پورهيت خاندان سان تعلق رکندڙ ڪملا ڀيل ٿرپارڪر لاءِ وائيس چيئرمين نامزد

جُون 6, 2023

مٺي (رپورٽر) ٿرپارڪر ضلعي جي نائب چيئرمين لاءِ نامزد عورت اڳواڻ ڪملا ڀيل هڪ کيکڙي ڊرائيور انچل  ڀيل جي گهر ۾ جنم ورتو،  سندس تعلق انتهائي غريب ۽ پورهيت خاندان سان آھي جيڪا شروع کان وٺي پيپلزپارٽي جي عورت ونگ ۾ سرگرم ۽ متحرڪ رهي

 ٿر ۾ عورتن جي حقن لاءِ تنظيم توڙي مختلف غير سرڪاري فورمن تان جدوجهد ڪندي رهي ۽ سرگرم هجڻ ڪري پ پ پ کيس گذريل دور ۾ عورتن جي مخصوص سيٽ تي ضلع ڪائونسل جو ميمبر بڻايو ۽ ان کانپوءِ پ پ پ عورت ونگ ڊويزنل ميرپورخاص جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي کيس چونڊيو ويو

هن وقت به هو ڊويزن ميرپورخاص جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي مقرر ٿيل آھي

 ٻي طرف ميونسپل ڪاميٽي تي نامزد نائب چيئرمين عورت اڳواڻ سمترا منجياڻي ميگهواڙ خاندان سان تعلق رکندڙ ليڊيز ونگ جي سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ آھي جيڪا ڪافي سالن کان پ پ پ ليڊيز ونگ جي ضلعي ٿرپارڪر جي صدر رهي آھي ۽ هن وقت به ضلع صدر جي عهدي مقرر ٿيل آھي

 ٿر جي عورتن ۾ سياسي شعور ۽ سجاڳي پئدا ڪرڻ سان گڏ عورتن جي حقن لاء جدوجهدن ۾ سندس اڳواڻي وارو ڪردار رهيو آھي

Leave A Comment