تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

پهرين عالمي جنگ لڳڻ جا سبب ….انيل ميگهاڻي

1870 ع کان يورپي قومن ۾ وڏيون تبديليون آيون، 1914ع ڌاري اهي قومون اهڙي تبديلي سان مطابقت پيدا ڪري ڪا پرامن واٽ ڳولي نه  سگهيون هيون. جنگ لڳڻ جو هڪڙو سبب تبديلي سان مطابقت پيدا ڪرڻ به ٿي سگهي ٿو، جنهن اهڙي تبديلي سان  جرمني کي منهن ڏيڻو هو، انهن ملڪن جهڙوڪ جرمني ۾ صنعتڪاري جي واڌ، صنعت طور ڪيل نون ملڪن جو واپار ۽ پنهنجي سامان لاءِ مارڪيٽون هٿ ڪرڻ، بيٺڪون ۽ اتحادي هٿ ڪرڻ لاءِ انهن ملڪن ۾ هلندڙ رقابت کي اقتصادي طور وڌائي اڃان به عروج تي پهچائي ڇڏيو هو. ٻي تبديلي هئي، قومپرستي جي تڪڙي واڌ، قومي اقتدار ۽ آزادي وٺڻ جي خواهش، جڏهن ڪا قوم پنهنجو سگهارو بحري ٻيڙو ٺاهي ته ٻين قومن  ان بحري جهاز کي پنهنجي لاءِ خطري جي علامت سمجهيو، انهي صورت ۾ هر ملڪ پنهنجي بچاءُ لاءِ نوان رستا ڳولڻ لڳو، پهريون ته انهن پنهنجن امڪاني دشمن خلاف اتحاد جوڙيا ۽ ٽيون ته انهن هٿيار گڏ ڪري فوجون ٺاهيون. اهڙي طرح ھٿيارن جي ڊوڙ شروع ٿي وئي، صنعتڪاري جي ڪري مشين گنون، ٽئنڪن، هوائي جهازون ۽ ٻيا ڪيترائي هٿيار وڏي تعداد ۾ ٺهڻ شروع ٿي ويا. صنعتڪاري، قومپرستي، بيٺڪن هٿ ڪرڻ جي چٽاڀيٽي، اتحادن جو ٺھڻ ۽ هٿيارن جي ڊوڙ گڏجي پهرين عالمي جنگ جو بنياد وڌو هو.
جنگ جا ٻيا وڏا ڪارڻ ھي به هئا ته  فرانس 1871ع ۾ پرشيا جي فوج کان هار کاڌي هئي، انهي جنگ کي 40 سال گذري وڃڻ کانپوءِ به فرانس بدلو وٺڻ لاءِ تيار بيٺو هو. ويڙھ جو هڪ ٻيو مرڪز جنگ جي سبب تباهه ٿيل بالقان جا علائقا هئا، جتي روسي ۽ آسٽريا هنگرايائي سهنشھاهتون هڪٻئي تي هٿيار تاڻيو بيٺيون هيون. روس بالقان جي رياست سربيا ۾ پنهنجن سلاوڪن جي حمايت ڪري رهيو هو ۽ آسٽريا جا هيسپبرنگ حڪمران وري سرب قومپرستي جا مخالف هئا. فرانس ۽ روس انهن تڪرارن جي دٻاءَ هيٺ جرمني ۽ هنگري جي خلاف هڪ دفاعي اتحاد جوڙيو. برطانيا جيتوڻيڪ روايتي طور يورپ جي جھيڙن کان پاسيرو بيٺو هو پر جرمني جي وڌندڙ صنعتي ۽ فوجي قوت برطانيا جا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا. جرمن فوج جي ويهين صدي جي پهرين ڏهاڪي ۾ سامونڊي فوجي قوت کي تيزي سان وڌندو ڏسي برطانيا به انهي ساڳي ڪم ۾ لڳي ويو، جرمني ۽ برطانيا اهڙي هٿيار گڏ ڪرڻ ۽ ويڙهه واري پاليسي شروع ڪري ڏني جنهن جو انت 1911ع ۾ ٿيو جڏهن جرمني جي هڪ جنگي جهاز کي موراڪو ۾ فرانسيسي فوجين سان منهن لاءِ موڪليو ويو تڏهن يورپ ڪجھه وقت لاءِ جنگ کان پاسيرو هو ، 1914ع ۾ جرمني جي فوج کي اها پڪ ٿي وئي ته هاڻي جنگ اڻٽر آھي پر سندس خيال هو ته جيڪڏهن دير سان يا هاڻي ٿيڻي ٿيڻي آھي ته جلد ٿيئي ته بهتر آھي. 
1911ع ۾ اها حالت هئي، جو وڏن ملڪن کي جنگ ڪندي 40 سال گذري چڪا هئا. ڪيترائي ماڻهو پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ موقعو ملڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. سال 1911ع جي ڀيٽ ۾ سال 1914ع جي اونهاري جي موسم ۾ عالمي سطح تي ڇڪتاڻ گهٽ ڏسڻ ۾ آئي پر 28 جون 1914 تي آسٽريا، هنگري جي تخت جي وارث آرڪ ڊيوڪ فرڊينڊ پهنجي زال صوفي سان گڏ بوسنيا جي گادي جي هنڌ سرا جيوو جو سرڪاري دورو شروع ڪيو. جنهن بعد آسٽريا 1918ع ۾ بوسنيا جي گادي تي قبضو ڪري ڇڏيو، انهي ۾ ڪجھه آبادي سربن جي هئي، تنهنڪري سرب قومپرست صوبي کي هيپسبرگ حڪومت کان آزادي ڪرائڻ لاءِ مهم هلائي رهيا هئا، بلئڪ هينڊ نالي هڪ سرب تنظيم آرڪ ڊيوڪ کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، آرڪ ڊيوڪ جي ڪار تي بم اڇلايو ويو بم ته ڦاٽو پر شاهي جوڙو بچي ويو، مطلب ته هر موڙ کان هر ملڪ جنگ جي تياري ڪري رهيا هئا ته ڪڏهن ٿي جنگ لڳي ۽ اسين به ان ۾ ڪاهي پئون.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *