| پوليس سلطان ۽ حبدار شاهه کي گرفتاري بعد جڙتو مقابلي ۾ ماريو: وارث |
سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل سيد سلطان شاهه ۽ اُن جي پٽ حبدار شاهه جي مارجڻ خلاف سيد برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. اِن موقعي تي سلطان شاهه جي گهرواري، نياڻي فزه، پٽ صداقت ۽ ٻين الزام مڙهيندي چيو ته پوليس گرفتاري بعد سلطان شاهه کي پٽ سميت جڙتو مقابلو ڏيکاري ماريو آهي. افسوس جو هن وقت تائين پوليس جون ذميوار اعلي اختياريون اِن معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. ٻنهي ڄڻن جي لاشن کي ريڙهي تي گهمائي تذليل ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته وڊيو ثبوتن ۾ عدالتن کان مٿانهون قتل واضع هجڻ باوجود ذميوارن خلاف ڪو قدم ناهي کنيو ويو. سنڌ حڪومت ۽ پوليس مان انصاف جي اميد ناهي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کان نوٽيس وٺي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل ماجد شاهه چيو آهي ته منهنجي سلطان شاهه سان ڪنهن به قسم جي دشمني نه هئي، هن الزام مڙهيو ته حسد ۾ اچي هن منهنجي ڀاءٌ عبدالواجد ساهه، ڀاڻيجي عديل شاهه ۽ گارڊ کي قتل ڪيو، پاڻ سان ٿيل ناانصافيءَ تي هن رب آڏو دانهيو. اُن اُنصاف ڪيو آهي.