پوليس اهلڪار جي آپگهات واقعي جا ذميوار ٿاڻي جي شيٽ برانچ ۽ پينشن برانچ جو عملو قرار

آڪٽوبر 30, 2023

لاڙڪاڻي ۾ پوليس اهلڪار جي آپگهات واري واقعي جا ذميوار ٿاڻي جي شيٽ برانچ ۽ پينشن برانچ جو عملو قرار ڏنو ويو آهي

ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل غلام مرتضيٰ عباسي پاران جاچ مڪمل ڪرڻ بعد رپورٽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڏانهن اماڻي وئي

لاڙڪاڻي جي الهه آباد ٿاڻي تي احتجاج طور پاڻ کي باهه ڏيندڙ هيڊ ڪانسٽيبل يعقوب دايو گذريل رات ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو

 يعقوب دايو جو مڙهه ڪراچي مان رتوديرو پهچائي اڄ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ وارثن ۽ شهرين کانسواءِ پوليس اهلڪارن به شرڪت ڪئي

وارثن موجب يعقوب دايو شوگر جي بيماري سبب وقت کان 3 سال اڳ رٽائرمينٽ جي درخواست ڏني هئي، پوليس آفيسرز رشوت طور ڳريون رقمون اوڳاڙي کائي ويا ته يعقوب دايو ٿاڻي اندر پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

فوتي اهلڪار جي پٽ عابد علي دايو چيو آهي ته منهنجي پيءُ کي ڪراچي ۾ نڌڻڪو ڪري مارايو ويو، پوليس پاران ڪا به سار نه لڌي وئي

Leave A Comment