سکر (رپورٽر) شهيد سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل کي هڪ هفتو گذري ويو پر مک قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا
ايف آءِ آر 6 سڃاتل، 3 نامعلوم ۽ 7 سهولتڪارن مٿان شهيد جان محمد مهر جي ڀاءُ ڪرم الله مهر جي فرياد تي داخل ٿيل آهي
ايف آءِ آر ۾ نامزد مک جوابدار شير محمد عرف شيرو مهر، نصير، قربان، روشن، مير محمد ۽ گلزار مان هڪ به جوابدار پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي
ستن سهولتڪارن مان ٽن سهولتڪارن بابر، بخشل عرف بخشو ۽ منور مهر گرفتار ٿيل آهن، ڪيس ۾ نامزد سهيل، محسن، جمال الدين عرف جمن کي پوليس هن وقت تائين گرفتار نه ڪري سگهي
صحافي برادري ۾ ڏک ۽ شديد ڪاوڙ واري لهر ڇانيل آهي، سڀاڻي قاتلن ۽ انهن جي سرپرست جي گرفتاري لاءِ ڊي آءِ جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو
ڌرڻي ۾ صحافي، سياسي، سماجي، وڪيل برادري توڙي سول سوسائٽي طرفان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي