ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪشمور مان اغوا ٿيل ڳورهاري عورت نازيه ۽ سندس نياڻي ڪوثر کوسو جا وارث پوليس جي روز روز جي ڏٽن مان مايوس ٿي ويا آهن
ڪنڌڪوٽ ۾ صوبائي وزير عمر سومرو سان ملاقات بعد ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي مغوي نازيه جي ڀاءُ، ماءُ ۽ ڀيڻ چيو ته پهرين ايس ايس ايس پي عرفان سمون آسرا ڏنا، ان کانپوءِ ايس ايس پي امجد شيخ ۽ هاڻي نئون ايس ايس پي به آسرا ڏئي رهيو آهي
مغوي نازيه جي ڀاءُ چيو ته احتجاج ڪرڻ تي اسان جي خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا
ٻئي طرف ايس ايس پي روحل کوسو چيو ته نازيه، سندس نياڻي ڪوثر ۽ ساگر ڪمار جلد بازياب ٿي ويندا، ڪچي ۾ هڪ وڏي آپريشن ذريعي ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو آڻينداسين