پوليس جي موجودگي ۾ با اثرن جو نوجوان تي تشدد، وڊيو وائرل

جُولاءِ 22, 2023

جوهي (ن پ ا) جوهي ويجهو نوجوان کي پوليس اهلڪار جي موجودگي ۾ تشدد جو نشانو بڻايو، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته خميس واري رات هيرو خان واسي پورهيت خادم لغاري کي بااثر ڳوٺاڻن تشدد جو نشانو بڻائي رتورت ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

پٽ گل محمد ٿاڻي جي ايس ايچ او جان محمد ٻٻر رابطي تي واقعي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو ته هيرو خان پوسٽ جي حد ۾ واقعو پيش آيو آهي، جڏهن ته هيرو خان پوسٽ پٽ گل محمد ٿاڻي جي حد ۾ آھي

ايس ايچ او جي لاتعلقي کانپوءِ پنهنجي اخبار طرفان ڊي ايس پي پٽ گل محمد اختر عباسي سان رابطو ڪيو ويو آھي ته ڊي ايس پي به واقعي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو

نوجوان خادم لغاري جي سندس امڙ مسمات جئندو لغاري صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته پنهنجن رشتيدارن سان سڱاوتي مسئلو هلندڙ آھي، انهن پٽ مٿان قرآن پاڪ جي بيحرمتي جو ڪوڙو الزام هنيو آھي

امڙ جئندو لغاري چيو ته جمالي ذات جي بااثرن اچي منهنجي پٽ کي تشدد جو نشانو بڻائي پٽ گل محمد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي

هن چيو ته ٽن ڏينهن کان منهنجو نوجوان پٽ گم آھي، پوليس ظاهر نٿي ڪري، قرآن پاڪ جي بيحرمتي جو ڪوڙو الزام هڻي منهنجي پٽ کي ڦاسايو ويو آھي، هن مطالبو ڪيو ته پٽ کي آزاد ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Leave A Comment