| پوليس آفيسرن جي سينيارٽي بابت سنڌ حڪومت جي اپيل رد: 2019ع کان اڳ واري سينيارٽي بحال |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سنڌ پوليس جي آفيسرن جي سينارٽي بابت حڪومت سنڌ جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون آهن. جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ سنڌ سروس ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکندي 2019 کان اڳ واري سينارٽي بحال ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. عدالت سينارٽي جي بحالي کي آئيني حق قرار ڏيندي متاثر آفيسرن کي بروقت ترقي جو حقدار پڻ قرار ڏنو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 2019 واري سينارٽي لسٽ ۾ آفيسرن جي مقرري جي تاريخ تبديل ڪئي وئي، جڏهن ته ان کان اڳ ڪو به شوڪاز نوٽيس جاري ناهي ڪيو ويو، جيڪو قانون جي خلاف آهي. سپريم ڪورٽ واضح ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت جي هي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سينارٽي 1990 بدران 1991 ۽ 1992 جي مقررين سان ڳنڍيو وڃي. سنڌ سروس ٽربيونل اڳ ئي 2019 واري سينارٽي لسٽ کي غير قانوني قرار ڏيندي آفيسرن جي 1990 کان سينارٽي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪو آهي. ڪيس جو تعلق 1990 ۾ ڀرتي ٿيل اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرز جي سينارٽي سان هو، جن کي 1991 ۾ سياسي بنيادن تي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو هو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب 1994 ۾ ان وقت جي آءِ جي سنڌ آفيسرن کي سندن ابتدائي مقرري جي تاريخ کان بحال ڪيو هو، جڏهن ته بحالي وقت مالي فائدا نه ڏيڻ ۽ اصل سينارٽي برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.