ٺل(ن پ و) ٺل پوليس صدام لاشاري جو قتل ڪيس لوڙهڻ لاءِ پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائڻ جو دڳ ڳولي ورتو آهي ۽ ايف آر اهلڪارن بدران ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي وڃڻ ڏيکاري ڇڏيو
آباد پوليس ايس ايڇ او نبي بخش جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پنهنجي اخبار صدام لاشاري جي قتل ڪيس جي داخل ڪيل ايف آءِ آر هٿ ڪري ورتي آهي
داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ پوليس موقف اختيار ڪيو آهي ته آباد پوليس جاسوسي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهتي ته مقابلو ٿيو جيڪو 10 منٽن تائين جاري رهيو
پوليس موجب مقابلي دوران جوابدار ڌر جي همراه جون دانهون ٻڌيون ته توهان جون گوليون لڳيون آهن بعد ۾ معلوم ٿيو ته هڪ هٿياربند مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ صدام لاساري طور ٿي
ايف آء آر ۾ صدام لاشاري کي بدنام ڏوهاري ڄاڻايو ويو جڏهن ته صدام لاشاري وٽان پسٽل ۽ سندس ٽن ساٿين وٽان ڪلاشنڪوف هٿ اچڻ جو به ڄاڻايو ويو آهي
پوليس موجب صدام لاشاري پوليس جي فائرنگ ۾ نه پر سندس هڪ ساٿي جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو هو مقابلي جي 5 منٽن بعد صدام لاشاري وٽ پوليس پهتي ته هو مئل هو ۽ سندس سڄي هٿ ۾ پسٽل هو
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صدام لاشاري کي چار گوليون لڳل هيون جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا هئا