ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سامونڊي طوفان جي ڪري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جو سڄو تعلقو کارو ڇاڻ آبادي کان خالي ٿيندو
سامونڊي طوفان کان بچاءَ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، سنڌ سرڪار پاران آبادي کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي
پهريون ڀيرو سنڌ جو هڪ سڄو تعلقو کاروڇاڻ آبادي کان خالي ٿيندو، جڏهن ته ڪيٽي بندر شهر پڻ سڄو خالي ڪيو ويندو
سامونڊي طوفان جي خطري سبب تقريبن 100 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڳوٺ خالي ڪرايا ويندا ۽ سامونڊي پٽي تان آبادي هٽائي ويندي