پوليس به ڀنگ وٺڻ لڳي: سجاول جوڻيجو مان اغوا ڪيل نينگر بازياب

مَي 27, 2023

سجاول جوڻيجو ( ن پ و) سجاول جوڻيجو پوليس پاران چاچي سان گڏ کنڀيل نينگر جي 15 هزارن عيوض آزاد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

سجاول جوڻيجو پوليس پيرسن محمد حسن کي 11 ورهين جي ڀائيٽي غلام ياسين ڏاوچ سميت کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو

ٻنهي جي گم ٿيڻ جون ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد پوليس محمد حسن جي گرفتاري ظاهر ڪئي هئي ۽ نينگر  بابت ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو

نينگر جي مائٽ اڪبر ڏاوچ موجب ڪجهه بااثر ماڻهن اسان سان رابطو ڪيو انهن چيو ته 20 ھزار ڏيو ته توهان کي نيگر ملي ويندو جنهن بعد اسان کان پوليس جي معرفت 15 ھزار ورتا ويا، اڄ صبح  گهر پهچي ويو، نينگر جي وارثن پوليس آفيسرن کان انصاف جي گهر ڪئي آهي

Leave A Comment