پوليس عمران کي گهر اندران ئي گرفتار ڪيو، پي ٽي آءِ چيرمين مزاحمت نه ڪئي

آگسٽ 5, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) توشا خانا ڪيس ۾ 3 سال قيد جي سزا ملڻ بعد پنجاب پوليس عمران خان کي گهر اندر ئي گرفتار ڪيو جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين ڪابه مزاحمت نه ڪئي

پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري وقت ڇا ٿيو؟ اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب پوليس جي سيڪيورٽي ٽيم عمران خان جا گرفتاري وارنٽ کني سندس رهائش گاهه زمان پارڪ پهتي ان موقعي تي رينجرز پڻ پوليس سان گڏ هئي

پوليس ٽيم عمران خان جي سيڪيورٽي آفيسرن کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري جا وارنٽ اچي ويا آهن انڪري کيس گرفتار ڪيو ويندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس عمران خان کي گهر اندر وڃي گرفتار ڪيو ان دوران پوليس جي هڪ گاڏي اندر وئي ۽ باقي نفري ٻاهر ئي موجود رهي

ذريعن موجب پوليس آفيسرن ۽ عمران خان وچ ۾ ڪجهه دير ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن بعد پي ٽي آءِ چيرمين کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ان موقعي تي ڪابه مزاحمت سامهون نه آئي

عمران خان کي گهر اندر ئي گاڏي ۾ ويهاريو ويو ۽ پوليس ٺوڪر نيازي بيگ رستي کان موٽروي ذريعي اسلام آباد کڻي وئي جڏهن ته سندس گرفتاري وقت ڌرم پورا، جيل روڊ ۽ مال روڊ تي پوليس جي وڏي نفري  بيهاري وئي ۽ ڪنهنکي به زمان پارڪ ڏانهن اچڻ نه ڏنو ويو

Leave A Comment