پورٽ قاسم انتظاميه قبضن جي نالي ۾ 5 گهر ۽ واڙا ڊاهي ڇڏيا: ڌرڻو: قومي شاهراهه بلاڪ
ڊسمبر 10, 2024
ملير (رپورٽ: ناز شر ) پورٽ قاسم انتظاميه رزاق آباد قبضن جي نالي ۾ 5 کان وڌيڪ گهر ۽ مينهن جا واڙا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا: علائقي واسين جو ڌرڻو: نيشنل هاءِ وي بلاڪ، ان ڏس ۾ پورٽ قاسم انتظاميه سيڪيورٽي عملي ۽ پوليس سان گڏ ڳري مشنري ساڻ ڪري رزاق آباد جي غريب آباد ڪالوني ۾ پورٽ قاسم جي ملازمن جي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪندي 5 کان وڌيڪ ڪچن پڪن گهرن ۽ مينهن جي واڙن کي باهه ڏئي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، آپريشن خلاف علائقي واسي روڊن تي نڪري آيا، هنن ڌرڻو هڻي نيشنل هاءِ وي کي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي متاثرن چيو ته اسين ڪيترن ئي سالن کان هتي ويٺل آهيون پورٽ قاسم انتظاميه اسان کي قبضاگير ڄاڻائي گهر ڊاهي رهي آهي، جيڪا اسان سان زيادتي آهي، اسان پنهنجا اجها ڊاهڻ نه ڏينداسين، ٻئي طرف پورٽ قاسم انتظاميه جو چوڻ هو ته پورٽ قاسم جي ملازمن لاءِ مختص ڪيل رهائشي ڪالوني جي پلاٽن تي قبضا ڪيا ويا آهن جيڪي خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو، مظاهرين پاران هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻي بعد انتظاميه ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.