پهرين ملاقات ٿئي ها ته ايڏي ڇڪتاڻ نه هجي ها: بئريسٽر گوهر

پهرين ملاقات ٿئي ها ته ايڏي ڇڪتاڻ نه هجي ها: بئريسٽر گوهر

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته ملاقات پهرين ٿي وڃي ها ته ايتري ڇڪتاڻ پيدا نه ٿئي ها، اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 4 نومبر کان باني سان ڪنهن جي به ملاقات نه ٿي هئي، الحمد الله باني پي ٽي آءِ جي هڪ ڀيڻ جي ان سان ملاقات ٿي آهي، هن وڌيڪ چيو  ته باني کي اڪيلائي ۾ رکڻ 70 سيڪڙو عوام کي آئيسوليٽ ڪرڻ برابر آهي، اسان جي ملاقات ته ناهي ٿي پر عظميٰ خان جي ملاقات ٿي آهي هوءَ ٻڌائي ٿي ته باني بلڪل ٺيڪ آهي.