| پهرين سال جي شاگرد جي سنڌ يونيورسٽي ۾ اچ وڃ 6 مهينن لاءِ بند |
ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ لائبريري انفارميشن سائنس ڊپارٽمينٽ جي پهرين سال جي شاگرد علي محمد جانوري پاران ٽيچنگ اسسٽنٽ انعام مگسي مٿان مبينا طور حملو ڪيو ۽ ٻين استادن کي به ڌمڪيون ڏنيون آهن. ذريعن موجب شاگرد مبينا طور استاد کي مارڪون نه ڏيڻ تي ڌمڪيون ڏنيون ۽ ڊپارٽمينٽ جي احاطي ۾ بدنظمي پيدا ڪئي ان حوالي سان يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي جريڪو پاران ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز کي موڪليل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شاگرد جو رويو يونيورسٽي جي ضابطن جي سخت ڀڃڪڙي ۽ ڪيمپس جي سلامتي ۽ وقار لاءِ سنجيده خطرو آهي، خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته معاملي کي اسٽوڊنٽ ڊسيپلينري ڪاميٽي آڏو پيش ڪيو وڃي ۽ شاگرد علي محمد ولد علي اشرف ڄڻاڻي جي يونيورسٽي ۾ داخلا ۽ اچ وڃ تي ڇهن (06) مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وڃي. خط موجب ڪيمپس سيڪيورٽي ڊائريڪٽوريٽ ۽ بوائز هاسٽل جي انتظاميا کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته معاملي ۾ ضروري قدم کڻيا وڃن ته جيئن تدريسي عملي ۽ شاگردن جي سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي.