪڏهن اهي حملا بند ڪن، ته اسان سفارتڪاري ذريعي رستو ڳولي سگهون ٿا. قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري چيو آهي ته جيستائين اسان جي ملڪن تي حملا ٿي رهيا آهن امن لاءِ ڪاميٽيون جوڙي نه ٿيون سگهجن.هي وقت آهي ته اسان پنهنجي ملڪن جي حفاظت لاءِ اصولي موقف اختيار ڪريون ۽ انهن لاءِ فوري طور تي اسان تي حملو بند ڪيو وڃي. هن ايران جو شهري علائقن تي حملا نه ڪرڻ وارو موقف رد ڪندي چيو ته جنگ جي شروعات کان وٺي شهري هدفن تي حملا ۽ انهن خلاف ڌمڪيون بند نه ٿيون آهن. الانصاري چوي ٿو ته قطر بحران کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر هن وقت آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڪنهن به باضابطه ٽياڪڙي ٿيڻ جي ڪا خبر ناهي.