پوليس سوڌو وفاقي ادارن ۾ ڀرتين تان ڏيڍ سال بعد پابندي ختم

پوليس سوڌو وفاقي ادارن ۾ ڀرتين تان ڏيڍ سال بعد پابندي ختم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ ٻين وفاقي ادارن ۾ ڀرتين تي پابندي وارو اسٽي آرڊر واپس وٺي ڇڏيو، جنهن بعد ڏيڍ سال کان پوليس ۽ ٻين وفاقي ادارن ۾ ڀرتين تي پابندي ختم ٿي وئي. عدالت آءِ جي پوليس کي موجوده پاليسي مطابق کاتي ۾ ڀرتين جو نئو عمل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر، جسٽس خادم حسين سومرو ۽ جسٽس انعام امين منهاس تي بديل لارجر بينچ پوليس سميت ٻين وفاقي ادارن ۾ ڀرتين تي پابندي جو اسٽي آرڊر ختم ڪرڻ جو لکت ۾ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. عدالت پهرين آگسٽ 2024ع تي جاري اسٽي آرڊر واپس ورتو. لکت ۾ جاري آرڊر مطابق ٻڌڻي دوران درخواستگذار بئريسٽر ياور گرديزي دليلن لاءِ مهلت طلب ڪئي. جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي اعتراض اٿاريو ته پوليس ۾ ڀرتين جو عمل روڪڻ سان سيڪيورٽي خدشا پئدا ٿيا آهن. عدالت ڀرتين تي پابندي وارو حڪم واپس وٺندي چيو ته نيون ڀرتيون ڪيون وڃن البته اهي ڪيس جي حتمي فيصلي سان مشروط هونديون.ڪيس جي التوا ۽ پابندي سبب جيڪي اميدوار عمر جي حد کان وڌي ويا آهن، انهن کي به نئين ڀرتين ۾ خاص رعايت ڏئي موقعو فراهم ڪيو وڃي.