پهرين شادي ارينج هئي، ٻي شادي لاءِ تيار آهيان: رابي 

  پهرين شادي ارينج هئي، ٻي شادي لاءِ تيار آهيان: رابي 

 ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني  اداڪاره ۽ ڳائڻي رابي پيرزاده پهريون ڀيرو پنهنجي شادي ۽ طلاق دلچسپ انڪشاف ڪيا آهن، تازو اداڪار احمد علي بٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته مون شادي ڪئي ۽ پوءِ مون طلاق ورتي، آئون پهريون ڀيرو طلاق وٺڻ بابت ٻڌائي رهي آهيان، مون شادي شده زندگي ۾ پيش ايندڙ مسئلن سبب طلاق ورتي. ٻي شادي بابت سوال تي هن چيو ته ها، آئون ٻي شادي ڪرڻ جو ارادو رکان ٿي. پهرين شادي بابت رابي جو چوڻ هو ته سندس پهرين شادي ارينج هئي ، کيس والدين جي دٻاءُ ۾ اچي شادي نه ڪرڻ گهرجي ها.