سيٺارجا(رپورٽر) سيٺارجا ويجهو پورهئي جا پئسا وٺڻ لاءِ ويل عورت تي بااثر ماڻهن مبينا طور ڪتا بڇي ڇڏيا
پوليس زخمي ٿيل عورت حسنا مڱڻيجو کي ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ ليٽر ڏئي اسپتال اماڻي ڇڏيو
متاثر عورت حسنا مڱڻيجو جو چوڻ آهي ته پنهنجي پورهئي جا پئسا وٺڻ ويس ته جوابدار پٺاڻ خان، غلام مصطفيٰ، سالار ۽ نوشاد هٿ پير ٻڌي ڪتا بڇيا
هن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته مون سان انصاف ڪيو وڃي