پهرين شيخ حسينه جي حوالگي: بنگلاديشي وزيراعظم جو دهلي دورو رد

پهرين شيخ حسينه جي حوالگي: بنگلاديشي وزيراعظم جو دهلي دورو رد

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي وزيراعظم طارق رحمان جو دهلي جو دورو في الحال منسوخ ڪيو ويو آهي. بنگلاديش جي پرڏيهي وزارت چيو ته دوري لاءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. بنگلاديش جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اي ڪي ايم شاهدل ڪريم ڍاڪا ۾ پرڏيهي وزارت ۾ منعقد هڪ پريس بريفنگ دوران اهو اعلان ڪندي چيو ته اسان مطالبو ڪيو آهي ته هندستاني اختياريون شيخ حسينه ۽ ٻين روپوش ڏوهارين کي فوري طور تي واپس موڪلين ۽ شهيد شريف عثمان هادي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ٻطرفي حوالگي معاهدي تحت بنگلاديش حوالي ڪن بنگلاديش هن جواب جو انتظار ڪري رهيو آهي.