پوسٽرز، بينرز ۽ پمفليٽ تي مذهبي مواد هلائڻ تي پابندي

ڊسمبر 26, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن ۽ آزاد اميدوارن لاءِ بينرز ڇاپڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. اليڪشن ڪميشن موجب مقرر سائيز کان وڏا پوسٽرز، پمفليٽ ۽ بينرز جي اجازت نه هوندي. پوسٽرن جي ڊيگهه 18 انچ ۽ ويڪر 23 انچن کان وڌيڪ نه هجي. هينڊ بل،پمفليٽ ۽ ڪتابچه 9 انچ ڊگھا ۽ 6 انچ ويڪرا ٿي سگھن ٿا جڏهن ته بينر 3 فوٽ ڊگھو، 9 انچن کان وڌيڪ وڏو نه هجڻ گھرجي. پوٽريٽ تصوير 2 فوٽ ڊگھي ۽ 3 فوٽ ويڪري ٿي سگھي ٿي هر اشتهاري مواد تي پبلشر جو نالو ۽ پتو لکڻ لازمي آهي. قرآني آيتن سوڌو مذهبي مواد شايع ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. هورڊنگز، بل بورڊز،وال چاڪنگ ۽ پيفافليڪس تي مڪمل پابندي هوندي. چونڊن مهم ۾ سرڪاري اهلڪارن جي تصوير لڳائڻ غير قانوني هوندي. ڀڃڪڙي تي اميدوار سان گڏ پبلشر خلاف به ڪارروائي ٿيندي.

Leave A Comment