ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته پولنگ بوٿ واري ڪمري ۾ ڪو به سڪيورٽي اهلڪار داخل نه ٿيندو، جيڪڏهن ضرورت پئي ته رينجرز اهلڪار اندر ويندا
حارث نواز جي نگران وزيرن سان گڏيل پريس ڪانفرنس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ سڪيورٽي ٿريٽس آهن، ڪٿي به هٿيارن جي نمائش ٿي ته سخت ايڪشن ٿيندو، اليڪشن ڪميشن کي چونڊن لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪنداسين
هن چيو ته اليڪشن ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي آهي، ڪٿي به هٿيارن جي نمائش ٿي ته سختي سان ايڪشن ورتو ويندو، اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي معاونت ڪري رهيا آهيون
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ چونڊن جون تياريون جاري آهن، سنڌ ۾ 5 هزار 954 نارمل ۽ 12 هزار کان وڌيڪ حساس پولنگ اسٽيشنز آهن، سڪيورٽي تي هڪ لک 22 هزار پوليس اهلڪار هوندا، رينجرز ۽ پوليس پولنگ اسٽيشن جي ٻاهران هوندي،اندر رڳو پولنگ عملو هوندو، جيڪڏهن ضرورت پئي ته رينجرز اندر ويندي
نگران گهرو وزير چيو ته 4 هزار 500 پولنگ اسٽيشنز تي ڪيمرا لڳائڻ جا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، پولنگ بوٿ وارن ڪمرن ۾ ڪو به سڪيورٽي اهلڪار دخل نه ٿيندو،
هن چيو ته جن پولنگ اسٽيشنز ۾ بجلي ناهي، اتي سولر لڳايا ويندا، اسان جي ڪوشش آهي ته شفاف ۽ اڻ ڌري اليڪشن ٿئي، امن امان کي بهتر بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻون پيا