پوليس اهلڪار کي 2 هزار رشوت وٺڻ جي ڏوهه ۾ چار سال قيد جي سزا

پوليس اهلڪار کي 2 هزار رشوت وٺڻ جي ڏوهه ۾ چار سال قيد جي سزا

نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ هر سماج ۾ نفرت سمجهيو ويندو آهي، پر ماڻهو اڃا تائين اهو ڪرڻ بند نه ٿا ڪن, تنهن هوندي به هڪ پوليس آفيسر لاءِ رشوت وٺڻ تمام مهانگو بڻجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2,000 رپين جي رقم کيس چئن سالن لاءِ جيل ۾ وجهي ڇڏيو،رشوت وٺڻ جو هي ڪيس ڀارت ۾ پيش آيو، جتي هڪ عدالت مڌيا پرديش جي هڪ پوليس آفيسر کي چيڪ بائونس ڪيس ۾ 2,000 رپيا رشوت وٺڻ جي ڏوهه ۾ چار سال قيد جي سزا کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو، ميڊيا موجب جوابدار ڪانسٽيبل وويڪ ساهو جنهن کي ڪرپشن جي روڪٿام واري قانون تحت ٽرائل ڪورٽ پاران چار سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. جوابدار فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جي سزا کي برقرار رکندي، وويڪ جا ضمانتي مچلڪا رد ڪيا ۽ کيس چار سالن لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو، پوليس ڪانسٽيبل وويڪ ساهو ديوي سنگهه نالي هڪ شخص کي چيڪ بائونس ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رشوت گهري هئي،بعد ۾ متاثر ديوي سنگهه لوڪ ايوڪتا کي شڪايت ڪئي. ان کان پوءِ لوڪ ايوڪتا ڪانسٽيبل وويڪ ساهو کي 2,000 رپيا رشوت وٺندي پڪڙيو هو