پهلگام حملي کي هڪ سال مڪمل: ڀارت اڃا تائين ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري سگهيو: وفاقي سرڪار

پهلگام حملي کي هڪ سال مڪمل: ڀارت اڃا تائين ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري سگهيو: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطاءٌ الله تارڙ چيو ته پهلگام فالس فليگ آپريشن کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي پر ڀارت اڃا تائين پنهنجي موقف جي حق ۾ ڪو به قابلِ اعتبار ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي۔ هن چيو ته پهلگام واقعو کوکلي سوچ، بي منطقي، ڪوڙي انا، تڪبر ۽ حرص تي ٻڌل ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو، جڏهن ته هن معاملي تي اٿاريل سوالن جا ڀارت اڄ تائين تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو آهي. ڀارت پنهنجي اندروني معاملن کي بيروني رنگ ڏئي پيش ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته دهشتگردي اصل ۾ ڀارت جو اندروني مسئلو آهي، جنهن کي هو عالمي مسئلو بڻائي پيش ڪري ٿو۔ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاران پهلگام واقعي جي آزاد ۽ غيرجانبدار جاچ جي آڇ ڪئي وئي پر ڀارت ان کان ڪيٻايو، جيڪو هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهو واقعو فالس فليگ آپريشن هو۔ واقعي کان صرف ڏهه منٽن اندر ايف آءِ آر جو داخل ٿيڻ به شڪ پيدا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته واقعي واري هنڌ ۽ ٿاڻي جي وچ ۾ فاصلي کي نظر ۾ رکندي ايتري گهٽ وقت ۾ رپورٽ داخل ٿيڻ غيرمعمولي ڳالهه آهي. هن چيو ته عالمي ميڊيا، ڀارتي سول سوسائٽي ۽ ٿنڪ ٽينڪس پڻ هن واقعي تي سنجيده سوال اٿاريا آهن، عطاء الله تارڙ وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ هندوتوا نظريي تحت اقليتن، خاص طور تي مسلمانن، خلاف تشدد وڌي رهيو آهي ۽ ڀارت دهشتگردي کي رياستي پاليسي طور استعمال ڪري رهيو آهي۔ڪلڀوشن ياديوَ جي گرفتاري کانپوءِ ڀارت جي پاليسي واضح ٿي چڪي آهي، جڏهن ته پاڪستان وٽ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، جيڪي عالمي برادري سان به شيئر ڪيا ويا آهن۔