| پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي، سوئي نادرن ۽ سنڌ انجنيئرنگ بورڊز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سرڪاري ملڪيتي ادارن متعلق ڪابينا ڪميٽي اهم سرڪاري ادارن ۾ مقررين ۽ بورڊن جي ٻيهر تشڪيل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔ ناڻي وزارت جي ترجمان مطابق سرڪاري ملڪيتي ادارن متعلق ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال، وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجي خالد حسين مگسي، لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنز ۽ ريگيوليٽري ادارن جا سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسر شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران فنانس ڊويزن، ميري ٽائم افيئرز ڊويزن، پيٽروليم ڊويزن ۽ صنعت و پيداوار ڊويزن طرفان پيش ڪيل سمرين تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايجنڊا آئيٽمز جي منظوري ڏني وئي۔ جنهن ۾ فنانس ڊويزن طرفان زرعي ترقياتي بينڪ لميٽيڊ (زيڊ ٽي بي ايل) جي بورڊ لاءِ هڪ آزاد ڊائريڪٽر جي مقرري، ميري ٽائم افيئرز ڊويزن جي تجويز تي پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي جي بورڊ ۾ آزاد ڊائريڪٽرز جي مقرري، ۽ پيٽروليم ڊويزن طرفان سوئي ناردرن گيس پائپ لائينز لميٽيڊ جي بورڊ ۾ خالي ٿيل هڪ سيٽ لاءِ نامزدگي شامل هئي۔ اجلاس ۾ صنعت و پيداوار ڊويزن جون ٽن سمرين جي به منظوري ڏني وئي، جن ۾ سنڌ انجينيئرنگ (پرائيويٽ) لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي تشڪيل، اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي، سميڊا جي بورڊ ۾ پنجاب مان نجي شعبي جي هڪ ميمبر جي مقرري ۽ اسٽيٽ انجينيئرنگ ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي تشڪيل شامل آهي۔ ناڻي وزير نجي شعبي مان آزاد ڊائريڪٽرز جي چونڊ ۾ اختيار ڪيل محنت ۽ سنجيدگي جي ساراهه ڪئي هن زور ڏنو ته ان سخت چونڊ عمل کي جاري رکڻ ضروري آهي ته جيئن اهي فرد انهن ادارن ۽ ٻين سرڪاري ڪمپنين جي گورننگ بورڊن ۾ شامل ٿين جن وٽ گهربل تجربو، مهارت، ڄاڻ ۽ پيشاورانه قابليت موجود هجي۔ڪميٽي فنانس ڊويزن ۽ نجڪاري ڊويزن کي پڻ هدايت ڪئي ته نجڪاري لاءِ چونڊ سرڪاري ادارن جي زير التوا ڪيسن جو جامع جائزو، جاچ ۽ تجزيو ڪري لاڳاپيل وزارتن ۽ لا ڊويزن سان رابطو ڪيو وڃي، ۽ اهڙو طريقيڪار طئي ڪيو وڃي جيڪو انهن مسئلن جي حل کي آسان بڻائي سگهي، جيئن نجڪاري جو عمل بنا ڪنهن رڪاوٽ جي اڳتي وڌي سگهي.